ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
هن عيد تي ڪير ڪندو قرباني
هن عيد تي ڪير ڪندو قرباني
لاهي سري نفس جي وڃائي جواني
انا غرور و تڪبر و ريا ڪاري
ڪيو قربان، ختم ٿئي پريشاني
رُٺل رشتا وري وري پرچايو
بچايو رشتا آهن ميراث انساني
نفس نوايو رازي ڪري رب پرچايو
ڀاڪر پائي ڪڍودل مان بدگماني
جنهنجي دل ۾ وسندو يار هجي
ڏاڏل تنهن دل ۾ ناهي اچڻي بيماني