رشتا رُٺا پرچايو

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
عيد ملهايو عيد ملهايو
رشتا رُٺا پرچايو
نڍڙين ڳالهين تان
رُٺو رهڻ اجايو
انا عُجب ڪينو ڪميڻو
ماري مانگر نفس نوايو
دل ۾ اچي وڃي الله
ناهي ڪو پنهنجو پرايو
ڏاڏل ناهي ڏوهي ڪير
جهيڙي ۾ نه وقت وڃايو
 
دل واري ڳالهه ۔۔۔۔

اسان ته ڪنهن کان به رٺل ناهيون، جي ڪو ناراض آهي ته کيس وڃي پرچائي اينداسين
 
Back
Top