ڪتاب ”گلشڪر“ جو پيش لفظناز سنائيسنڌي ٻولي دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ شاهوڪار ٻولي آهي. علم، ادب، ڏاهپَ جا ڪيترائي پهلو منجهس موجود آهن. شاعريءَ کي ڏسجي ته هزارين ڪتابَ موجود آهن ۽ اسان جي ادب ۾ اُن جو مقام به ڪنهن درجي تي پهتل آهي. جي نثر کي ٿو ڏسجي، تڏهن به اسان جو ڪنڌ اوچو ٿيو ٿو وڃي. ڪهاڻيون، مضمون توڙي ٻين صنفن ۾ به اسان پنهنجي اُن سرمايي جو ذڪر فخر سان ڪري سگهون ٿا. اڃا به جيڪڏهن اسان جي ٻوليءَ سان ٻيائيءَ وارا ڪرتب نه ٿيندا هُجن ته اسان سان ڪو برميچي نه سگهي. هاٿيءَ ۽ ڪُئي جي ٻچن جي گڏ بيهڻ واري ڪَٿا ٻڌل هوندوَ، ته هاٿيءَ جي ٻچي کان ڪنهن پڇيو ته: ”عمر گهڻي اٿئي؟“ چي ”ڇهه مهينا“. وري ڪُئي جي ٻَچي کان پڇيئين ته ”ڀلا تنهنجي؟“ ان ويچاري پهرين هاٿيءَ جي ٻچي کي ڏٺو. وري وري ڏٺو ته پهرين لنوائڻ لڳو. سوال جي ورجاءَ تي جواب ڏيندي چيائين: ”آهي ته منهنجي به عمر ڇهه مهينا، پر لاڳيتين بيمارين هڻي ضعيف ڪري وڌو آهي.“ سو ڌرتي به پنهنجي اٿئون. تهذيب، ثقافت، ٻولي به پنهنجي، سا به مِٺڙي ۽ ميويدار. لِکت به پنهنجي، پر وڌڻ ۽ وجهڻ جا ڪيترا ئي وَسيلا ۽ ذريعا پنهنجي هٿ وَس نه ـــــ سو لاچاري ڏاڍي. تعليم جو ذريعو، جڏهن گورا حاڪم هئا، تڏهن به پنهنجي ٻولي هو. پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکي پڙهي سگهندا هئاسين. پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ ۾ جيڪو مزو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ٿو اچي، اُهو ڌاري يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ڪِٿان؟ پنهنجي اندر جو آواز يا سڙيءَ دل جا سوساٽَ، يا ڌَڪُ لڳڻ سان ئي جيڪا درديلي دانهن، دل مان اُٻڙڪو ڏئي ٻاهر نڪري پوي ۽ سدائين لاءِ اَمر بنجي پوي: مُٺِيس جَهل مَهار، ڪُٺيس ڪاهِه ۾ ڪَرهو.اِها يا اهڙيون ٻيون هزارين لاثاني ۽ لافاني سِٽون، جيڪي، درد ڀريءَ دل مان نڪري، بروقت رڪارڊ ٿي سگهيون ۽ اسان جي ٻوليءَ ۽ اُن جي ٻاجهارن لهجن کي تاريخ ۾ محفوظ رکي سگهيون. اها يا اهڙي ادائگي، سنڌي ماڻهو، ٻي ڪنهن ٻوليءَ ۾ ڪيئن پيو ڪري سگهي؟ قرآن شريف جو پهريون ترجمو، سنڌي زبان ۾ پهرين فلاڻي ماڻهوءَ ڪيو. سنڌيءَ ۾ پهريون نظم، پهريون غزل، پهريون بيت، پهرين وائي، ڪافي، فلاڻي فلاڻي چَئي. فلاڻو سنڌيءَ جو پهريون مضمون آهي ۽ فلاڻي اديب جو آهي. فلاڻو سنڌي زبان ۾ پهرين ڪهاڻي لکڻ جو اعزاز ٿو رکي. سڀ تاريخن ۾ لکيو پيو آهي.وري جي ڪا نئين دريافت ٿي ٿئي ته اڳيون لکيو ميٽجيو وڃي. شاهه لطيف تي رومي، شاهه ڪريم ۽ ٻين جو اثر آهي. شيخ اياز فلاڻن شاعرن کان متاثر ٿيو. بخاريءَ، باهه ٻارڻ لاءِ ’چڻنگ‘ فلاڻي کان ورتي. اهو به سڄو، سڀ پيا ظاهر ڪن. شاهه جي رسالي ۾ سندس ڪلام سان گڏ ٻين فلاڻن فلاڻن شاعرن جو ڪلام اچي ويو آهي. فلاڻو سُر لطيف جو ڪونهي، فلاڻي سِٽ لطيف جي ناهي، اُها اصل ۾ فلاڻي شاعر جي آهي. لڳي لڳي واءَ، ويس انگڙا ڍڪجي، پئي کڻي پساهَه، پَسڻ ڪارڻ پرينءَ جي! سڄو بيت لطيف سائينءَ جي نالي آهي، پر چون ٿا ته پهرين سِٽ لطيف سائينءَ جي والد سائين حبيب شاهه جي آهي، جيڪو ڀٽائيءَ کي ڪجهه ڏينهن کان گُم ڏسي کيس ڳولڻ نِڪتو. نظر پيس ته مارِ، لطيف جا انگ ته واريءَ ڍڪي ڇڏيا آهن، ته هڪدم چئي ڏنائين: لڳي لڳي واءَ، ويس انگڙا ڍڪجي.لطيف سائينءَ آواز سُڃاتو. ان سِٽ ۾ پنهنجي پيءُ جي دل جو درد محسوس ڪيو ته اَبو سمجهي ٿو ته لطيف ناهي رهيو. واري وَري وئي اٿس، پر لطيف سائين هڪدم چئي ٿو ته نه، مان جيئرو آهيان، پر پرينءَ جي پَسڻ لاءِ پساهَه پيو کڻان: پَئي کڻي پساهَه، پَسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.اِهو آهي سِٽَ سِٽَ جو حساب! پوءِ هي پهاڪا، چوڻيون، اصطلاح، ورجيسون، جيڪي هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾، اسان جي ٻوليءَ ۾ موجود آهن. نه رڳو موجود آهن، پر ان جي استعمال ڪندڙ کي، موقعي ۽ مهل تي ڪم اچي، ان جي ڳالهه ۽ مؤقف کي اڃا به وڌيڪ سگهاريون ٿيون ڪن. ان جو دليل ٿيون بنجن، ساٿي ۽ مددگار ٿيون بنجن. انهن پهاڪن، جن کي هُو خود پنهنجي مؤقف کي وزنائتو بنائڻ لاءِ، پنهنجي ڳالهه سان ڳنڍي ٿو، ڄڻ اِها سِٽ ئي پنهنجي ڳالهه ٿو بنائي. اُها آهي ڪنهن جي؟ استعمال ڪندڙ کي به پتو ناهي. پاڙو ته پري ٿيو، پر گهر کي به خبر ناهي. هينئن به ٿيندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪو شاعر رڙ ڪندو آهي. ادا، مون سان وڏو ظلم ٿيو آهي. نماڻي صديق مهيسر، منهنجو غزل، جيڪو فلاڻي رسالي ۾ ڇَپيل به آهي، اُهو پنهنجي نالي تي ڇپائي ڇڏيو آهي. ائين هڪ دفعو نه، کوڙ دفعا ٻڌو ۽ پڙهيو ويو آهي. غزل ۾ ڀلي هجي ڪجهه به نه، پر مالڪي ته ڪبي نه. ڪانگ کي به پنهنجا ٻچا پيارا. سو ڪيترا ئي چئي ويهندا، نڪري پوندا، دانهن ڪوڪَ ڪندا ته يارَ، اهي سِٽون ته منهنجيون اٿوَ. فلاڻو مضمون ته فلاڻي جو آهي، پر فلاڻي چوري ڪري، پنهنجي نالي سان ڇپرايو آهي. پر پَهاڪن، چوڻين، اصطلاحن، ورجيسن جي مالڪي ڪنهن ڇو نه ڪئي آهي؟ ڪڏهن ڪنهن رڳو ٻُڙڪ به ٻاهر ڪڍي آهي ته اِها ڳالهه ته ادا، منهنجي ڪيل آهي. يا ڪنهن رڳو گواهي به ڇو نه ڏني آهي ته فلاڻي چوڻي، فلاڻي چئي. نه مالڪ، نه گواهه! جنهن کي وڻي، پيو انهن کي پنهنجي دل جي ڳالهه سان ڳنڍي! سائين جي.ايم. سيد ڪچهري ڪندو هو: ”پاڪستان ٺاهڻ لاءِ هيڏا سارا جهُد پٽياسون، نه رات ڏٺيسون نه ڏينهن، پر جڏهن ڏٺوسين ته جيڪو پاڪستان اسان پيا ٺاهڻ گهرون، اُهو هي ناهي، جو مون ڀانيو هارُ، سو سورن سندو سڳڙو!“ تڏهن ئي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيونسين، دانهون ۽ ڪوڪون ڪيون. ”اُٺ تڏهن ٿي رُنا، جڏهن ٻورا ٿي سُبيا.“ پر اسان جي خيالن جي ابتڙ پاڪستان ٺهي ويو، اسان جا، پنهنجن دوستن کان رشتا ۽ راهون الڳ ٿي ويا: اُٺان ۽ مينهان دا، ڪيها ميلا، او چرن جهنگ، او چرن ٻيلا. آءٌ سوچيندو هوس، ٻيا سوچيندا هئا، مارِ، سيد سائينءَ وٽ پنهنجي مؤقف کي وزنائتو بنائڻ لاءِ ڪيڏا نه دليل آهن: جو مون ڀانيو هارُ، سو سورن سندو سَڳڙو!هڻ پنهل! سيد ڳالهه واهه جي ڪئي آهي. وري: اُٺ تڏهن ٿي رُنا، جڏهن ٻورا ٿي سُبيا.اِهو اٿوَ اسان جو سائين! ڏسو نه ڳالهه ڪيڏي نه وڏي ڪري ويو آهي. سائينءَ کي تڏهن ئي پتو پئجي ويو ۽ دانهون ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ ڏسو نه، ڇا ٿو فرمائي؟ اُٺن ۽ مينهين جو ڪهڙو ميلاپ؟ هُو چرن جهنگ ۾ ۽ هُو ٻيلي ۾، ته پوءِ ٻنهي جو ميلاپ ڪٿي ٿئي؟ ۽ پوءِ جڏهن پتو پيو ته ليلا، جنهن هار تي هِرکجي، چنيسر وڃايو، اهو ته کيس پوءِ پتو پيو ته اهو هار ڪٿي هو، اهو ته سُورن جو سڳڙو هو! اٺ تڏهن ٿي رُنا، جڏهن ٻورا ٿي سُبيا، ته سسئي پنهونءَ واري زماني جي ڳالهه آهي. ايڏي ساري وقت کان پوءِ به اُهي چوڻيون ۽ پهاڪا، پنهنجي افاديت ۽ اهميت برقرار رکيو بيٺا آهن ۽ ماڻهو، جيڪو به چاهي، جڏهن به چاهي، جتي به چاهي، اهڙا يا ٻيا ڪي به پهاڪا، پنهنجي ڳالهه، پنهنجي مؤقف کي وزنائتو بنائڻ لاءِ چئي سگهي ٿو، استعمال ڪري سگهي ٿو. نه روڪَ نه ٽوڪَ، نه ڪا بندش نه ڪا پابندي. ڪير به ڪونه چوندو ته هي جيڪا ڳالهه ٿو ڪري، ان ۾ فلاڻيون سِٽون، فلاڻي چوڻي ته سندس ڪانهي. ويتر ائين چوندا ته ڳالهه ته واهَه جي ڪئي اٿس، دليل ته واهه جو ڏنو اٿس. ٽنڊي الهيار مان شادي پيو ڪريان. مرحوم بابا سائينءَ سان ڳالهه ڪيم ته ٽنڊي الهيار مان ٿو پرڻجان. هڪدم چئي ڏنائين: ’ڪيڏانهن مُنهن مريم جو، ڪيڏانهن ٽنڊوالهيار؟‘ سوچ ۾ پئجي ويس ته بابا اهو ڇا چيو ۽ ڇو چيو؟ پوءِ وري ٻين ڪيترن ئي مختلف هنڌن تي اها چوڻي ورجائي ته چيم مارِ! هنن چوڻين ۽ پهاڪن جي ته ڪا حد ئي ڪانهي! پهاڪن ۽ چوڻين ۾ ڪيڏو علم آهي، ڪيڏو عقل ۽ ڏاهپَ آهي، اُهي ڏاهپ جون ڳالهيون ڪيون ڪنهن ۽ اُن جو پهريون رڪارڊ ڪٿي ۽ ڪهڙي نموني ٿيو؟ ان جو نه اَتو نه پتو، پر شايد اهو مُمڪن به نه هجي. ائين به ڪونهي ته اهي پهاڪا ۽ چوڻيون ڪو ٺاهڻ وارا مري ويا آهن، انهن جو ڪو ڏُڪار پئجي ويو آهي، اهڙا ذهن آهن ئي ڪونه، جو هاڻي اهڙيون چوڻيون ۽ پهاڪا جوڙين. اهو اڻ کُٽ سلسلو آهي، پيو هلي ۽ پيو هلندو، ٻولي پئي وڌندي. هاڻي آءٌ بدين ويس، اُتي هڪڙي ڪچهريءَ ۾ همراهه ٿو چوي: واهَه ڙِي سنڌ جي راڻي، جيڏانهن مرزا، تيڏانهن پاڻي! منهنجا ڪَن هڪدم کَڙا ٿيا ته همراهَه ڇا چيو؟ پڇيومانس. چي: ”ادا، سنڌ جي راڻي بينظيرشهيد جي ڪري، ماڻهن پ پ پ وارن کي ووٽ ڏنا، پر هتي ته ماڻهوءَ سان ويل لڳو پيو آهي. ٻنيون سُڪيون پيون آهن، پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي، اُڃ پيا مرون. پاڻي رڳو مرزا ذوالفقار جي ٻنين ۾ آهي، ٻي سڀ سُڃ ۽ رُڃ آهي!“ سوچيم ته هيءَ ڳالهه ته، بدين جي ڪنهن ڏولائي ۽ ڏُڪر جي سٽيل ڪئي هوندي، پر جڏهن جڏهن ڪير ٻُڌندو ته وقت ۽ تاريخ ته سدائين سندس سامهون اچي بيهندا. پهاڪا سچ به ائين ئي ٺهندا آهن. انهن ۾ ماڻهن جون دانهون ۽ درد رڪارڊ ٿيل آهن ۽ جي پوءِ اها ساڳي وارتا، ساڳي ڪينچي جيڪر ٻئي ڪنهن تي گهمي آهي ۽ هُو اها چوڻي يا پهاڪو ٻڌي ٿو ته اها ڳالهه هو پنهنجي سَمجهي ٿو وٺي ۽ پوءِ اهو سلسلو هلندو ٿو رهي، هڪ سيني کان ٻئي سيني ۾، هڪ زبان کان ٻي زبان تي ۽ پوءِ اُها سمورن ماڻهن جي زبان بنجي وئي، علائقائي حدبنديون ڪي به نه ـــــــ جتي وڃ ته ماڻهو، موقعي ۽ مهل مطابق پهاڪو يا چوڻي ڦهڪايو وِجهي. ڀاءُ عبدالوهاب سهتو، هڪڙو تخليقڪار آهي. ڪهاڻين جا يڪا سارا ٽي ڪتاب ڇپيل اٿس. گاهي ماهي، ڪنهن حوالي سان، سندس ڪهاڻيڪار هجڻ جو ذڪر پيو ٿيندو آهي. خوشي ٿيندي آهي ته يار جو پيو ذڪر ٿئي! وري جو ماڳ مٽايائين ته ڪهاڻيءَ سان وري نه مليو. اڳ ۾ ڪهاڻي لکڻ لاءِ پلاٽ پيو ڳوليندو هو. هاڻي ڪهاڻي پئي کيس ڳولي ته اُهو مُلو ملي ته جهيڙيانس، ته مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ ڪو گناهه ثواب ته ٻڌاءِ جو ايتري سزا ڏني اٿئي؟ پر وهاب وڃي ٻيا وٿاڻ وسايا! سستو ۽ سهل ڪم ڇڏي، نانگ کاڌي سَهتي وڃي پهاڪن ۽ چوڻين جي اوٽ ورتي آهي ۽ وتي ٿو انهن جي سوڌ ۽ سنوارَ ڪندو. چوندا ڪونهن ته فلاڻي پرايو ٽِٽ کڻي پنهنجي ڳئيءَ ۾ وڌو آهي! سو وهاب به ائين ڪيو آهي. چوي ٿو ته اصل ادب ۽ ٻولي جي ترقي ۽ ترويج ته آهي ئي انهن پهاڪن ۾! ڀلي انهن جي خالق جو پتو نه پوي، هڪ سِٽ جو به نه. پر جيڪو جيڪو اُن کي استعمال ڪندو، اُها چوڻي، اُها سِٽ اُن جي. وري ڪو ٻيو ڪم آڻي ته وري ان جي. ’ماسي ورائي، ڪڏهن پنهنجي ڪڏهن پرائي‘ يا ’ناني نوري جٿي ڪٿي پوري!‘ ڀُرڪڻا چڻا چٻاڙڻ ڇڏي، رُڪ جا چڻا چٻڻ جو شروع ڪيائين، ته هڪ ڏينهن ڏسان ته چاڪ وچوبند رهندڙ وهاب، ڏنڊي جي ٽيڪ تي پيو اچي. ’اڙي وهاب، هي ڇا؟‘ رڙ ڪري پڇيومانس. کِلي ٽهڪ ڏئي چيائين: ’مڙيئي ٽيڪ.‘ ۽ پوءِ ويهندي چيائين: ’هوءَ ٽيڪ واري ڳالهه ٻڌي اٿئي؟‘ چيم ’نه‘. چي: هڪڙي همراه جهونڙي رٽائرڊ، ٻئي پوڙهي جي سوالن جا جواب هن طرح پئي ڏنا: ”ڪر خبر ڄنگهن جي؟“ چي: ”ٻه ڄنگهون، ٽيون ڏنڊي جي ٽيڪ.“ ”ڀلا خبر ڏي اکين جي؟“ ”ٻه اکيون، ٽيون چشمي جي ٽيڪ.“ ”ڀلا تو وارا ڪَنَ؟“ ”ٻه ڪن، ٽين مشين جي ٽيڪ.“ ”ڀلا گنوهرَ خان جو پَتو؟“ ”هڪڙو گنوهر خان، ٻي آڱر جي ٽيڪ.“ ته وٺي کلياسين ۽ ائين ٽيڪن شيڪن تي گُذارو ڪرڻ کان پوءِ به هُن پهاڪن ۽ چوڻين کي سَموهڻ، گڏ ڪرڻ ۽ تشريح لکڻ جو جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو لاجواب ڪم آهي. ڪهاڻين جا روز پيا ڪتاب اچن، شاعريءَ جو ڪاٿو ڪونهي، ٻين موضوعن تي به کوڙ سارا ڪتابَ پيا اچن. پهاڪن تي اسان جي زبان ۾ وري ايترا ڪتابَ آيل آهن جو ڪو پڇي وجهي ته ڦر ڦر ڪري ٻڌائي وٺبا. وڏو ليکو ته آهي ڪونه! ٻڌائڻ ۾ دير ئي نه لڳندي. اِهو ته وهاب سهتو آهي، جنهن نور نچوئي، راتين جي ننڊ ڦِٽائي، ڏينهن جا پُر لطف نظارا ڏسڻ ڇڏي، پهاڪن کي پئي ڳوليو آهي ۽ هُن اهو سڄو ڪم ايڏي ايمانداري ۽ ديانتداريءَ سان ڪيو آهي، جو مان سندس اُن ديانتداري ۽ ايمانداريءَ جو اکين ڏٺو گواهه آهيان. انجنيئر آهي، صاحب ماڻهو. جتي وڃي ته ماڻهو مٿس اعتبار ڪري، پنهنجي سڄي زندگيءَ جي ڪمائي، پونجي، پهاڪن سان ڀريل پٺارڪ کڻي ان جي اڳيان ڇڏي اٿس ته ابا کڻ، تون ئي ان جو والي ۽ وارث آهين ۽ الله ٿو ڄاڻي ته هُن ان مان ذرو به ضايع نه ڪيو آهي، ڪنهن جو به پورهيو نه وڃايو آهي. حالانڪه پهاڪا ۽ چوڻيون ته وڏي ملڪيت هوندي به لاوارث، پر وهاب اهو ڏکيو پورهيو، جيڪو پاڻ ڪيو، انهن تي محنت ۽ سنوارَ جو ڪم ڪيو، ان جي تشريح پاڻ لکي. سمجهه ۾ نه آيس ته پيو پُڇندو، هِتان هُتان. ماڻهو چوندا ته وائڙو آهي ڇا؟ ۽ جيستائين، ڪنهن پهاڪي ۽ چوڻيءَ جي باري ۾ سندس ذهن ۾ اٿيل سوالن جو تسلين ڀريو جواب نه مليو، تيستائين سندس وائڙپَ ۽ پڇا ڳاڇا وارو عمل جاري، جيسين وڃي سهتو مطمئن ٿئي ۽ ڳالهه سندس دل سان لڳي. ’خيرپور ميرس جا پهاڪا ۽ چوڻيون‘ مضمون جڏهن ڪينجهر ۾ ڇپيو ۽ سندس ڪتاب ’اُترادي پهاڪا ۽ چوڻيون‘ ۾ پڻ آيو ته ان جي مٿان ئي لکيائين ته ’مرحوم عبدالرحمٰن چنا صاحب جي ڪاپيءَ تان کنيل.‘ ان مضمون جي شروع ۾ جيئن پاڻ لکي ٿو. مان چاهيان ٿو ته اُهو سڄي جو سڄو هتي آڻيان. جنهن سان نه رڳو سندس عاليشان نثر جو پتو پوي ٿو، پر ايمانداري ۽ ديانتداريءَ جو به، نه ته عبدالرحمٰن چنا ته ويچارو پنهنجو ڪيل ڪم نه مڪمل ڪري سگهيو، نه ڇاپائي ئي سگهيو. اها حسرت سانڍي هليو ويو، پر وهابَ ان جي ڪاپيءَ جو ذڪر ڪري، ان کي هڪ طرح سان زنده ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ انهن پهاڪن جي تشريح به هُن پاڻ ڪئي ۽ پهاڪن/ چوڻين جي سوڌ سنوار به ڪئي ۽ ان مضمون جي مهڙ ۾ هِن طرح لکيو: خيرپور ميرس جا پهاڪا ۽ چوڻيون(مرحوم عبدالرحمان چنا صاحب جي ڪاپيءَ تان کنيل)اپريل 2001ع ڌاري، قاسميه لائبرريءَ ۾، سائين محمد ادريس سومرو صاحب، ڪچهري ڪندي ٻڌايو: ”ماستر عبدالرحمان چنا، پير ڳوٺ واري کي اوهان سان ملڻ جو ڏاڍو شوق آهي. مون کان اوهان جي لاڙڪاڻي واري ايڊريس گهريائين. مون وٽ ڪانه هئي، تنهنڪري ڪانه ڏني مانس!“ ”پر... مان ته کيس سڃاڻان ئي ڪونه.“ حيرت مان ورندي ڏني مانس. ”هتي آيو هيو.“ سائينءَ ڳالهه کي اڇو ڪندي ٻڌايو: ”کيس پهاڪن وغيره گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي. گڏ به ڪيا اٿائين. اوهان جي شوق بابت کيس ٻڌايم ته ملاقات ڪرڻ لاءِ اشتياق ڏيکاريائين. ايڊريس به طلب ڪيائين. مون وٽ نه هئڻ جي ڪري، پنهنجي ايڊريس ڏئي ويو آهي.“ سائينءَ سندس ايڊريس ڏيندي تاڪيد ڪيو: ”لاڙڪاڻي پهچي، کيس خط ضرور لکجو.“ لاڙڪاڻي پهچي، حڪم جي تعميل ڪيم. ستت ئي جواب پهتو. ملاقات ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني هئائين. خط وڪتابت هلندي رهي. هر خط ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ دعوت ۽ ڇپيل ڪتابن بابت معلومات پئي ڪيائين. انهيءَ دوران، ڪهاڻين جو ڇپيل مجموعو ”هٿ جي وڍي“ کيس موڪليم. پڙهڻ پڄاڻان، ڪتاب جي تعريف به ڪيائين ۽ پهاڪن/چوڻين جي ڪتاب جي تقاضا به ڪيائين. پهاڪن بابت ڪوبه ڪتاب ڇپيل صورت ۾ موجود نه هو، جنهنڪري کيس موڪلي نه سگهيس. جون 2001ع جي شروعاتي تاريخن ۾ رتيديري مان فون آئي. ڳالهائيندڙ بنا تعارف ڪرائڻ جي چيو: ”اوهان سان عبدالرحمان چنا صاحب ڳالهائڻ چاهي ٿو.“ ”ملايو!“ کيس چيم. ”ڪراڙپ ۽ ضعف اٿم.“ عليڪ سليڪ کان پوءِ عبدالرحمان چنا صاحب فون تي چوڻ لڳو؛ ”ايڏانهن اچي نه ٿو سگهان. هتي ويجهو پهتو آهيان، ضرور ٿي وڃو.“ رتوديرو منهنجي حد نه هئي. فرصت به ڪانه هئي، تنهنڪري وڃي نه سگهيس. جولاءِ ڌاران فون ڪيائين: ”مان مڙهو، پاڻ کڻائي لاڙڪاڻي اچان ٿو، ڪٿي ملندؤ؟“ گهر جي ايڊريس ڏئي چيومانس. اتي واري آفيس ۾ احمد علي مگسيءَ وٽ پهتو. ساڻس ملاقات ۽ مانيءَ لاءِ هڪ ڪلاڪ؛ ٽين کان چئين تائين نڪري سگهيو. روبرو پهرين ملاقات هئي. ڪچهري به ٿي ۽ پهاڪن/چوڻين جي لغت وارو قلمي مسودو به کيس ڏيکاري سگهيس. ڏسڻ بعد چيائين: ”اکر تمام سنها آهن. فوٽو اسٽيٽ ۾ چٽا نه ايندا، نه ته جيڪر فوٽو ڪاپي ڪرائي کڻي وڃان ها. افسوس! عمر جي آخري حصي ۾ نظر ايڏي چٽي ناهي.“ اَسي سالن جي عمر هئڻ جي باوجود بنا چشمي جي هليو چليو پئي. ڄنگهه ۾ ٿورو لڱ هيس، جنهنڪري هلڻ ۾ تڪليف هيس. خيالن جي ڏي وٺ دوران خبر پئي ته پاڻ به ڪي ڪتاب سهيڙيا اٿائين، جيڪي ڇپجي نه سگهيا اٿس. ڏسڻ جي خواهش ڏيکاريمانس ته خوش به ٿيو ۽ دعوت ڏيندي چيائين: ”اوهان منهنجي محنت جو معائنو ضرور ڪيو. ان لاءِ وقت به ڪڍو. ڪي ٻه چار راتيون مون وٽ هلي ڪنگريءَ ۾ رهو، منهنجي دعوت به قبول ڪيو.“ ”ايڏو وقت ڪڍڻ مشڪل آهي.“ کيس پنهنجي مجبوري ظاهر ڪندي ٻڌايم؛ ”باقي جڏهن هاڻي ٻيهر پير ڳوٺ وڃو ته هٿ وارا قلمي نسخا ضرور کڻي اچجو. رتيديري ۾ ئي ڏسي وٺنداسين.“ ان لاءِ آماده ٿيو ۽ موڪلائي هليو ويو. ڏهن ڏينهن کان پوءِ رتيديري فون ڪيم. سندس ڀائيٽي محمد يوسف کنئي. تعارف ڪرايومانس ته يڪدم سهڪندي ٻڌايائين: ”چاچا کي اوهان سان ملڻ جو ڏاڍو شوق هيو. ڪتابن جو ٻورٽو به پير ڳوٺ مان کڻي آيو هيو. اوهان کي فون ڪرڻ لاءِ آياسين پئي، ته اوچتو دل ۾ سور پيس. پنج منٽ ٿيا جو ٽيڪسي ڪري کيس سکر موڪليو اٿم. اتي منهنجو ڀائٽيو محمد رمضان چنا ڊاڪٽر آهي، ان جي دوا لڳندي اٿس. شام تائين، جيڪو احوال مليو، اوهان کي ٻڌائينداسين.“ ٻه ڏينهن رکي ”ٽيپو لائبرري“ ڪنگريءَ واري سرنامي تي خط لکيومانس. موٽ ۾ فون ڪيائين. ٻيهر فون ڪيم ته سندس ڀائٽين ٻڌايو: ”چاچي جي آخري خواهش آهي ته اوهان مولوي محمد ادريس سان گڏجي هڪ رات لاءِ پير ڳوٺ اچو. اوهان کي اکين سان ڏسڻ چاهي ٿو ۽ ڪچهري ڪرڻ گهري ٿو.“ سائين ادريس صاحب سان ڪنڊيارو رابطو ڪيم ۽ رتيديري ۾ محمد يوسف سان، سکر ۾ ڊاڪٽر محمد رمضان چنا سان پڻ رابطو ٿيو. پروگرام طئي ڪري، ٻئي ڏينهن شام جو سکر پُڳاسين. سائين ادريس صاحب نه ملي سگهيو. وڌيڪ نه ترسياسين ۽ نڪري پياسين. رات ڌاري پير ڳوٺ پهتاسين. محترم عزيز الله بروهي صاحب، جنهن جو ڪتاب ’خالق جون سائنسي ڪاريگريون‘ به ڇپيل آهي، رات جي نماز تي موجود هيو. ساڻس محمدپور اوڍو ۾ ملاقات پڻ ٿيل هئي، جتي خبر پئي ته سائين عبدالرحمان چنا صاحب جو اصل ڳوٺ به محمدپور اوڍو تعلقو ڳڙهي خيرو ضلعو جيڪب آباد هيو. مانيءَ بعد، عزيز الله صاحب ته آرامي ٿيو. يارهين ڌاران سائين ادريس صاحب سکر مان ٽيڪسي ڪرائي پُڳو. اڌ مُنو ڪلاڪ گڏيل ڪچهري هلي. بعد ۾ سائين عبدالرحمان چنا صاحب سان رات جو ٽين بجي تائين نويڪلي ڪچهري هلي ۽ سندس هٿ لکيل ڪتابن تي ٽيڪا ٽپڻي پڻ ٿي. ساڍين پنجين بجي فجر نماز لاءِ اٿياسين. چانهه پيتيسين. لائبرري ڏسڻ لاءِ زور ڀريائين. گهر جي ڪوٽ ۾ هئي. پردو ڪرائڻ پڄاڻان اندر وياسين. ڇهين ڌاري چانهن پي موڪلايوسين. سائين ادريس صاحب سڌو خيرپور ويو. اسان رتيديري پهتاسين، جتان ويگن ۾ لاڙڪاڻي اچي پهتم. هفتي کان پوءِ، جمعي جي صبح جو ڇهين بجي ڌاري، رتيديري کان محمد يوسف فون ڪئي؛ ”چاچو عبدالرحمان چنا صاحب، خدا تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو آهي. انا لله وانا اليه راجعون. جمعي نماز کان اڳ جنازي نماز ٿيندي، اوهان کي اطلاع هجي.“ افسوس! عدم فرصت سبب وڃي نه سگهيس. سندس ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ، سندس ئي چوڻين واري نوٽ بوڪ تان ڪجهه چوڻيون ۽ پهاڪا الفابيٽ ترتيب ڏئي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ پيش ڪجن ٿا. ساڳي طرح ’جيڪب آباد جا پهاڪا ۽ چوڻيون‘ وري نياز سرڪي سودائيءَ جي ڏنل ڊائريءَ تان، ’شڪارپور جا چند پهاڪا ۽ چوڻيون‘ نقش ناياب منگيءَ کان، ’ماٿيلي/ اوٻاوڙي جا پهاڪا ۽ چوڻيون‘ پروفيسر محمد فاضل شيخ وٽان هٿ ڪيائين. ’حيدرآباد جا پهاڪا ۽ چوڻيون‘ عبدالحسين نظاماڻيءَ جي نوٽ بُڪ تان ورتل، ’ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ جا پهاڪا‘ حبيب سنڌيءَ جي ڪتابَ مان کنيائين. ٿري پهاڪا رامچندر سانبيراهه وٽان، ۽ اهڙا ٻيا ڪيترا ئي ۽ انهن جي مُهڙ ۾ ئي انهن جا نالا لکيائين ته هي مواد فلاڻن وٽان مليو. هُن انهن پهاڪن ۽ چوڻين جي به تشريح پاڻ لکي ۽ پاڻ ئي انهن جي ترتيب ۽ تدوين ڪئي، پر هُن انهن جي گڏ ڪيل پهاڪن ۽ چوڻين تي انهن جو نالو به ڏنو، حالانڪه جيڪر پاڻ ائين نه ڪري ها، ته ڪير کيس چوي ڪجهه به ڪونه ها. هي ’گل شڪر‘ ڪتاب، جيڪو ديوان ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻي 1869ع ۾ جوڙيو ۽ سرڪار کي تيار ڪري ڏنو، ته ڇپرايو وڃي. اهو به عرصي تائين ڪٻٽن جي زينت بڻجڻ کان پوءِ ظاهر ٿيو ته ان کي پهاڪن جي اوائلي ڪتاب طور مڃتا ملي. وهابَ، هندڪي ٻارَ کي کڻي پنهنجي گود ورتو ۽ ڪتابَ جي سوڌ سنوار جو ارادو ڏيکاريائين ۽ اها رڪاوٽ پيو سمجهي ته ان کي سنڌي ادبي بورڊ ڇاپايو آهي ۽ ڇپرائيندو ٿو رهي. مون کيس صلاح ڏني ته سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري (تڏهوڪي) انعام شيخ کي خط لک ته اهو ڪتاب تقريبًا ڏيڍ صدي اڳ جو آهي، مان ان جي ٻولي ۽ سڌاري واڌاري جو ڪم ڪرڻ ٿو چاهيان. جي اجازت ملي ته اهو خير جو ڪم ڪري وجهان، پوءِ ان کي ڇپرائي وجهو. کيس ان جو جواب مليو ته ڀلي اِهو ڪم ڪري. جڏهن هُن اهو هيڏو سارو ڪم ڪري ورتو ته پوءِ وري کيس رڳو خط جو جواب ئي نه پيو ملي. پوءِ مون سان وري اِها ڳالهه ڪيائين ته مون کيس چيو ته اِن ۾ ڀلا دلگير ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ مان ٿو ڇپرايان. ڪتاب ڏٺم ته هن ڏڪر مان اِٽي نه، پر اِٽيءَ مان ڏَڪر ٺاهي ورتو آهي ۽ ڪتاب کي ٻيڻو ڪري وڌو اٿس. ان ديوان سڳوري جيڪي پهاڪا گڏ ڪيا، هُن انهن جي ٻولي ٺاهي، ترتيب درست ڪئي ۽ تشريح به ڪئي. جيڪڏهن پاڻ اهو نه لکي ها ته اِهو ڪتاب ”گل شڪر“ آهي ۽ ديوان ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻيءَ جو آهي، ته ڪير به ڪونه چوي ها ته هيءُ اهو ڪتاب آهي. هُن اُن جي جنهن نموني سنوار ڪئي آهي، ان کي ڏسندي ڪنهن جو شڪ به ديوان ڏي ڪونه ويندو. پر وهاب چوي ٿو ته ادا، هنن ماڻهن اُن زماني ۾ ڪم ڪيو آهي، جڏهن وسيلا ڪونه هئا، ايتري سهنجائي ۽ سولائي به ڪانه هئي. پنڌ سفر به اهنجو هو، فوٽو ڪاپيءَ جو به رواج ڪونه هو. انهن ڏکين ڏينهن ۾، هنن ايتري محنت ڪئي آهي ته سندن اهو پورهيو ڇو وڃائجي؟ ’گل شڪر‘ کي اصلوڪي صورت ۾ جن دوستن ڏٺو يا پڙهيو هوندو، وري هي وهابَ واري ڪيل محنت کي ڏسندو، ته لڳندو ته گود ورتل هندڪي ٻار کي مسلمانڪو ٻار بنائي وڌو اٿس، پر نالو وري به ڪاڪي ديوان ڪيولرام سلامتراءِ جو اٿس. پاڻ ته پورهيو ڪري ٿو، پر ٻئي جو پورهيو به نه ٿو وڃائي، ته پوءِ اڳتي هلي سندس پورهيو ڪير وڃائيندو؟ جيئن هُن ٻين سان انصاف ڪيو آهي، مون کي پڪ آهي ته اڳتي هلي وقت ۽ تاريخ هُن سان انصاف ڪندي ۽ کيس سندس جائز مقام ۽ مرتبو عطا ڪندي. وهاب جي ٽن ڪتابن جا مهاڳ ’سادا اکر‘ جي عنوان سان، اسان جي مرجيات يار پروفيسر نذير سومري جا لکيل آهن. هو به وڏو ڏاهو ۽ ڪم وارو ماڻهو هو. مولانا گراميءَ جو معتقد به هو ته بخاريءَ جو به پيارو هو. هڪ دفعي استاد بخاريءَ وٽ ويس ته چي: هَلُ ته لاڙڪاڻي پاسي هلون. يارن سان هلي مِلون ۽ پروفيسر نذير سومري وٽ به رهيا هئاسين. رشيد ڪٽپر صاحب به مليو هو. پروفيسر نذير ۽ ڪٽپر صاحب سدائين پيا چوندا هئا ته مارِ، ناز سنائي ان زماني ۾ ڪيڏو سُهڻو هوندو هو! پروفيسر نذير وڏو لِکاري به هو، اسان جو گڏيل يار هو. وهاب تي پهرين هڪڙو تنقيدي مضمون لکي ’سوجهري‘ ۾ ڇپرايائين. وهاب، اُن تنقيد تي چِڙيو ڪونه. نذير جي پڇا ڳاڇا ڪيائين، ان نيت سان ته واقعي نذير سومري نالي وارو ڪو همراهه به آهي يا ناز سنائي آهي. مون سان اهو وڏو ويل آهي. وهاب سهتي، پروفيسر شمس الدين عرساڻيءَ جي ڪتاب ’سنڌي ورجيسي ٻولي‘ تي تنقيدي مضمون لکي مون کي ڏنو جو هڪ دفعي مان، وهاب ۽ عابد لغاري ڪچهري پيا ڪريون، ته وهاب ڪتاب جي اوڻاين تي ڳالهايو. کيس چيم: ته پوءِ اهو مضمون لِک نه، نشاندهي ٿي پوندي. چي: ڇاپيندو ڪير؟ چيم: مان جو ويٺو آهيان. هامي هنيائين، ته مون کيس هُشي ڏيندي چيو ”تون ٿو لکين، ايڏو تو ۾ دم ئي ڪونهي.“ پوءِ تفصيلي مضمون لکي ورتائين، ته اهو مون ڪينجهر ۾ ڇاپي ورتو. شمس الدين عرساڻي صاحب به اهو شڪ ڪري ويٺو ته مضمون ناز سنائيءَ جو لکيل آهي. هونئن مون تي هو ٻه مضمون لکي، منهنجين تحريرن جي ڪيتري ساراهه ڪري چُڪو هو. اهو جو ڪاوڙيو، ته وري نه پَرتو ۽ مِلڻ جُلڻ به بند ٿي ويو. وهاب ان جي ابتڙ نذير سان جو مليو، ته پوءِ يارَ ٿي ويا. آءٌ به سِگهو سِگهو لاڙڪاڻي وڃان. نذير اُتي اچي ته ٽئي گڏجي، سرڪاري جيپ ۾ وهاب جون آندل نارنگيون/موسميون، صوف يا ڪيلا به پيا کائون ۽ هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪريون ۽ انهن ڳالهين ۾ پروفيسر نذير جو نئون تنقيدي مضمون تيار ٿيو وڃي. ڇاپيان وري مان ڪينجهر ۾. عابد لغاريءَ تي هڪڙو طويل تنقيدي مضمون لکيائين، ڪينجهر ۾ ڇپيو. عابد لغاري مليو ته هٿ ڏئي چيائين: ”پروفيسر نذير سومرا صاحب! خوش آهيو.“ آءٌ وضاحتن ۾ پورو. يار! مان ناهيان، ڀلا وهاب کان ئي پُڇ، اهو همراهه موجود آهي. هُن وهاب کان به معلوم ڪيو. هُو ڳالهه سمجهي ويو ۽ سهتاڻي رڳ ڪم ڏنس. چي: ’ادا اهو ناز سنائي.‘ ڇا جو پروفيسر، ڇا جو نذير ـــــ وري جو عابد منهن موڙيو ته اڃا تائين چڙيو گهمي. پوءِ جيڪو ملي، سو پروفيسر نذير جي مضمونن کي به منهنجي کاتي ۾ هڻڻ لڳي. پروفيسر نذير به تڪڙ ۾ لکڻ لڳو. هر ڪينجهر ۾ سندس مضمون ۽ ڪاوش جي هائيڊ پارڪ ۾ به هُن لکيو ۽ ان دوران ئي اسان جو اهو يار سخت بيمار ٿي پيو. ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ کيس ٻڌايو ويو ته هن کي جيڪا بيماري آهي، اها پنجن لکن مان هڪ کي ٿيندي آهي ۽ پروفيسر ان غم ۾ ڳرڻ لڳو. الائي کيس ڪهڙو خيال آيو جو سوچڻ لڳو ته اهو ناز مون کان مضمون نه لکرائي ها ته انهن ماڻهن جون پِٽون پاراتا نه مِلن ها. دِلگير ٿي پيو. لاڙڪاڻي جي هڪڙي هوٽل تي ويهي جڏهن ڪچهريءَ ۾ اها ڳالهه ڪيائين ته مون کيس چيو: ’نذير، ائين ڪونهي. پِٽون پاراتا جي اثر ڪن ها ته توکان پهرين آءٌ وڃان ها.‘ وهاب جو جڏهن هي ڪتابُ تيار ٿيو ته هُو به دلگير هو. چي يارَ، مون وارن ڪتابن تي مهاڳ هُو لکندو هو، هاڻي اهو ڪم تون ڪر. مون چيو حاضر ۽ هي ٻه اکر لکي ورتم. سائين جي.ايم. سيد جي سالگرهه تي سَن ۾ بُڪ اسٽال لڳايو هوم ته هڪ همراهه وهابَ جو هڪ ڪتاب ’ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا‘ غور سان ڏِسي رهيو هو. اندر پڙهي، وري بئڪ ٽائيٽل تي ڇپيل تصوير ڏِسي ۽ ائين نه معلوم ڪيترا دفعا ڪيائين. پوءِ ٿو مون کان پڇي ته: ’ابا، هيءُ ڪتاب اوهان ڇپايو آهي؟‘ مون چيو ها. چي: ’ابا، هن مُلان جو چهرو ڏس ڪيڏو نه نوراني آهي. کيس چئه ته ڇو اچي خوار ٿيو آهين، حديثون گڏ ڪري انهن تي ڪم ڪر. تنهنجو ڪهڙو ڪم هنن پهاڪن ۽ چوڻين ۾!‘ اتي ته ٽهڪ ڏنم، پر پوءِ سوچيم ته وهاب ته ساڌن سان به سنمک، ته پئنچن سان به پورو. رائونڊ به وڃي. اتان موٽي ته پهاڪن جو نئون ڪتاب تيار. سهتن جون خصلتون به هڪ جهڙيون. پراڻو سنگتي سرور سهتو دڪان تي ويٺو ڪچهري ڪندو، اوچتو اٿندو. سرور ڪيڏانهن؟ چي: نماز تي. نماز پڙهي ايندو، وري ٿوري دير رکي اُٿندو. سرور ڪيڏانهن؟ چي: ريشم گلي. کلي چوندو آهيان ته؛ ”سهتا ڪيڏا نه سياڻا آهيو، پنهنجا ٻئي جهان موچارا ڪيا ويٺا آهيو.“