دوستو سڀ کان پهرين اوهان سڀني کي هڪ ڀيرو ٻيهر عيد جو پهريون ڏينهن مبارڪ۔ جيڪڏنهن اڄ جو هي ڏهاڙو اوها لاءِ خوشين ڀريو هو ته الله اهڙا ڏينهن اوهان کي روز ڏيکاري۔
ڪراچي آئي کان پوءِ هتي سچل ڳوٺ ۾ منهنجي اڄ هي ٽين عيد آهي۔ ۽ ٽنهي دفعا ڳوٺ نه وڃي به هتي خوب مزو آيو۔ نه ته اڪثريت جي راءِ اها آهي ته عيد ته ڳوٺ جي۔ توڙي جو ڳوٺ مٽ مائٽ ۽ سنگت ساٿ جو سرڪل وڏو آهي پر هتي ٿورا ته آهن پر گهٽ ناهن۔ مون کي دلي خوشي ٿي جڏنهن خبر پئي به سنڌ سلامت جا منتظم ساٿي ۽ پيارا دوست نثارابڙو ۽ سليمان وساڻ هتي آهن۔ ٿي سگهيو ته ذيشان رشيد به اچي نڪرندو۔ توڙي جو هو ڪنهن مصروفيت سبب نه اچي سگهيو۔ پر هنن ٻن دوستن سان ڪچهري جو موقعو مليو ۽ عيد سعيد ٿي وئي۔ پر هتي چاچا ڪريم جو ذڪر نه هجي اهو ڪيئن ممڪن آهي۔ هن ننڊ جا ٻه ڊوز واڌو هڪ ڪچهري جو به هنيو۔ موضوع ته اهو ئي سنڌ جو درد ۽ سنڌين کي دڙڪا۔ بهرحال نثار صاحب جي هوندي ماحول جي شائستگي، رونق، مزو، تازگي، نواڻ، برقرار رهي۔