دوستو وسڪي جو خوبصورت ناولشبنم شميمبدي ۽ ڀلائي، اخلاق ۽ بد اخلاقي، سٺائي ۽ خرابي جو تصور اُن وقت کان وجود ۾ آهن، جڏهن کان خود انسان ذات جي پيدائش. مٿيان تصور طاقت جي ٽوڙ لاءِ نه به سهي، پر طاقت تي قابو رکڻ لاءِ آندا ويا. آدم ۽ حوا جي دسترس ۾ سڄي جنت ڏيئي کين صرف هڪ وڻ جي ميوات کائڻ کان منع ڪيو ويو. اخلاق ۽ بداخلاقي جا ماپا ڏسجن ته هر دور ۾ ٿوري گھڻي ڦير ڦار سان بدلبا رهيا آهن، جنهن وقت ۽ جنهن دور ۾ جنهن کي به جن اخلاقن جي ضرورت پئي، اُهي اپنايا ويا. هڪڙا اخلاق جنهن دور لاءِ صحيح هئا سي ضروري ناهي ته ٻئي دور لاءِ به اوترا ئي دُرست سمجھيا ويا هجن. نتيجتن اُنهن ۾ ڦير ڦار ٿيندي رهي (ڏسو زرعي ۽ صنعتي دور جا تضاد). طاقت کي جڏهين ڏاڍ سان قابو رکڻ ممڪن نه هُيو ته کيس اخلاقي قدرن جي زنجيرن سان قابو ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ان ۾ کين ڪاميابي به ملي. بقول افلاطون ”اخلاق ڪمزور طرفان طاقتور کي قابو ۾ آڻڻ جو طريقو آهي.“ اخلاق بظاهر ڪجھ به ناهي پر حقيقتن سڀ ڪجھ آهي. ڳالھ جو تت هر هنڌ ساڳيو آ، باقي عبادتن جا طريقا الڳ صحيح. سڀني جو خدا الڳ صحيح پر ٿوري گھڻي ڦير ڦار سان ڳالھ هر مذهب ۾ ساڳي آ. اُها ٻي ڳالھ آ پوپن، پنڊتن ۽ مُلن جو ڇا ڪجي، جن مذهبن جي روحاني معنيٰ ميساري اُن کي صرف ظاهري عبادتن تائين محدود ڪري ڇڏيو؟ دوستو جو ڪرائيم ۽ پنشمنٽ ناول به ان ئي پسمنظر ۾ آهي يعني اخلاق ۽ بداخلاقي جي وچ ۾. دوستو جو هي ناول جيڪو هڪ رهبر نماء استاد کان پڙهڻ لاءِ مليم، اُن لاءِ سچ چوان ته ان جا ٿورا ته لاهي نه سگھان، پر گڏ گڏ چاهيان ٿي ته هي ناول پڙهندڙن سان به share ڪريان، جنهن جي هڪ هڪ سٽ سچ بڻجي اندر ۾ ڀالا پئي هڻي. ناول جو مک ڪردار جيڪو بظاهر غريب آهي ۽ غربت کيس ورثي ۾ مليل، مرحوم پيءُ جي پراڻي گھڙي کي به گروي رکڻ ۽ محتاجي کيس وياج تي پئسا ڏيندڙ مائي جي چاپلوسي ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. بظاهر بُک ۽ پئسي جي مجبوري کيس ايترو مجبور ٿي ڪري جو هُو وياج خور پوڙهي عورت کي قتل ڪرڻ سندس گھر پھچي ٿو. پوڙهي کي مارڻ بعد جڏهن پوڙهي وٽ گروي رکيل شيون چورائي اتان نڪرڻ جي ڪري ٿو، ته اُتي اتفاقي طور اُن پوڙهي جي ڀيڻ به پهچي ٿي ۽ هو ان کي به ماري ۽ شيون چورائي جڏُهن سندي فليٽ تي جيڪا هڪ ڪمري تي مشتمل آهي، اُتي پهچي ٿو ته اتان کان برائي ۽ ڀلائي جي جنگ سندس اندر ۾ شروع ٿئي ٿي ۽ هو ايتري قدر پريشان ٿئي ٿو جو ذهني طور ۽ جسماني طور بيمار ٿي غش به ٿيندو رهي ٿو. پريشاني کيس چوري جون شيون هڪ جاءِ تي رکڻ به نه ٿي ڏئي ۽ هو جلد کان جلد انهن مان جان ڇڏائڻ گھري ٿو ۽ ائين هو اهي زيور کڻي ان هنڌ تي پٿر هيٺ رکي ٿو جنهن کي دنيا انصاف جو هنڌ يعني عدالت ڪوٺي ٿي. بظاهر غربت جي انتها هيرو کان قتل ۽ چوري ڪرائي ٿي، ته ٻئي طرف اندر جي سٺائي هيرو کان سٺا ڪم به ڪرائي ٿي ۽ ائين ناول جو هيرو سندس ماءُ طرفان کيس موڪليل ۲۷ روبيل ايڪسيڊنٽ ۾ مري ويل هڪ شرابي جي بيواھ کي تدفين جي خرچن لاءِ ڏيئي ڇڏي ٿو، باوجود ان جي ته سندس لاءِ ان رقم جي وڏي اهميت هئي. هن ناول ۾ هڪ ئي وقت مختلف ڪردار ۽ انهن جي حالتن کي چٽيو ويو آهي، پر ناول ۾ ڪُل ٽي ڪردار نمايان اهميت رکن ٿا. هڪ ناول جو مُک هيرو جنهن کي حالتون قاتل ته بڻائن ٿيون پر اندر جي سٺائي ۽ اخلاق کيس قابل نفرت ٿيڻ به نه ٿيون ڏين. ٻئي طرف هڪ ٻيو ڪردار به آهي، جيڪو پئسي وارو آهي ۽ وٽس سماجي status به آهي، سندس اندر ۾ برائي ۽ حسد آ، اُن حسد ۽ برائي ۾ هو مري ويل شرابيءَ جي ڌي کي ھمدردي جي آڙ ۾ پنهنجي فليٽ تي گُھرائي کيس مدد طور ۱۰ روبيل ڏيئي ڌوڪي سان سندس کيسي ۾ ۱۰۰ روببل جو نوٽ وجھي کيس سندس پيءُ جي ختمي تي ماڻهن اڳيان چور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر قدرت غريب ڇوڪري سونيا جو ساٿ ڏيندي آ ۽ هڪ ٻيو زميندار مرد جيڪو تازو ئي سندي مالدار زال کي زهر ڏيئي ماري سندس دولت جو وارث ٿي st.petrug شهر ۾ شفٽ ٿئي ٿو اهوُ سونيا جي مدد لاءِ پهچي ٿو ۽ ماڻهن اڳيان وڪيل جي ڪيل حرڪت کي وائکو ڪري ٿو ۽ ائين سونيا ته الزامن کان بچي ٿي پر ان واقعي جو سندس ماءُ تي (جيڪا ڪنهن معزز گھراڻي جي ڌي آهي) جي ذهن تي برو اثر ٿئي ٿو ۽ ھوءَ انصاف جي اميد کڻي جنرلن ۽ ميئرن جا در کڙڪائي ٿي جتان کيس انصاف ته نه، پر ذلالت ضرور نصيب ٿئي ٿي ۽ ائين هوءَ اهو صدمو نه سهي ان ئي رات مري وڃي ٿي. ناول نگار ناول جي مُک هيرو کي مختلف لاهن چاڙهن مان گذاريو ۽ سندس زندگي جي حالتن کي سٺي نموني چٽيو آهي. ناول جو هيرو بظاهر ته قتل جي هنڌ ڪائي نشاني نه ٿو ڇڏي پر سندس اندر ۾ ھلندڙ برائي، ڀلائي جي، اخلاق ۽ بد اخلاقي جي جنگ کيس ذهني طور بيمار ڪري ٿي ۽ هو غش ٿي اُن غشي جي اندر اهڙو ڪجھ وڦلي ٿو جيڪو کيس چند ماڻهن اڳيان مشڪوڪ بڻائي ٿو ۽ ائين کيس شهر جي مئجسٽريٽ سامهون پيشيون ڀرڻيون ٿيون پون. هيرو توڙي جو ضمير جي عدالت ۾ پاڻ ڏوهاري سمجھي ٿو پر دنيا جي قانون (مئجسٽريٽ) اڳيان هو پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي سر توڙ ڪوشش ڪري ٿو. مئجسٽريٽ کانئس ڏوھ باسرائڻ لاءِ اسان جي پاڪستاني پوليس وانگيان مٿس جسماني تشدد ته نٿو ڪري پر مٿس سائيڪي (ذهني) تشدد جا مُختلف حربا استعمال ڪري ٿو جن کي ناول جو هيرو انتهائي سٺي نموني مُنهن ڏئي ٿو، ايستائين جو مئجسٽريٽ نيٺ کيس گھٽ سزا ڪرائڻ جي لالچ به ڏئي ٿو پر هيرو سزا مڃڻ کان نابري ٿو بيهي رهي. مئجسٽريٽ سان بحث دوران سندن بحث انتهائي دلچسپ هجن ٿا، جن ۾ هڪ ويهڪ ته ان وقت جي سماجي سوچن (جنهن ۾ انتهائي طاقتور ۽ انتهائي جينئس ماڻهن کي اخلاقي پابندين کان آجو ڪرڻ جي بحث هلندڙ هيو) کي به ناول نگار چٽيو آهي. بحثن ۾ هيرو قانون جي ان مجبورين جا به بخيا اُڊيڙي ٿو ته دنيا ۾ هڪڙي دور جا طاقتور (هٽلر، سڪندر،اشوڪا) يا ڏاها سندي سوچ پٺيان لکين ماڻهو مارائن ٿا سي سزا کان آجا هجن ٿا، جڏهن ته ساڳي ئي قسم جو انتهائي ذهين ماڻهو ڪنهن Slum area ۾ غريب هجي ٿو ۽ ساڳي سوچ سان جيڪڏهن هڪ يا ٻه قتل ڪري ٿو ته هو سزا جو حقدار ڇو؟ دوستن ۽ قانون اڳيان ڏوھ نه باسيندڙ ناول جو هيرو ذهني بوجھ ۽ اڪيلائپ کان تنگ ٿي نيٺ ناول جي هيروئن (سونيا) اڳيان ڏوھ جو اقرار ڪري ٿو (پر کيس به هو قتل جي اصل وجھ نٿو ٻڌائي) ۽ سونيا کيس ڏوھ باسڻ جي صلاح ڏيئي ٿي ۽ ائين ناول جو هيرو نيٺ مقامي پوليس اڳيان ڏوھ جو اقرار ڪري ٿو. مقامي عدالتون سندس پاڻ ڏوهه باسڻ (جڏهن ته ڪو ثبوت به نه هيو کيس ڏوهي قرار ڏيڻ لاءِ) ۽ سندس پراڻن سٺن ڪيل ڪمن ۽ بيماري جي حالت ۾ ڪيل قتلن تي سندس سزا ۾ نرمي آڻي، کيس صرف چند سالن جي سزا ڏئي ٿي، سزا ڪٽڻ لاءِ کيس ڏُورانهين هنڌ سائيبيريا موڪليو وڃي ٿو. هاڻ جڏهين هيرو ضمير جي عدالت اڳيان سرخرو ٿيندو آ ته بي خوفي سندس مئل جذبن کي نئين سر جاڳائي ٿي ۽ ائين هو سزا ختم ٿيڻ ۽ سونيا سان ملڻ جي آس ۾ سزا جا ڏينهن ختم ٿيڻ جو انتظار ڪري ٿو. اُهي ماڻهو جيڪي انساني نفسيات، صوفي مت سان يا وري ڪرمنالاجي سان دلچسپي رکن ٿا اُنهن کي هي ناول انتهائي دلچسپ لڳندو. ناول پڙهڻ دوران پڙهندڙ تي مختلف ڪيفيتون اينديون آهن. جيئن ته هي ناول انساني ڪيفيتن جي انتهائي باريڪ بيني سان عڪاسي ڪري ٿو، ناول پڙهندڙ به ڪڏهين نه ڪڏهين اُن ڪيفيتن مان گذري چڪو هوندو آهي يا وري اُنهن ڪردارن سان آس پاس ۾ ملي چڪو هوندو آهي. سو پڙهندڙ جيستائين ناول کي مڪمل نه ڪندو تيستائين اُن مان هٿ ڪڍي نه سگھندو. اُهي پڙهندڙ جيڪي انتهائي حساس هُجن ٿا، انهن لاءِ هي ناول پڙهڻ ڪنهن امتحان کان گھٽ نه هوندو. برائي، ڀلائي، اخلاق ۽ بداخلاقي جي تصور کي دُوستو جنهن انداز ۾ هن ناول ۾ چٽيو آهي اهڙو اندازِ وضاحت ته شايد اخلاق ۽ بد اخلاقي جو تصور ڏيندڙ فلسفي به نه ڏيئي سگھيا هوندا.