ڪتاب ”صحت سڀني لاءِ“

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏28 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ڪتاب تي تبصرو ”صحت سڀني لاءِ“
    محمود علي گهوٽو
    اڄڪلهه جي هن نفسانفسي واري دور ۾ ڪنهن ٻئي انسان جي ڀلي جو سوچڻ ڪنهن به وڏي نيڪي کان گهٽ نه آهي، اهو به جيڪڏهن صحت جي شعبي ۾ هجي ته وڏي ڳالهه آهي. موجوده دور ۾ انسان ڄڻ ته ڪمپيوٽر ٿي ويو آهي. سڄو ڏينهن ڪمپيوٽر جيان پيو هلي گهمي. کيس ايتري فرصت به ناهي ته هو ڪنهن سان کلي ڳالهائي. اهڙي حال ۾ ڪي شخصيتون آهن جيڪي نه صرف انسان لاءِ سوچڻ ٿيون پر انهن جي مسئلن جي حل ڪرڻ جي صلاحيت به رکن ٿيون.
    اهڙين شخصيتن ۾ هڪ نيڪ انسان ڊاڪٽر مرلي ڌر جو به آهي، جنهن ڊاڪٽر جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ جيڪو انسانيت جي خدمت جو حلف کنيو هو، ان حلف کي اڄ ڏينهن تائين سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان نڀائيندو پيو اچي. هن ٻين ڊاڪٽرن جيان پئسو ميڙڻ پنهنجو مشن نه بڻايو بلڪه غريبن بي پهچن انسانت جي خدمت جي اهميت ڏيندي انهن جي اهنجن کي ختم ڪرڻ پنهنجو مشن بڻايو ۽ سالن کان انهي انسان مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر هن وقت سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) ڪراچي ۾ پروفيسر آهي، جتي گردن جي مريضن جو مفت ٽرانپلانٽ ڪيو ٿو وڃي. ڏينهن رات خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. فارغ وقت ۾ هو گردن ۽ ٻين بيمارين کان بچائڻ لاءِ قلم کڻي لکڻ شروع ٿو ڪري. رات جو ننڍ ڦٽائي اوجاڳا ڪاٽي انهن ماڻهن لاءِ لکي ٿو جيڪي پاڻ کي بچائي سگهن ٿا. هو بيمارين کان بچڻ لاءِ انسان لاءِ پنهنجي ڪالمن ذريعي تبليغ ٿو ڪري، جيڪي گهٽ ڊاڪٽر ڪندا آهن يا اهي ڊاڪٽر ڪندا آهن جن جي سيني ۾ غريبن جو درد هوندو آهي.
    هن ڏينهن رات جي ڪيل قلمي پورهئي کي ڪتابي شڪل ڏياري آهي، جنهن ۾ گردن جي بيمارين جي قسمن بابت ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. نه صرف ڪوشش، پر انهي جي حل جو طريقو ۽ بچاءُ جو طريقو به ٻڌايو آهي. هن جي لکڻين مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي ملڪ جي غريب ماڻهن سان ڪيتري همدردي ۽ محبت رکي ٿو. ان ڪري ته هن پنهنجي ڪتاب جو نالو ئي ”صحت سڀني لاءِ“ رکيو آهي، ته جيئن هر ڪو هن ڪتاب کي پڙهي ۽ انهي ڏنل ڪالمن مان فائدو وٺي پنهنجي صحت جي سنڀالي ڪري سگهي. ڪتاب ۾ ڏنل ڪالم جنهن ۾ گردي جو سور ۽ علاج، گردي جي پٿري ۽ علاج، بڪين جو عالمي ڏينهن، منڊي جتي گردن وڪرو ٿين ٿا، شعاعن ذريعي پٿري ڪڍڻ، ڳاڙهو پيشاب وغيره ۾ هن تمام گهڻي ڄاڻ ڏيئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    عام طور تي صحت جي حوالي سان جيڪي ڪتاب آهن، اهي صرف ٿيوري تي ٻڌل آهن. پر جيئن ڄاڻايل ڊاڪٽر پاڻ پريڪٽيڪل طور انهن مرضن جي چڪاس ۾ جيڪي ڏٺو اهي اهو عوام جي معلومات لاءِ پنهنجي ڪتاب ۾ تحرير ڪيو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان گهڻو ڪجهه پرائي سگهجي ٿو ۽ دائمي حل ڪڍي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر مرلي ڌر هن دور جو مسيحا ڊاڪٽر آهي. جنهن پئسو ڪمائڻ کي ترجيح ڏيڻ بجاءِ دردن جو مسيحا نظر آيو آهي. خدمت جو جذبو سندس روح ۾ ڀريل نظر اچي ٿو. هو عوام جي تڪليفن ۽ اهنجن کان گهڻو واقف آهي، ان ڪري ئي هن ذاتي فائدي کي پوئتي ڇڏي غريبن جي اهنجن کي اهميت ڏيندي (SIUT) جهڙي اسپتال کي اهميت ڏني جتي دل سان غريبن جي اهنجن جي خدمت ٿئي ٿي.
    هن ڪتاب ۾ هن مختلف مضمونن، ڪالمن ذريعي عوام کي شعور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته هو ڪهڙي طرح ننڍي ننڍي بيمارين کي پاڻ مرادو روڪڻ ۽ بچاءِ لاءِ جاڳرتا پيدا ڪن. هن ڪتاب ۾ گردن جي سمورين بيمارين کان بچاءُ لاءِ اصلاح ذريعي جامع انداز ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن هن ڪتاب مان گهر جو هر هڪ فرد فائدو حاصل ڪري بيمارين کان بچي سگهي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    اھڙن ئي نيڪ ماڻھن جي ڪري ئي دنيا ھلي رھي آھي. SIUT پاران ملير جي پسمانده علائقي درساڻي ڇني ۾ سپر ھاءِ وي ۽ نيشنل ھاءِ وي کي پاڻ ۾ ملائيندڙ لنڪ روڊ تي ھڪ اسپتال کولي آھي جتي غريب ۽ لاچار مائروڙن جو مفت علاج ڪيو ويندو آھي جنھن ۾ دوائن سان گڏ مختلف ٽيسٽون به شامل آھن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو