• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انڊرائيڊ موبائل تي سنڌي ٽائپ ڪرڻ

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
اينڊرائيڊ لينڪس تي ٺهيل آپريٽنگ سسٽم اهي جيڪو گوگل ڪمپني طرفان اوپن هينڊ سيٽ الائنس جي اشتراڪ سان بنيادي طور تي ٽچ اسڪرين موبائل فونن لاءِ ٺاهيو ويو آهي. انڊرائيڊ سسٽم جي وڌيڪ معلومات لاءِ محترم رشيد سمو جي هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪري سگهجي ٿو . پاڪستان ۾ دستياب اينڊرائيڊ موبائل فون ۽ سندن ملهه لاءِ پڻ لنڪ شامل آهي،

ايندرائيڊ فون جي معلومات لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
پاڪستان ۾ دستياب اينڊرائيڊ موبائل فون جي ڄاڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو

اينڊرائيڊ سسٽم تي يونيڪوڊ جي سٺي سپورٽ هجڻ ڪري سنڌي پڙهي سگهجي ٿي ۽ هيٺين ٽيوٽوريل جي ذريعي سنڌي ٽائپ به ڪري سگهجي ٿي.

1۔۔۔۔۔۔ گوگل پلي جي ايپليڪيشن تي وڃي anysoftkeyboard ڳولي انسٽال ڪريو:

1___.png

2۔۔۔۔۔ anysoftkeyboard جو سنڌي پلگ ان ڳولي انسٽال ڪريو،

2____.png

3۔۔۔۔ فون جي سيٽنگ ۾ local and text واري آپشن ۾ وڃي anysoftkeyboard کي ٽِڪ ڪريو.
3____.png

4 ۔۔۔۔ سيٽگ ۾ local and text واري آپشن ۾ anysoftkeyboard جي سيٽنگ ۾ keyboards تي ٽيپ ڪريو ۽ سنڌي ڪيبورڊ کي ٽِڪ ڪريو...

4_____.png

5۔۔۔ مسج لکڻ لاءِ جڳهه تي يا ڪنهن به ٽيڪسٽ ايريا تي ٿوري دير لاءِ ٽيپ ڪري رهو. Input Method کي ٽيپ ڪري anykeysoftkeyboard جو انتخاب ڪريو...

5_____.png

6۔۔۔ سنڌي ڪيبورڊ حاضر آهي، (انگريزي ڪيبورڊ جو انتخاب ٿيل هجي ته مٿين قطار ۾ ABC بٽڻ تي ٽيپ ڪري سنڌي ڪيبورد جو انتخاب ڪري سگهجي ٿو).

6________.jpg

اوهان جي موبائل هاڻي سنڌي ٽائپ ڪرڻ لاءِ تيار آهي

نوٽ:
مونکي اندازو آهي ته هن ٽيوٽوريل ۾ کوڙ اڻايون آهن۔ جيڪڏهن ڪا ڳالهه نه سمجهائي سگهيو آهيان ته بيشڪ اوهان پڇي سگهو ٿا۔۔ دوستن کي گذارش ته هي ٽيوٽريل بهتر بنائڻ ۾ مدد ڪن۔۔

آخر ۾ سائين رشيد سمون جو ٿورائتو آهيان جنهن جي ڪري هي ٽيوٽوريل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيم۔۔ هي ٽيوٽوريل به انهن جي نالي ٿو ڪريان۔۔۔
 
ادا سجاد علي چنا هي تحرير ذيشان رشيد جي نالي ڪرڻ مان اوهان جي فراخدلي ۽ ذهني پُختگي ظاهر ڪري ٿو۔ ٽيوٽوريل به تمام سٺي سمجهاڻي آهي۔ بس هڪ سوال ته ڇا سنڌي ڪي بورڊ جي ترتيب اها ئي رهندي يا تبديل به ڪري سگهجي ٿي؟ مطلب ته جيئن هن وقت اسان ايم بي سنڌي يا وري هن سنڌسلامت ايڊيٽر تي ڪي بورڊ جي ترتيب ڏسون ٿا؟
 
ادا مهرباني!
اصل ۾ موبائيل ڪيبورڊ جي ترتيب ايني سافٽ ڪيبورڊ جي ڊِوِلپر جي هٿ ۾ ئي آهي۔ ايم بي سنڌي ڪيبورڊ لي آئوٽ ڪمپيوٽر لاء ته صحيح آهي پر موبائل ڊوائس لاء موزون نه آهي۔
 
واهه جو ڪم ٿي ويو۔

ڀاء سجاد اوهان جون مهربانيون جو اوهان آسان طريقي سان سمجهايو۔ اڄ پنهنجي ايڇ ٽي سي موبائل ذريعي ڪجهه ميسيج ڪمپوز ڪري موبائل تي دوستن کي موڪليم ۽ ڪجهه انٽرنيٽ يعني فيسبوڪ تي هلايم۔ جيتوڻيڪ موبائل تي موڪليل ميسيج ۾ ڪجهه اکر گڙٻڙ پيا ڪن پر فيسبوڪ تي سنڌي چٽي ۽ صاف لکجي رهي آهي۔
 
بهترين ٽيوٽوريل آهي۔
جيتوڻيڪ مون وٽ انڊرائيڊ موبائل نه آهي پر ڪيترن ئي دوستن وٽ انڊرائيڊ سيٽ آهن ۽ اهي مون کان وقت به وقت ان باري ۾ سوال ڪندا رهندا آهن۔۔ اوهان جي ڏس ڏنل ايني سافٽ ڪيبورڊ ۽ هن ٽيوٽوريل جي مدد سان هاڻي سڀني دوستن کي سنڌي لکڻ تي همٿائيندس۔۔۔
مهربانيون
 
بهترين ٽيوٽوريل آهي۔
جيتوڻيڪ مون وٽ انڊرائيڊ موبائل نه آهي پر ڪيترن ئي دوستن وٽ انڊرائيڊ سيٽ آهن ۽ اهي مون کان وقت به وقت ان باري ۾ سوال ڪندا رهندا آهن۔۔ اوهان جي ڏس ڏنل ايني سافٽ ڪيبورڊ ۽ هن ٽيوٽوريل جي مدد سان هاڻي سڀني دوستن کي سنڌي لکڻ تي همٿائيندس۔۔۔
مهربانيون
اينڊرائيڊ لينڪس تي ٺهيل آپريٽنگ سسٽم اهي جيڪو گوگل ڪمپني طرفان اوپن هينڊ سيٽ الائنس جي اشتراڪ سان بنيادي طور تي ٽچ اسڪرين موبائل فونن لاءِ ٺاهيو ويو آهي. انڊرائيڊ سسٽم جي وڌيڪ معلومات لاءِ محترم رشيد سمو جي هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪري سگهجي ٿو . پاڪستان ۾ دستياب اينڊرائيڊ موبائل فون ۽ سندن ملهه لاءِ پڻ لنڪ شامل آهي،

ايندرائيڊ فون جي معلومات لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
پاڪستان ۾ دستياب اينڊرائيڊ موبائل فون جي ڄاڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو

اينڊرائيڊ سسٽم تي يونيڪوڊ جي سٺي سپورٽ هجڻ ڪري سنڌي پڙهي سگهجي ٿي ۽ هيٺين ٽيوٽوريل جي ذريعي سنڌي ٽائپ به ڪري سگهجي ٿي.

1۔۔۔۔۔۔ گوگل پلي جي ايپليڪيشن تي وڃي anysoftkeyboard ڳولي انسٽال ڪريو:

1___.png

2۔۔۔۔۔ anysoftkeyboard جو سنڌي پلگ ان ڳولي انسٽال ڪريو،

2____.png

3۔۔۔۔ فون جي سيٽنگ ۾ local and text واري آپشن ۾ وڃي anysoftkeyboard کي ٽِڪ ڪريو.
3____.png

4 ۔۔۔۔ سيٽگ ۾ local and text واري آپشن ۾ anysoftkeyboard جي سيٽنگ ۾ keyboards تي ٽيپ ڪريو ۽ سنڌي ڪيبورڊ کي ٽِڪ ڪريو...

4_____.png

5۔۔۔ مسج لکڻ لاءِ جڳهه تي يا ڪنهن به ٽيڪسٽ ايريا تي ٿوري دير لاءِ ٽيپ ڪري رهو. Input Method کي ٽيپ ڪري anykeysoftkeyboard جو انتخاب ڪريو...

5_____.png

6۔۔۔ سنڌي ڪيبورڊ حاضر آهي، (انگريزي ڪيبورڊ جو انتخاب ٿيل هجي ته مٿين قطار ۾ ABC بٽڻ تي ٽيپ ڪري سنڌي ڪيبورد جو انتخاب ڪري سگهجي ٿو).

6________.jpg

اوهان جي موبائل هاڻي سنڌي ٽائپ ڪرڻ لاءِ تيار آهي

نوٽ:
مونکي اندازو آهي ته هن ٽيوٽوريل ۾ کوڙ اڻايون آهن۔ جيڪڏهن ڪا ڳالهه نه سمجهائي سگهيو آهيان ته بيشڪ اوهان پڇي سگهو ٿا۔۔ دوستن کي گذارش ته هي ٽيوٽريل بهتر بنائڻ ۾ مدد ڪن۔۔

آخر ۾ سائين رشيد سمون جو ٿورائتو آهيان جنهن جي ڪري هي ٽيوٽوريل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيم۔۔ هي ٽيوٽوريل به انهن جي نالي ٿو ڪريان۔۔۔
پيارا!
اوهان جي ڏنل معلومات تمام لاڀائتي آهي، اوهان جي ڏسيل هر تريقي سان مون پنهنجي ايڇ ٽي سي ايڪسپلورر سيٽ ۾ ايني سوفٽ ڪيبورڊ انسٽال ڪيو ۽ ان ۾ سنڌي فور ايني سوفٽ ڪيبورڊ به انسٽال ڪيو، پر ايني سوفٽ ڪيبورڊ جي سيٽنگ ۾ ڪيبورڊز کي ڪلڪ ڪرڻ سان سنڌي ڪيبورڊ جو آپشن ئي نه آيو، مان ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي، پر اهڙو آپشن نه پيو اچي، سو مان اهيو پڇڻ پيو چاهيان ته جيڪڏهن اهڙو مسئلو پيش اچي ته پوءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟
 
دوست ياسر منگي صاحب۔۔۔ سنڌ سلامت تي ڀليڪار۔۔
توهان ايني سافٽ ڪي جي سيٽنگ ۾ اچي سيڪنڊ لاسٽ آپشن ”ڪيبورڊ“ تي ڪلڪ ڪريو ۽ تصديق ڪريو ته ايني سافٽ ڪي جو سنڌي پلگ ان توهان وٽ انسٽال ٿيل آهي ۔۔۔ نه هجڻ جي صورت ۾ ٻيهر ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو ۽ ان تي چيڪ لڳايو۔۔۔

settings_keyboards_shown.png

پر ان کان اڳ پنهنجي سيٽ ۾ ڊيفالٽ ڪيبورڊ بجاء ايني سافٽ ڪي ڪيبورڊ جي چونڊ ڪرڻ ضروري آهي۔۔۔ جنهن هيٺين تصويري طريقي ڪار تي عمل ڪريو۔۔۔

langAndKeyboard_fw1.png

langAndKeyboard_fw2.png

enable_anykeyboard.png
 
پيارا!
سيٽ کي هڪ ڀيرو بند ڪري ٻيهر کوليم ته اهو آپشن نظر اچي ويو، پر هاڻي هڪ ٻيو مسئلو اڀريو آهي، اهو هي آهي ته مون وٽ ايڇ ٽي سي ڪمپني جو ايڪسپلورر سيٽ آهي، ان ۾ اردو ٻولي به نه آهي، جنهن ڪري سنڌي ٻولي انسٽال ڪرڻ کانپو سنڌي ڪي بورڊ ته اچي ويو آهي پر سنڌي ٻولي جا ڪجهه اکر ظاهر نه پيا ٿين ۽ انهن جي جا تي صرف چوڪنڊا ظاهر پيا ٿين۔ اهڙي مسئلي جي ڪري ڄاڻ نه ٿي پوي ته ان چوڪنڊي جي واري جا تي ڪهڙو اکر هوندو۔
جيڪڏهن اوهان وٽ ان جو ڪو مناسب حل هجي ته ٻڌايو؟
 
ادا ساڳيو ئي مسئلو مون وٽ نئين موبائل . Q MOBILE. NOIR A10 ۾ پيش پيو اچي۔۔۔ ڏسجي متان ڪو انهي جو حل نڪري اچي۔
 
توهان جي ٻنهي سيٽن ۾ لڳي ٿو لوڪل ايشين يا عربڪ فرم ويئر انسٽال ناهي ٿيل۔۔ ڇا توهان ٻئي دوست پنهنجي سيٽنگ جي ابائوٽ فون سيڪشن ۾ وڃي هيٺيون شيون ڏسي سگهو ٿا۔۔۔ ته جئين بهتر رهنمائي ڪري سگهجي۔۔۔
ماڊل نمبر
اينڊروائيڊ ورجن
بيس بينڊ ورجن
بلڊ نمبر
 
اينڊروائيڊ ورجن 2۔3۔5
بيس بينڊ ورجن10۔35ڊي۔80۔09ايڇ_1۔11۔82۔17
بلڊ نمبر[/quote]

Android version: 2.3.5
Baseband version: 10.35d.80.09H_1.11.82.17
Build number: 1.27.707.2 cl206668 release-keys
 
اسان به پنهنجي گليڪسي ايس ٽو ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ڪري ڇڏيو آهي ، هي سڀ ڪجهه ونڊ ڪندڙ مهربانن جي مهرباني
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
زبردست مون وٽ سام سنگ گليڪسي ۾ سنڌي ڪي بورڊ ڪم ڪري پيو، ڪيڏي خوشين جهڙي ڳالهه آهي ته اڄ سنڌي ٻولي اسان جي موبائيل ۾ به لکجي پئي ان حوالي سان جنهن به ڪم ڪيو آهي الله ان جي نيڪين ۾ اضافو ڪري
 
پيارا ڀا سجاد علي چنا مون وث سوني جو ايڪسپيريا يو هيو ته ان ۾ سنڌي آساني سان لکبي هئي پر اهو سيٽ ڏيئي اسڪائي جو سيٽ ورتو اٿم ان ۾ سنڌي ڪيبورڊ ۽ ايني سوفٽ ڪيبورڊ انسٽال ڪيو اٿم پر سنڌي سليڪٽ ٿو ڪريان ته ڪيبورڊ جي هر ٽيب تي صرف اسپيس ڪم ڪري ٿو ۽ سنڌي الفابيٽ ڪيبورڊ تي نظر نٿي اچي مهرباني ڪري رهنمائي ڪندا .
 
ادا سائمبین s60v5 جی لائی سندھی کی پیڈ ملی سگھی تھی
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا اهڙو ڪو سسٽم ايپل جي موبائل لابه هوندو ... اگر هجي ته مهرباني ڪري دوستن سان ونڊ ڪجو ...
 
ادا سجاد علي چنا توھان بھترين ٽيوٽوريل پيش ڪيو آھي جيڪو ڪنھن حد تائين سمجھائڻ لاء ڪافي آھي.
برالحال مون وٽ Q mobile جو اينڊريوڊ آھي جنھن ۾ مون اڳ سنڌي keyboard گوگل پلي ذريعي انسٽال ڪري ڇڏيو ھو.
سنڌي ڪي بورڊ جي ڪري واقعي ڪيڏي نه آساني ٿئي ٿي جنھن وسيلي اسان پنھنجن پيارن سان پنھنجي پياري زبان ۾ text ڪري سگھون ٿا.
 
ادا مون وٽ ته نه ٿو هلي ڪا مدد ڪيو....... منهنجي موبائيل جو نالو ۽ ماڊل هي آهي
Samsung Galaxy coure 2
Model Number SM-G355H
Android Version 4.4.2
Baseband versin G355HXXU0ANK2
Kernel version\3.10.17-3228780
 
Back
Top