هڪ ڏينهن پنهنجين پريشانين ۾ منجهيل مڙس گهر پهتو ته هن کان پنهنجي ٽيڏين اکين واري زال جي تعريف وسري وئي. زال پئي اڳيان پويان ڦري ۽ نخرو ڪري.
”هونءَ ته توهان اچڻ سان منهنجي تعريف ڪندا آهيو.“ آخر زال شڪايت واري لهجي ۾ چيو.
”اهو ته اڄ به چوان ٿو ته بابا تون تمام سهڻي آهين.“ مڙس ڪجهه بيزاريءَ مان. ڪجهه جان ڇڏائڻ لاءِ چيو.
پر زال ان مان مطمئن نه ٿي ۽ وري ٿوري دير بعد چيو: ”ڀلا منهنجا چپ؟“
”اهي به سٺا آهن“ مڙس پنهنجو منهن فائيلن ۾ ئي وجهندي چيو جيڪي هو ضروري ڪم پوري ڪرڻ لاءِ گهر کڻي آيو هو.
”ڀلا اکيون.......؟“ ٿوري دير بعد زال وري ڊسٽرپ ڪيس.
”هون.......؟“ مڙس پنهنجي ئي پريشانيءَ ۾ مختصر چيو.
”مون چيو منهنجيون اکيون؟“ زال وري سندس خيالن ۾ رخنو وڌو.
”اهي به سٺيون آهن“ مڙس وراڻيو پر زال ان مختصر جواب مان مطمئن نه ٿي چيس:
”بس.....؟“
”بس ٻيو ڇا؟“ مڙس وڌيڪ بيزاريءَ جو اظهار ڪيو، جنهن تي زال ڪاوڙجي چيس: ”هون ته تون هميشه چوندو آهي ته منهنجيون اکيون عتيقه اوڍو سان ٿيون ملن؟“
باربار ڊسٽرپ ٿيڻ تي مڙس باهه ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ چيائينس: ”ڌوڙ ٿيون ملن عتيقه سان. پنهنجو پاڻ سان ئي نٿيون ملنئي.“
-----------------
الطاف شيخ جي ڪتاب ”رٺي آهي گهوٽ سان“ منجهان