نئون ديرو: دل منجهه ديروعاشق منگي جي ڪتاب جو مهاڳانجنيئر عبدالوهاب سهتونئون ديرو سان منھنجي وابستگي ته پاءُ صديءَ کان مٿي رهي آهي، جيڪا منھنجي هم جماعت رشيد احمد ڪٽپر جي ڪري آهي. بي اي (سول) يعني انجنيئرنگ جا چار سال، پورن ستن سالن ۾ پڄائڻ دوران، نوابشاھ توڙي ڄامشورو ۾، ڪڏهن به هڪ ٻئي کي هٿ ڏيڻ ته پري جي ڳالهه، سلام به نه ڪيو هوندوسين. جڏهن ته سندس رول نمبر ۲۲ ۽ منھنجو ۲۹ هيو. پريڪٽيڪل جي هر گروپ ۾ گڏ، امتحان هال ۾ نمبر به ويجهڙا لڳندا هيا، تنھن هوندي به هڪ ٻئي سان وابستگي نه رهي. پڙهڻ پڄاڻان، جڏهن نوڪرين جي تلاش ۾ نڪتاسين، تڏھن به انٽرويوز ۾ هڪ ٻئي کي سلام نه ڪيو هوندوسين. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ آڪٽوبر ۱۹۸۴ع ڌاري، ٻئي گڏ ڀرتي ٿياسين. پاڻ ۲۲ تاريخ تي نوڪريءَ تي اچي چڙھيو، جڏھن ته مان ۲۹ تاريخ تي اچي ساڳي آفيس ۾ چڙھيس. ڪلاس جي رول نمبرن ۽ نوڪريءَ تي چڙھڻ وارين تاريخن ۾ هڪجھڙائي ۽ مماثلت ھئڻ باوجود، ٻنھي جو ھڪ ٻئي سان جوڙ، ڄڻ گھٽ رھيو. هن کي به لاڙڪاڻي ۾ نوڪريءَ تي چڙھڻ جو حڪمنامو مليو ته مون کي به اتي چڙھڻ لاءِ حڪنامو صادر ٿيو. پھرئين ڏينھن به هڪ ٻئي سان اتي ڪو نه ملياسين. راجا ڪوڙومل ٻنھي جو هم ڪلاسي به هئو ته ساڳئي عھدي تي ساڳي آفيس ۾ ساڳئي انٽرويو ذريعي، اسان سان گڏ سرويئر ٿي اچي چڙھيو ھيو. اھو به ڄڻ اسان جو ھم-پيشه ٿي پيو. پاڻ ڏوڪري شھر جو ھيو. پڙھڻ دوران، منھنجي ساڻس وابستگي ھئي. ساڳئي کاتي ۾ ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ رشيد صاحب سان ڄڻ، ان نئين سر ملاقات ڪرائي ھئي. نئين سر، نئين سرزمين تي واقفيت ٿي. پوءِ ته ڄڻ هڪ ٻئي کي دريافت ڪري ورتوسين. لکڻ جو شوق مون کي اڳي ئي هيو. روڳ، رشيد ڏياريو. ڪتابن پڙھڻ ۽ ڪٺو ڪرڻ جو شوق ڪو ننڍپڻ کان ھيس، جنھنڪري نئين ديري جي ادب-دوستن ۽ شاعرن سان ڏيٺ ويٺ به سٺي ھيس. هلهي ملهي، نئون ديرو ادبي سنگت جي روح روان منٺار سولنگيءَ سان ملاقات ڪرايائين. وٽس ۽ منٺار وٽ اچڻ وڃڻ ٿيو. آثم ادبي سنگت سان وابستگي ٿيڻ کان پوءِ، لکڻ لاءِ نئون دڳ ۽ اتساهه مليو. اها سنڌي ادبي سنگت ۾ تحليل ٿي، تڏهن به ساڻ هياسين. لڳ ڀڳ ٽيھارو کن ادب-دوست، نئون ديرو منجهان، منھنجا واقفڪار ۽ ڄاڻو ٿيا. منجھانئن ڪن سان وابستگي ته منٺار جي ڪري ٿي ۽ ڪن سان وري رشيد ڪٽپر جي ڪري ٿي. رشيد جو والد، سائين محمد بخش ڪٽپر جيئن ته ڪيترن جو استاد رهيو هيو ۽ پنھنجي پاڙي يا قوم جو پڳدار به ھيو. ڀٽو صاحب کي جڏھن پڳ ٻڌرائي پئي وئي ته پنھنجي ذات وارن طرفان مھندار طور سائين محمد بخش به پڳ کي ور ڏنو ھيو، جنھن جي تصوير تن ڏينھن ۾ جنگ ۽ ڊان اخبار ۾ ڇپي ھئي. اھو ئي سبب ھيو جو نئون ديرو جا نوجوان سائين لاءِ احترام ھئڻ جي ناطي سندس اولاد جو به ادب ۽ احترام ڪندا ھيا. مان به رشيد جو دوست ٿيس ته مون کي به چڱو مانُ مليو. نئون ديرو سنڌي ادبي سنگت جو ڄڻ مان به بنيادي ميمبر ٿي پيس. اها ٻي ڳالهه آهي ته متحرڪ گهڻو نه هيس. انھن ادبي محفلن ۾ نئون ديرو جا ڪيترا اديب ۽ شاعر پڻ واقف ۽ دوست ٿيا. جھڙوڪ: امام راشدي، سائين حاجن شاهه، عبدالڪريم گهايل، امتياز وفا سومرو، عبداللطيف ڪرٽيو، منظور منگي، عبدالغفار تبسم ڀٽي ۽ عبيد ڪٽپر وغيره. ان کان علاوھ کان جن ٻاھرين اديبن سان ڏيٺ ويٺ يا ملاقات ٿي، سي ھيا؛ آثم ناٿن شاهي، يوسف سنڌي، عبدالرزاق مھر، واجد منگي، محترم اياز قادري صاحب، ملڪ آگاڻي، شوڪت ڪيھر، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، قاضي مقصود گل، مختيار گهمرو، عبدالفتاح عابد لاشاري، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو صاحب، محمد علي پٺاڻ ۽ سوڀو گيانچنداڻي وغيرھ. منٺار سولنگي، جيئن نالو ھيس، تيئن ھيو. جيئن آڳاٽي دؤر ۾ سندس ناني مينھون ماڇيءَ جو نالو ھيو، تيئن ھن جي دور ۾ وري ھن جو ھيو. سنگت لاءِ، جيري خاطر ٻڪري ڪھڻ وارن منجھان ھيو. گھر ٻاري ڏيارڻ ڪرڻ ته پري جي ڳالھ، سر اڏيءَ تي رکڻ وارو ھيو. گھر ۾ رھائڻ، مانيون پچرائي کارائڻ، ھنڌ ڍوئي سمھارڻ جو بندوبست ڪرڻ، ويندي ھٿن ڌوئارڻ تائين به پنھنجي سر ڪندو ھيو. ايڏو ملنسار ۽ ھٿ-ڦاڙ جو جھڳي تي ٽانڊو. ھمين ياران بھشت، ھمين ياران دوزخ، جو عملي مثال ھيو. نه سنگت ۾ حساب رکيائين، نه سنگت جون بي-وڙايون دل ۾ ڪيائين. سنگت جا سڀ سور، کلندي سٺائين. ڪنھن جي ڏنل ڏنڀ جو، ڪنھن کي به ڏوراپو به نه ڏنائين. سوجهرو رسالي ۾ جڏهن، منھنجي ڪتاب ”ورجيسون“ (Idiomatic Phrases) جون شروعاتي قسطون ڇپيون، ته مٿن تنقيد پڻ ٿي. هڪڙي نئين نالي واري شخص، جنھن جو نالو نذير احمد سومرو هيو، خطن جي صورت ۾ ٽيڪاٽپڻي ڪئي هئي. خبر نه پِئي پَئي ته اهو نذير احمد سومرو وري ڪٿان جو آهي. البته رشيد ڪٽپر ٻڌايو ته؛ سومرو صاحب پروفيسر آهي ۽ پير جو ڳوٺ، نئون ديرو جو آهي. نئون ديرو ڪاليج جو پرنسپال به رھيو آھي. ھن وقت اھو رتوديرو ڊگري ڪاليج ۾ پاڪستان اسٽديءَ جو پروفيسر آھي. ملاقات ڪرائڻ لاءِ چيائين، پر موقعو نه ملي سگهيو. هڪ ڏينھن سندس ڀيڻ جي وفات جو ٻڌايائين. هلڻ لاءِ چيومانس، ته به موقعو نه ملي سگهيو. آخر کيس ڇپيل ڪتاب ڏنم ته پروفيسر کي تنقيد لاءِ ڏي، ته انھن تي به لکي. پروفيسر ڏي ڪتاب ڏياري، مون پنھنجي ڪتابن بابت اڀياس جا ڄڻ دروازا بند ڪري ڇڏيا. کيس ڪتاب ته مليا پر مٿن تنقيد نه لکيائين. هڪ ڏينھن فيض جي ڪتابن واري دڪان تي ٻئي بيٺا هياسين. ائين جيئن روز ڏٺلن کي ڏسبو آهي ۽ وري احترام ڪبو آهي، تيئن احترام ڪيوسين. نه کيس خبر ته مان وهاب سھتو آهيان ۽ نه وري مون کي خبر ته منھنجي ڀر ۾ بيٺل ڊگھو مڙس ڪو پروفيسر نذير آهي. اوچتو محمد علي پٺاڻ اتي اچي نمودار ٿيو. ٻنھي کي گڏ پر ھڪ-ٻئي کان اڻ-ڄاڻُ بيٺل ڏٺائين ته يڪدم پروفيسر کي چيائين؛ ”هيءُ آهي انجنيئر عبدالوهاب سھتو، جنھن جي ورجيسن تي تو سوجھرو ۾ تنقيد ڪئي آھي.“ محمد علي جي لفظن تي مون ڪنڌ کڻي، ان شخص ڏانھن ڏٺو، جنھن سان هن منھنجو تعارف پئي ڪرايو ته يڪدم مٿان مون ڏي مخاطب ٿيندي چيائين؛ ”هيءُ اٿئي اھو نذير سومرو صاحب، جنھن تو واري مضمون تي سوجھرو ۾ تنقيد لکي اٿئي.“ اسان ٻنھي جي اها پھرين ڄڻ باقاعده ملاقات هئي. نه ٿڏي تي گڏ ويٺاسين ۽ نه تڪلف ۾ پئجي ڪا چانهه گڏجي پيتيسين. پر دل جي ڳالهه دل ۾ رکي موڪلائي وياسين. هڪ ڏينھن ساگر بوڪ ڊپوءَ تان ٻارن لاءِ ڪجهه ڪتاب يا ڪاپيون وٺي، جيئن جيپ وٽ پھتس ته پوسٽ آفيس واري پاسي کان پروفيسر نذير پئي آيو. ڏسندي ئي، ھجائتن دوستن وانگر چيائين؛ ”واهه سائين واهه! ملو ئي ڪو نه ٿا. الائي ڪاٿي آهيو؟“ ”چڱو ويهه گاڏيءَ ۾ ته ملون ٿا!“ گاڏيءَ ۾ ويھندي، سندس لاءِ دروازو کوليم. ”ڪاڏي هلڻو آهي؟“ گاڏيءَ ۾ ويھندي ئي سوال پڇيائين. ”جاڏي توهان کي ڪم ھجي تاڏي ٿا هلون!“ ”بورڊ جي آفيس ۾ ٿورو ڪم آھي. پھرين اتي هلڻو آهي.“ بس پوءِ، ڪنھن ٽئين ماڻهوءَ جي ڄڻ ضرورت نه ٿي. سندس حياتيءَ تائين ساڳيو رستو رهيو. سندس حياتيءَ ۾ منھنجا ٽي ڪتاب؛ ”ورجيسون“، ”موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون“ ۽ ”اترادي پھاڪا ۽ چوڻيون“ ڇپيا، تن سمورن جا مھاڳ پاڻ لکيائين. عاشق منگي صاحب سان منھنجي وابستگي تڏهن ٿي، جڏهن پروفيسر کي ھيءُ جھان ڇڏئي چاليهارو ڏينھن ٿي چڪا هيا. سندس ياد ۾، لطيف نظاماڻي هال ۾ تعزيتي پروگرام رٿيو ويو هيو. عاشق منگي صاحب نئون ديرو کان آيل هيو. هڪٻئي جا ڏٺل ته هياسين پر ڄاتل سڃاتل ۽ اوتل پوتل نه هياسين. مون کي البته دل ۾ الائي ڇو اهو خيال آيو ته؛ هيءُ به پروفيسر جو دل گهريو دوست آهي. حالانڪ ان وقت نه مون کي عاشق منگي عرف عبدالغنيءَ جو نالو پئي آيو ۽ نه سندس ڪنھن ٻي ڳالهه جي ڄاڻ هئي. الائي ڇو، بيساخته عنايت کي، منگي صاحب ڏانھن اشارو ڪري، چئي ويٺم؛ ”ڳالھائڻ وارن ۾ سائين جو به نالو لک!“ عاشق گهڻي ئي ”نهه نهه “ ڪئي پر مون عنايت کي بضد چيو؛ ”هن جو نالو لک. هيءُ مون کان ۽ توکان ڀلو ڳالھائيندو!“ مون کي به هٿ جي اشاري سان منع ڪيائين پر مون ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي چيس، ”نه! توهان کي ڳالهائڻو آهي.“ عنايت جي زور ڀرڻ تي کيس ٻڌايائين؛ ”ادا! سائين نه ٿو مڙي ته لک؛ عاشق منگي.“ مون سندس نالو به سندس واتان اتي ٻڌو. پروفيسر وانگر ساڻس به ان ڏينھن کان وابستگي آهي. ان کي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ ۾ به رشيد صاحب جو اهم رول آهي. ٻنهي کي ملائڻ، عنايت ۽ منظور ڪوهيار جي معيت ۾ وٽس ڪچھريون ڪرائڻ ۾ سندس وڏو عمل دخل رهيو آهي. عنايت ميمڻ جو نالو ته مون ان ڏينھن ٻڌو ھيو جنھن ڏينھن منھنجي ٻيو نمبر لکيل ڪھاڻي-ڪتاب؛ جڏھن بت ئي چوي ڪافر جي مھورت سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو پاران، ميونسپل ھال لاڙڪاڻو ۾ ٿي ھئي. پاڻ پنھنجن ھٿن سان بيج به ھنيا ھيائين ۽ مھمانن واري ڪتاب ۾ پنھنجي راءِ به لکي ھيائين. ان کان پوءِ ستت لاڙڪاڻي مان منھنجي بدلي ٿي وئي ۽ لاڙڪاڻي کي خيرباد چئي وڃي حيدرآباد جا وڻ وسايم. ٻيھر سن ۱۹۹۹ع ۾ جڏھن لاڙڪاڻي بدلي ٿي آيس ته ھڪ ڏينھن مارڪيٽ مان ڀاڄي وٺي اڃا گاڏيءَ تي پڳو ئي نه ھيس، جو موٽر سائيڪل تي سوار عنايت اڳيان اچي ويو. رسمي دعا سلام ٿي. اتي ئي ريڊيو تي اچڻ لاءِ صلاح ڪيائين. پوءِ گڏجي ويٺاسين، جنھن ۾ اھو طئي ٿيو ته ورجيسن بابت، جيڪو خاڪو ذھن منجھ آھي، تنھن کي عملي شڪل ڏئي، ريڊيو لاءِ مواد تيار ڪجي. ائين ڪتاب ورجيسون جڙيو، ترتيب ھيٺ آيو ۽ ڇپجي ميدان تي پڻ نروار ٿيو. اھڙيءَ طرح ٻيا ڪتاب پڻ ريڊيو تي پيش ٿيا. ان کان پوءِ عنايت سان ڏيھاڙي مکا ميلو ٿيندو رھندو آھي ۽ منھنجي ڪتاب گلشڪر جي بيڪ ٽائيٽل تي ٻه اکر پڻ لکيائين. منگي صاحب هن ڪتاب ۾ پنھنجي ننڍپڻ جو تذڪرو به ڪيو آهي. پاڻ ڄائو نپنو ۽ پليو مسوديرو ۾ آهي، جيڪو مون اڄ تائين ڪو نه ڏٺو آهي. باقي سائين جو جوڀن، نئون ديرو ۾ گذريو آهي. منھنجي اتي ئي ساڻس واقفيت ۽ وابستگي رهي آهي. سائين نئون ديرو جي تاريخ، جاگرافيائي تغيرات، سماجي اٿل پٿل، سياسي اثر اندازيءَ، ادبي اوسر، علمي مشاغل، شعرو شاعريءَ جي شغل ۽ شغف، نوڪرين جي ڀرمار، دوستين قرابتن، واهن واهڙن، زراعت ۽ معيشت تي خوب قلم وهايو آهي. حالانڪ هن کان اڳ، نئون ديرو (نوان پراڻا ورق) ڪتاب ڇپجي چڪو آهي. ان جي پنھنجي هڪ جداري حيثيت آهي. جڏهن ته هن ڪتاب جو پنھنجو معيار، تاڃي پيٽو ۽ ڪارج آهي، جيڪو هن دور جي پڙهندڙ کي ته يادگيرا ڏياريندو پر آئنده نسل لاءِ پڻ راهه عمل ضرور متعين ڪندو.