مگسي
سينيئر رڪن
گــوري تـون ڏسـجانءِ وڃـي، هـڪ پـل آئـينـو،
پنهجي مکَ تي ڳولجانءِ، منهنجو هڪ سپنو،
مـنـهنجـي چـپـن هـو، تـوکـي هـڪ تحفو ڏنو.
ڪـيڏي تنـهـا رات آ، ڪـيـڏو تـنـهـا مان،
ويٺو تنهنجي خوابَ جو، رسـتو واجـهايان،
مون کي پسي ننڊ ۾ موٽي هو نه مـتان،
مان يرَ ان ڀوَ کان، اکڙيون ڀي ٻوٽيان نه ٿو.
رستا ڪيڏا بي چسا، ڪيڏو سڃ سکر،
مون کي منهنجو گهر، توبن کائڻ ٿو اچي.
هيءَ منهنجي زندگي، ڪيڏي آ بـي چـين،
ويچاري هڪ پين، ساٿ ڏيندي ڪيستائين.
روشـــن راهـــــون رات جـون، اونـده رســتـا ڏيــنــهـن
مون کي تنهنجو ڏينهن، سڀ ڪجهه ڄڻ ته ڏئي ويو.
شامَ ايئن سوچي اٿـيــس، تـوکـي خط لکان،
هڪ ٽـشـو پـيـپـر کـڻـي، تـنـهن ۾ گـل رکـان،
۽ مان پوسٽ ڪيان،سو تنهنجي ائڊريس تي.
شامَ لب ِ مهراڻ تي، ڪيڏو ميلو هو،
بس اڪيلو هو، ماڻهن ۾ ، ساجد رڳو.