حيدرآباد ٿڌي سڙڪ جي وچ تي ڊمپر بيهڻ تي ٿرٿلو، ماڻهو گاڏيون ڇڏي ڀڄي ويا
حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازو واقعن بعد حيدرآباد جي مصروف ٿڌي سڙڪ تي اسٽيٽ لائيف بلڊنگ سامهون ڊمپر بيهجي وڃڻ تي ٿرٿلو، ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، ڪالهه منجهند ڌاري اسٽيٽ لائيف بلڊنگ سامهون هڪ بنا نمبر پليٽ جي ڊمپر اوچتو اچي بيهي رهيو، جنهن سبب پويان ايندڙ گاڏين لاءِ رستو بند ٿي ويو ۽ ٽرئفڪ جام ٿي وئي، ماڻهن ۾ ان وقت خوف ۽ هراس پکڙجي ويو جڏهن ڊمپر جو پٺاڻ ڊرائيور ڊمپر ڇڏي ڀڄڻ لڳو، بلڊنگ جي ڪنٽرول روم مان 15 پوليس کي اطلاع ڪيو ويو، جڏهن ته رينجرز اهلڪار به موقعي تي پهچي ويا، ڊمپر جي پٺيان بيٺل گاڏين مان ماڻهو گاڏيون ڇڏي ڀڄڻ لڳا، اهلڪار ٻئي رستي کان ٽرئفڪ کي گذاريو، جنهن بعد ڊمپر کان ڪجهه فاصلي تي بيٺل ڊمپر جي پٺاڻ ڊرائيور کي سوگهو ڪيو ويو، جنهن ڊمپر سامهو وچ روڊ تي بيٺل هڪ سرمائي رنگ جي خيبر ڪار ڏانهن اشارو ڪندي اهلڪارن کي ٻڌايو ته ڪو همراهه اها ڪار وچ روڊ تي بيهاري هليو ويو، ان ڪار ۾ بم جي امڪان سبب مان به ڊمپر ڇڏي ڀڄي ويس، ڪجهه دير بعد ڪار مالڪ پنهنجي ڪار ڪاهي ڊمپر لاءِ رستو صاف ڪيو، جنهن بعد ماڻهن مان خوف ۽ هراس ختم ٿيو.
(اربع، آڪٽوبر 28، 2009 ڪاوش)