”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ جو جائزوجھانگير عباسي ڪنهن به تخليقڪار جي تخليقي پورهئي کي ادب جي ڪسوٽي تي پرکڻ لاءِ سڀ کان بهترين طريقو اهو به آهي ته ان جي شايع ٿيل لکڻين جو اونهائيءَ سان اڀياس ڪيو وڃي، ائين ڪرڻ سان انهيءَ جي درست معنى ۾ ڇنڊڇاڻ ۽ ڪٿ ڪري سگھجي ٿي. تنقيد جي ڪسوٽي جا معيار فڪري ۽ نظرياتي حوالي سان به جاچڻ گھرجن ته جيئن هڙئي لوازمات پورا ٿي سگھن. ادبي تنقيد جي اهڙن معيارن تي دنيا ۾ بي انت اهڙا ڪتاب آهن جن کي پرکيو ويو آهي. ڪتاب جو موضوع ئي خود ڪنهن به ڪتاب جو تعارف هجي ٿو. اديبن، شاعرن، ڏاهن، محققن ۽ فلسفين جي شخصيتن تي مشتمل نثري ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ به اهڙي ئي طرز جو ڪتاب آهي جيڪو پنهنجو تعارف پاڻ ئي ڪرائي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ نوجوان شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مترجم رضوان گل آهي جنهن جو نالو تعارف جو محتاج ناهي، جو هو گذريل 21 سالن کان مسلسل لکندو رهيو آهي ڪڏهن ڪالم، ڪڏهن ڪهاڻيون، ڪڏهن شاعري، ته ڪڏهن ٻاهرين ادب مان ڪيل سندس ترجما مختلف ادبي رسالن ۽ ادبي صفحن ۾ پڙهڻ لاءِ ملندا رهيا آهن. رضوان هي ڪتاب به اهڙي ئي مستقل مزاجي ۽ محبتن واري محنتن جو نتيجو آهي. ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ بنيادي طور تي مختصر ۽ طويل شخصي پروفائيل ۽ خاڪن تي مشتمل آهي جيڪي ڳوڙهي مطالعي ۽ معلومات سان گڏو گڏ سهڻي پيرائي ۽ احساساتي انداز ۾ لکيا ويا آهن. انهن شخصيتن مان ليکڪ جن سان ملاقاتون ڪيون آهن ان ۾ سندس ذاتي مشاهدو پڻ شامل آهي. ان حوالي سان هن ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. پهريون حصو انهن برک ڏاهن جي حوالي سان آهي جيڪي هن دنيا کي الوداع چئي ويا آهن پر اهي پنهنجي غير معمولي صلاحيتن سبب سنڌي ادب ۾ امر بڻيل آهن جن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، پير حسام الدين راشدي، قاضي عبدالحئي قائل، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، شيخ اياز، انيس انصاري، نجم عباسي، جمال ابڙو، استاد بخاري، ثميره زرين، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ذوالفقار راشدي، قمر شهباز، تاجل بيوس، طارق اشرف، وفا ناٿن شاهي، انور پيرزادو، ڊاڪٽر ملڪ نديم، خيرنساء جعفري، ڪيهر شوڪت، طارق عالم ابڙو، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ رزاق مهر شامل آهن. ٻيو حصو وري انهن ليکڪن جي حوالي سان آهي جيڪي حال حيات آهن ۽ ادب ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا. انهن ۾ سينيئر ليکڪن کان علاوه موجوده دور جا ڀلوڙ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار وغيره اچي وڃن ٿا جن ۾ محمد ابراهيم جويو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، امر جليل، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، قاضي مقصود گل، ادل سومرو، زيب سنڌي ۽ اياز گل شامل آهن. اهي سڀئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ اهم حيثيت رکندڙ آهن. رضوان گل جا ڪافي سارا لکيل پروفائيل ۽ خاڪا ڪتاب اچڻ کان اڳ مختلف ادبي رسالن يا اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل شخصيتن جي حوالي سان رضوان پاڻ لکيو آهي ته: ”هن ڪتاب ۾ شامل شخصيتن جي ترتيب سندن جنم تاريخ يا سال جي حوالي سان رکي اٿم، نه ته انهن مان ڪيترين ئي شخصيتن جو قد ڪاٺ ۽ پورهيو سندن عمر جي ڪٿ کان گھڻو گھڻو مٿاهون آهي.“ ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران شايع ڪيل 128 صفحن تي مشتمل رضوان گل جي ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ جو مڪمل مطالعو ڪرڻ بعد ليکڪ ۽ ڪتاب جي حوالي سان منهنجي ذهن ۾ جيڪي خيال جڙن ٿا، سي هن ريت آهن: 1. مٿي ذڪر ڪيل پهرئين حصي وارين شخصيتن جو تعداد 22 آهي ان حصي ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي اهڙيون قدآور شخصيتون هيون جن کي شامل ڪرڻ گھرجي ها. 2. اهڙي ريت جيڪڏهن هن ڪتاب ۾ شامل ۽ ڪجهه ٻين حال حيات شخصيتن تي هڪ الڳ ڪتاب ترتيب ڏنو وڃي ها، ته وڌيڪ بهتر ٿي ها. 3. ڪتاب ۾ شامل شخصيتن جي خاڪن کي مختصر انداز ۾ لکيو ويو آهي، جڏهن ته انهن جو ذڪر ڪجهه وڌيڪ تفصيل سان ڪيو وڃي ها، ڇالاءِ ته انهن جون هڪ ئي وقت مختلف شعبن ۾ خدمتون ڪيل آهن. هي ٽي رايا مون هڪ قاريءِ جي حيثيت ۾ لکيا آهن جن جو مقصد اجائي تنقيد نه سمجھڻ گھرجي. هن ڪتاب کي رضوان گل اوجاڳا ڪري پنهنجو نور نچوئي اسان تائين ان صورت ۾ پهچايو آهي جيڪو يقينن ڪارائتو ۽ قابلِ داد ڪم آهي. هن ڪتاب مان نوجوان پڙهندڙ ٻيڻو لاڀ حاصل ڪري سگھي ٿو. جڳ مشهور ليکڪ الطاف شيخ هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”هن ڪتاب ۾ موجود اڪثر اُهي ماڻهو آهن جن تي وقت بوقت آءٌ به لکڻ جو سوچيندو رهيو آهيان، پر عملي طرح ڪامياب نه ٿيو آهيان. اهو ڪم رضوان گل ڪري هڪ طرف حق ادائي ڪئي آهي، ٻئي طرف ڄڻ ته منهنجي ناتمام خواهش به پوري ڪئي آهي. ان کان علاوه هن ڪتاب جو ٻيو اهم ڪارج اهو به آهي ته رضوان اڄ جي نوجوانن کي اهڙين اهم شخصيتن سان متعارف ڪرايو آهي. اهي ماڻهو جن سنڌي ادب کي خوبصورت تخليقون ارپيون آهن تن کي ياد ڪرڻ ۽ مانُ ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي پر رضوان گھڻن ليکڪن کان اڳ ۾ ان فرض کي محسوس ڪيو آهي، جنهن جو ثبوت سندس هي ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ رضوان گل سنڌ جي 32 اهم شخصيتن جو احوال لکيو آهي، جن ۾ اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، نقاد، تعليمدان، صحافي، ڊرامه نگار، مترجم، مصور، لطيف شناس، تاريخدان، سماج سڌارڪ ۽ ماهرِ لسانيات اچي وڃن ٿا. انهن مان اڄ ڪيترائي اسان کان جدا ٿي ويا آهن.“ رضوان گل سوچيندڙ، لوچيندڙ ۽ جاکوڙي ليکڪ آهي جنهن هڪ ئي وقت مختلف شعبن ڪم ڪري پنهنجي هڪ سڃاڻپ ٺاهي آهي ۽ هو خاموشيءَ سان پنهنجو اهو ڪم ڪندو رهي ٿو. رضوان کلڻو ملڻو دوست آهي جيترو رس چس ۽ مٺاس سندس نثر ۾ آهي ايتري ئي سندرتا سندس شاعريءَ ۾ به موجود آهي. ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ ڪتاب سندس ٻيو ڪتاب آهي، جيڪو مقابلي واري امتحان ۾ ويهندڙ نوجوانن لاءِ پڻ تمام گھڻو اهميت وارو آهي.