• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سکر پوليس جو ڪارنامون

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
اڄ جي تازه خبر اها آهي ته گذريل رات ، پ پ پ جي جلسي تي مبينا فائرنگ ڪندڙ عزيز جانوري کي باگڙجي ٿاڻي جي حد ۾ ماريو ويو۔ چون ٿا عزيزالله جانوري کي بهاولپور مان گرفتار ڪري سکر جي ٿاڻي باگڙجي ۾ قيد ڪيو ويوهو۔ بقول شرجيل ميمڻ جي ته ٿاڻي تي مقتول عزيز جانوري جي پٽ حملو ڪري پيءُ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ، جنهن ۾ عزيز جانوري مارجي ويو، ٿاڻي تي به گوليون لڳيون آهن ۔
سوچڻ جي ڳاله حملو ڪندڙن مان ڪو به زخمي نه ٿيو ، ٿاڻي جو بچاءُ ڪندڙن سپاهين مان به ڪو زخمي نه ٿيو ، بندوقن جا دل ڏاريندڙ ٺڪاءَ باگڙجي شهر ۾ ڪنهن به شهري نه ٻڌا ، صرف عزيز جانوري مارجي ويو !!!!! دلين جا راز پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو۔
 
بس ادا چوندا آهن ته سياست هڪ اهڙي راند آهي جنهن کٽڻ لاءِ ٻين جو خوشيون ۽ ٻين جا حق آهن ۽ لُٽائڻ لاءِ جان ئي هوندي آهي۔ اهو حملو گذريل رات نه پر ڪجهه وقت پهرين نفيسا شاهه جي جلسي تي ٿيو هو۔ جنهن ۾ مقتول ۽ زخمي به جانوري هئا ۽ حمله آور به۔ ڪير سچو ڪير صحيح اها خبر خدا کي پر لڳي ٿو ته اهو حمله آور استعمال ٿيو هو۔ پردي پويان پليئر ڪي ٻيا آهن
 
۔ اهو حملو گذريل رات نه پر ڪجهه وقت پهرين نفيسا شاهه جي جلسي تي ٿيو هو۔
ادا ذڪر آهي ڪاله رات واري حملي جو جنهن ۾ عزيز الله جانوري کي باگڙجي ٿاڻي مان ڪڍي ڪجه مفاصلي تي ماريو ويو آهي ( صحافي لالا اسد)
 
مارجي ويو يا ماريو ويو اهو سوال اٿارڻ جو به ڪو فايدو ناهي ڇو ته جتي چور به ساڳيا ۽ پيرائي به ساڳيا هجن ته نه چور لڀندا نه چوري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔رڍن اڳيان رباب وڃائيندي وره ٿيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
مارجي ويو يا ماريو ويو اهو سوال اٿارڻ جو به ڪو فايدو ناهي ڇو ته جتي چور به ساڳيا ۽ پيرائي به ساڳيا هجن ته نه چور لڀندا نه چوري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔رڍن اڳيان رباب وڃائيندي وره ٿيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
هت سوال اهو ناهي ته ڪير چور آهي يا ڪير پيرا واڍوُ ؟ اهو به خيال نه آهي ته ڪو عزيزالله جانوري سَاڌ هو يا چور ، پر ايڏي انڌيرننگري ؟؟؟؟؟؟؟؟ هينئر هرهڪ جي ذهن ۾ اهو هجڻ گهرجي، انڌي مَنڊِي لوُلي لنگڙي ميڊيا ( پرنٽ يا اليڪٽرانڪ ) ڪنهن نه ڪنهن نموني سان ڪم ضرور پئي ڪري ۔
 
خيرپور واقعي پويان ڪنهن جا هٿ آهن اهو هڪ سوال آهي؟

خيرپور جو ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريٽر نياز علي جانوري منهنجو ويجهو دوست آهي۔ ڪيترن سالن کان هنن سان پراڻو واسطو آهي، هو هڪ شريف ۽ سادو انسان آهي۔ سندس والد پڻ هڪ محنت ڪش ماڻهو هو۔ نياز علي جانوري ڪافي عرصي کان سچل ڳوٺ ۾ پڻ رهائش پذير رهيو آهي ۽ ڪجهه عرصو ته اسان جي اوطاق تي به رهيل هيو۔

هن تي خيرپور جلسي ۾ ڪيل فائرنگ ڪنهن به طرح ذاتي دشمني نه هئي۔۔۔۔ ڇو ته مخالفن سان هن جو ڪوبه جهيڙو هلندڙ ڪونه هيو، جيڪڏهن ايئن هجي ها ته هو بغير هٿيارن جي ، بغير ڪنهن حفاظتي دستي جي ڪيئن ڦرندو رهي ها؟ جيڪڏهن ذاتي دشمني هئي به ، ته پوء کيس ڪٿي به رستي ويندي يا گهر ۾ حملو ڪري پي سگهيا، هو ته ايئن ئي گهمندو رهندو هو ۔۔۔۔ هو ته سدائي هٿين خالي هلندو هو، هن وٽ ته پنهنجو ڪو گهر به ناهي ۽ ڪراچي ۾ سچل ڳوٺ ۾ ڪرايي تي رهائش اٿس، هن جو ته ڳوٺ ۾ به ڪو بنگلو يا ڪا وڏي جاء ناهي ۔۔۔۔ٻه ڏينهن اڳ جڏهن ڳوٺ ويس ته ساڻس ملاقت ڪرڻ وياسين، هو گهڻو ڊسٽرب لڳي رهيو هو، کيس ٻه گوليون لڳل هيون ۽ گهڻي رت وهڻ سبب ڪمزور لڳي رهيو هو، سندس ڦَٽ به اڃان ڪونه مِڙيا هيا۔ هن تي ڪلاشنڪوف جو برسٽ هلايو ويو هو ۽ هن سان گڏ موجود ماڻهن مان 6 ڄڻا بيگناهه گولين جو کاڄ بڻجي جانيون وڃائي چڪا هيا ۽ ڏهن کان مٿي زخمي ٿيا هيا۔ هو ٻڌائي رهيو هو ته منهنجي ڪنهن سان به دشمني ڪانه هئي، جيڪڏهن ايئن هجي ها ته پنهنجي لاء حفاظت جو جوڳو بندوبست ڪيان هان۔۔۔

اتان جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي اهو محسوس ٿيو ته ان واقعي پويان ڪجهه ڪارڻ هئا۔ هڪ ته ساڙ ۽ حسد جيڪو اسان جي سنڌي قوم مان ڪڏهن به ختم ٿيڻ وارو ناهي۔ ڪنهن کان به ڪنهن ٻئي جي آسودگي، اڇا ڪپڙا، سکيو گذارڻ، اڳتي وڌڻ يا چئن چڱن سان اٿڻ ويهڻ برداشت ڪونه ٿو ٿئي، هڪ عجيب جيليسي وارو ماحول پيدا ٿو ٿئي، جنهن جو مان ۽ منهنجي فيملي به شڪار ٿيا آهن۔ نياز جانوري هڪ عام ماڻهو جڏهن سي ايم سان گڏ هو ته اها ڳالهه سندس پاڙي وارن کان برداشت ڪانه ٿي۔۔۔۔

ٻي ڳالهه ته سياسي جلسي ۾ فائرنگ ڪرائي قتل ڪرڻ پويان سياسي هٿ به هيا، جيڪي واضح ٿي رهيا هيا ته قاتل کي دوران تفتيش ماريو ويو۔قاتل هڪ نه هيو، ڇو ته مرندڙن مان هڪ کي ڪلاشنڪوف جا فائر ٿيل هئا، هڪ کي ڪارتوس جا ڇرا لڳل هيا ۽ هڪ کي پسٽل جون گوليون لڳل هيون۔ ظاهر آهي ته تفتيش دوران ٻين قاتلن جو به پتو پوي ها۔۔۔۔ ۽ ان واقعي جا ماسٽر مائينڊ به وائکا ٿين ها۔

قاتل جي قتل پويان ڪي وڏا هٿ ئي لڳي رهيا آهن جيڪي هن واقعي کي لڪائڻ طرف وڃي رهيا آهن ۽ ان ۾ ساڳيا ماڻهو شامل هوندا جن ڏانهن هي پيرا وڃي رهيا هئا۔۔۔۔۔۔۔

پياري دوست نياز جانوري جي جلد صحتيابيء لاء دعاگو آهيان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
اتان جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي اهو محسوس ٿيو ته ان واقعي پويان ڪجهه ڪارڻ هئا۔ هڪ ته ساڙ ۽ حسد جيڪو اسان جي سنڌي قوم مان ڪڏهن به ختم ٿيڻ وارو ناهي۔ ڪنهن کان به ڪنهن ٻئي جي آسودگي، اڇا ڪپڙا، سکيو گذارڻ، اڳتي وڌڻ يا چئن چڱن سان اٿڻ ويهڻ برداشت ڪونه ٿو ٿئي، هڪ عجيب جيليسي وارو ماحول پيدا ٿو ٿئي، جنهن جو مان ۽ منهنجي فيملي به شڪار ٿيا آهن۔
۔
اصل ڳالھ اها ئي تڏهن ته اسان پوئتي پيل آهيون ، اها ويڌن هر ماڻهون سان آهي ، الله پاڪ اسانکي هدايت نصيب فرمائي
 
Back
Top