http://www.youtube.com/watch?v=PndJi2Sia2wڇا ڪو ننڍڙو ٻار ايئن ڪري سگهي ٿو۔۔؟ مان ته چوان ٿو هر گز نه ۔۔ پر ڇا ڪجي۔۔۔ هي سچ آهي۔ايترا ننڍڙا ٻار لالي پاپ ۽ رانديڪا وٺڻ جو ضد ڪندا آهن۔ هن ٻار جي عمر پنج سال مَس آهي ۽ ڪم ته ڏسو اسان جهڙن جوانن ۽ بزرگن کي حيرت ۾ وجهي ٿو ڇڏي۔۔۔ هن جا ڪرتب ڪمال جا آهن۔۔ خاص ڪري ويٽ لِفٽنگ ۽ باڊي بلڊنگ ۽ جمناسٽڪ جا ڪرتب۔۔ هي ته صفا ڪو گجني لڳو پيو آهي۔۔۔asul mattasul mattasul matt
واه ير اسد! واه جي شيئرنگ ٺڪاءِ ڪرائي اٿئي.......... اسان ته يار سنهڙي واه ۾ اڳيان ٽپو به ڪونه ڏئي سگهندا هئاسين هي ته ڀيسان. الائي ڪهڙا ڪرتب پيو ڏيکاري.... ير اهڙي شيئرنگ تي توکي دلي واڌايون هجني.....
ها ادا ڄامشورائي ادو رنجيت سچ پيو چئي اسان ته سنهڙي واه ۾ به ٽپو ڪونه ڏئي سگهندا هئاسين۔۔۔ اوهان کي جس هجي جو اوهان اهڙيون مزيدار وڊيوز شيئر ڪندا آهيو۔
ادا بس مان گوگل ۾ رنجيت ڪا بچپن لکي سرچ ڪندو آهيان، پوءِ هي وڊيوز کُلي اينديون آهن۔۔۔ wslam ها ها ها ها۔۔۔ مهرباني پسند ڪرڻ جي۔۔ واقعي هي ٽپا ڏيڻ اسان جي وس جي ڳالهه ئي ڪانهي۔۔
مهرباني زاهد ڀاءُ۔۔ بس اسان کي توهان جا قُرب ڀريا ڪمينٽس مجبور ڪندا آهن ته نيون نيون شيون توهان سان شيئر ڪندا ڪريون
پر جاني مان ته سنڌي آهيان سو رنجيت کا بچپن ڇو؟ اتي ته رنجيت جو ٻالڪپڻو هجڻ گهربو هو۔۔۔۔۔۔ ڪجهه سوچ سمجهه سياڻا۔۔ ٻيو وري اهو ته ير مان جڏهن ننڍڙو هوس تڏهن ته ڪمپيوٽر هيو ئي ڪين۔۔۔۔ هل اگر تون چوين ٿو ته تنهنجي ڳالهه تي يقين رکون ٿا۔ پوء به تنهنجي مهرباني سُهڻا جو تو منهنجو نالو لکي سرچ ڪندو آن۔ اگر تي اتي پنهنجو نالو لکي سرچ ڪرين ته شايد وڌيڪ لڀائيندڙ رزلٽ ملني۔۔۔
ادا شڪر ڪر ته بچپن لکڻ تي به رزلٽ آئي اٿئي ورنه رڳو چائلڊ هوڊ لکڻ تي رزلٽ ايندي آهي، ٻالڪپڻي جو لفظ مائِي گوگل کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي، ٻيو وري انهيءَ سڄي وڊيو ۾ ڪمپيوٽر ته آهي ئي ڪونه، تنهنجي رڪارڊنگ تڏانهن واري ڪيميرا سان ٿيل آهي جڏهن رڪارڊنگ لاءِ هڪ وڏي دَٻي نما ڪيميرا ۽ وڏي وي سي آر هوندي هُئي۔۔۔ ادا منهنجي ٻالڪپڻي تي سرچ نه ڪجان، جي سرچ ڪندين ته توکي رُڳو پُڇ واري شينهن جا ڦوٽا ڏسڻ ۾ ايندا۔۔ڪٿي اُهي شينهن ڏسي هانءُ نه ڦاٽي پُوئي۔ آئون بِنا پُڇ وارو شينهن آهيان۔۔hall chari