غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
جانوار پنهنجي ٻچن جي تربيت ڪهڙي نموني ڪندا آهن؟
بلال مصطفي ميمڻ ، اسان جي ننڍڙي شهزادي جي ڊائري مان هڪ انگريزي زبان ۾ لکيل مضمون جو ترجمو اوهان پيارن ٻارن ۽ محترم ميمبرن جي لاء:_
انسانن وانگرجانوار به پنهنجي ٻڄن جي پرورش جي لاء جهڙي نموني انهن کي غذا مهيا ڪندا آهن ، انهئي طرح انهن کي رهڻ سهڻ ۽ پنهنجي خوراڪ پاڻ تلاش ڪرڻ کان علاوء انهن کي ان ڳاله جي به تربيت ڏيندا آهن ته خطري جي وقت پنهنجي جان ڪيئن بچائجي ۽ مدمقابل دشمن کي ڪيئن حملو ڪري ڀڄائجي۔
دنيا م جيترا به جانوارن جو نسل آهي انهن ۾ چيمپيز (بندر جو هڪ نسل) پنهنجي عادتن ۽ خصلتن جي ڪري انسانن کان قريب تر آهي۔ هي انهن حيوانات مان آهي جيڪي هر اها شي ڪندا آهن جيڪي انهن جي ماء ڪندي آهي مثال ننڍو چيمپيز غورسان پنهنجي ماء جي حرڪتن جو مشاهدو ڪندو رهندو آهي ۽ جلدي هي سکي وٺندو اهي ته، ان جي ماء ڪهڙي طريقي سان وڻن ۾ سوراخ ڪري انهن جي اندران ڪيڙا مڪوڙا ڪڍي کائيندي آهي،انهي طرح هو وڻن مان فروٽ وغيره ٽوڙي کائڻ جي ٽرينگ ڏيندي آهي۔
زمين تي گروپ ٺاهي رهندڙ جانوار هجن يا پاڻي ۾ رهڻ وارا جانوار هجن سڀ پنهنجي احساست جو اظهار پنهنجي چهري جي تاثرات مان ڪندا آهن ۔ اهئي تاثرات انهن جا ٻچا تمام جلدي سکي ويندا آهن ۔ پيدائش کان پوء ٻچو پنهنجي ماء سان چنبڙيو رهندو آهي ۽ ماء جون تمام حرڪتون ڏاڍي غور سان مشاهدي ۾ آڻيندو آهي۔ ماده بندر پنهنجي ٻار کي بلڪل انسانن وانگر هلڻ سيکاريند آهي يعني جيئن انسان پهريون پهريون ٻار کي بيهاري ان کي هلڻ جو اشارو ڪندو آهي انهي طرح بندريا به پنهنجي ٻچي کي پهريون بيهاريندي آهي ۽ پوء ان کي قدم کڻڻ جي طرف راغب ڪندي آهي،هلندڙ ٻچو جڏهن ڪيرڻ وارو هوندو آهي ته هڪدم ان کي پڪڙي وٺندي آهي۔ انهي طرح بار بار پريڪٽس ڪرڻ سان بندر جو ٻار هلڻ سکي ويندو آهي۔
جانوارن جون صلاحيتون۔
تمام گهڻن تجربن مان اها ڳاله ثابت ٿئي آهي ته مختلف جانوارن ۾ مختلف صلاحيتون هونديون آهن۔مثلان ڊولفن (مڇي جو هڪ قسم) ۾ اهئي سڀ شين سکڻ جي صلاحيت هوندي آهي جيڪا انسان هن کي سيکاريندو آهي۔ انهي طرح جيڪڏهن نوريڙي جي ماني ڪٿي پري رکي وچم ۾ رڪاوٽون رکيون وڃن تڏهن به نوريڙو پنهنجي ماني تلاش ڪري وٺندو آهي۔ انسانن وانگر جانوارن ۾ به ذهانت جا مختلف درجا هوندا آهن۔ڪو تمام گهڻو ذهين هوندو آهي ته ورئي ڪوئي تمام گهٽ ذهين هوندوآهي۔ گوريلو ۽ چيمپيز ذهانت جي لحا ظ کان انسانن جي قريب ترين هوندا آهن ۔ جڏهن ته سهي ( خرگوش) ۾ تمام گهٽ ذهانت هوندي آهي، ان ۾ سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت بلکل به نه هوندي آهي ،هو وقتي طور تي ماحول جي مطابق ڪم ڪندو اهي جڏهن ته بندر پهريائين کان سوچي سمجهي ڪم ڪندو آهي ۔ بندر ۾ انسانن جي نقل ڪرڻ جي خوبي به هوندي آهي۔
ماده چيتاء ۽ شيهڻ پنهنجي ٻچن کي شڪار ڪرڻ جا طريقا سيکارڻ لاء ڪنهن به زنده جانوار کي گهيري پنهنجي ٻچن جي ويجهو آڻي ان تي مختلف طريقن سان حملاء ڪري بالاآخر ان تي قبضو ڪري وٺندي آهي ، انهي طرح ٻچن کي شڪار ڪرڻ ۽ ان کي کائڻ جي تربيت ڏيندي آهي۔ بگهڙ ۽جنگلي ڪتا به ٽولو ٺاهي شڪاري جي تلاش ۾ نڪرندا آهن ۔ان ڌڻ ۾ انهن جا ٻچا به شامل هوندا آهن۔
جانوارن جي ڳالهائڻ جو طريقو۔
هر جانوار جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ جو طريقو مختلف هوندو آهي۔ مثلن سامونڍي جانوار پاڻ ۾ وڌيڪ ڳالهائيندا آهن، جهڙوڪ وهيل مڇي ۽ ڊولفن ،هي مڇيون هميشه گروپ جي حالت ۾ رهنديون آهن ۔جڏهن ڪوبه خطرو ڏسنديون آهن ته ان جو اطلاع پنهنجي مخصوص قسم جي آواز ۾ ٻين ڊولفين يا وهيل مڇين تائين پهچائينديون آهن۔ اهو هڪ راز آهي جنهن جي اڃا تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته مختلف موقعون تي مختلف قسمن جي آوازن جي سڃاڻپ ٻيون مڇيون ڪهڙي نموني ڪنديون آهن،يعني خطري جي وقت انهن جي آواز مختلف هوندي آهي۔ جيڪڏهن ڪافي ساري خوراڪ نظر اچي وڃين ته ان جو اطلاع پنهنجي هم جنس کي ڏيندي انهن جو آواز مختلف هوندو آهي۔ خوش ٿي ڪري جڏهن پاڻي ۾ ٽپاء ڏينديون آهن ته انهن جو آواز مختلف هوندو آهي۔ وهيل مڇي ۽ ڊولفن جا ٻچاء هڪ سال تائين پنهنجي ماء سان گڏ هوندا آهن۔ ماء ۽ آسپاس جي ٻين ڊولفين مڇين جو آواز ٻڌندا ۽ سمجهندا رهندا آهن۔ ٻچاء پهريائين بي تڪي، بي معني ۽ بڙ بڙ جهڙيون آواز ڪڍندا آهن پر پوء آهستي آهستي مختلف قسمن جون آواز سکي ويندوآهن۔
هاٿي محبت ۽ خوشي جو اظهار پاڻ ۾ سونڍون ملائي ڪندا آهن ۽ هميشه ٽولن جي صورت ۾ رهندا آهن۔ جيڪڏهن انهن جي ٽولي مان ڪو هاٿي هيڏي هوڏي هليو يوندو آهي ته مخصوص آواز ۾ هن کي واپس گهرائيندا آهن۔
جانوارن ۾ هڪ خوبي اها به آهي ته هم جنس جانوارن ۾ ويڙه تمام گهٽ ٿيندي آهي۔ (جڏهن ته حضرت انسان ۾ تمام گهڻي ٿيندي آهي) جيڪڏهن ڪڏهن ويڙه ٿيندي آهي ته ڪمزور جانوار آساني سان پنهنجي شڪست قبول ڪري وٺندو آهي ۽ انسانن وانگر هرڀرو جي طرم خانه نه ڏيکاريندو آهي۔ شينهن ، چيتا۔هاٿي ۔ ڊولفن وغيره ان قسم جي جهيڙن کان پري رهندا آهن
سوشل گروپ:_
گروپ سان گڏ رهڻ وارا جانوار ن جا ٻچاء به انهن سان گڏ رهندا آهن ،انهي طرح ٻچاء خودبخود پنهنجي معاشري ۾ رهڻ جا طور طريقا پنهنجي وڏن کي ڏسي ڏسي سکي ويندا آهن ۔ ٻچاء پاڻ ۾ راند رواند ،۽ ويڙه جهڳڙو ڪندا آهن جيڪو انهن کي آئينده زندگي ۾ تمام گهڻو ڪم آيندو آهي۔