ٿوهر-هٿراڌو گُلانور بلوچ جي ڪتاب ”ٿوهر ڳاڙها گُل“ جو تنقيدي جائزوپروفيسر نذير احمد سومرو ادب جو تخليقي عمل، ادب جي مختلف صنفن ۾ ورهايل ٿئي ٿو. هر تخليقڪار پنهنجي ڪيفيت، تجربي ۽ مشاهدي جو مختلف نمونن سان ادب جي الڳ الڳ صنفن ۾ اظهار ڪري ٿو. ادب جي انگريزيءَ ۾ لغوي معنيٰ ”اکرن جي دنيا“ لکيل آهي. اڄ ڪلهه کوڙ سارو ادبُ سائنسي ادب، ڪلاسيڪل ادب، مذهبي ادب، ثقافتي ادب، سياسي ادب، تاثراتي ادب ۽ معلوماتي ادب جي نالي سان لکجي رهيو آهي. ڊاڪٽر فهميده نسرين چواڻي؛ ”هر قسم جو لکيل مواد، ادب ڪو نه هوندو آهي.“ اردوءَ جو مشهور ليکڪ سردار جعفري چوي ٿو؛ ”اخبار جي هر خبر، سياسي تبصرو يا مضمون ادب جو حصو ڪونه ٿئي ٿو.“ پر ڊبليو-ايڇ هڊسن جي چوڻي آهي؛ ”ادب مان مطلب اُهي ڪتاب آهن، جيڪي موضوع ۽ طرزِ بيان جي لحاظ کان عام دلچسپيءَ وارا هجن.“ ان مطابق محترم محمد انور بلوچ جو ڪتاب ”ٿوهر ڳاڙها گُل“ مواد جي لحاظ کان ڏاڍو دلچسپ آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ، مشهور سنڌي شاعر ۽ نثر نگار نصير مرزا لکيو آهي. محترم نصير مرزا ڪتاب جي مهاڳ کي، خط-نما جو نالو ڏيندي لکي ٿو: ”ڇا ته سرءُ جي مند ۾ خوشگوار تحفو آهي؛ هيءُ ڪتاب!“ محترم نصير مرزا، پنهنجي لکيل مهاڳ ۾، محترم انور بلوچ کي اڻ سڌيءَ طرح مرزا قليچ بيگ، راشدي برادران، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ۽ شيخ اياز سان ڀيٽ ڏني آهي. مرزا قليچ بيگ يا راشدي برادران يا پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ۽ شيخ اياز، ڪن ماڻهن/ليکڪن جيان پرايون لکڻيون/شيون کڻي/اُتاري/نقل ڪري ڪونه لکيون هيون. جڏهن ته محمد انور بلوچ جي هن ڪتاب ۾ آيل مواد، گهڻو تڻو، ٻين ڪتابن تان اڌارو ورتل ۽ چوري ٿيل آهي. اڄ کان ڏهه سال اڳ، فرنٽيئر پوسٽ پبليڪينشز لاهور طرفان ”مشرقي پاڪستان ڪِي اَن ڪَهِي داستان، پندره گورنر-پندره ڪهانيان“ جي نالي سان هڪ ڪتاب شايع ٿيو هو. ڪتاب جو مصنف ميجر ايس جي جيلاني آهي، جيڪو اوڀر پاڪستان جي ۱۵ گورنرن جو لاڳيتو اي ڊي سي رهيو هو. ميجر جيلاني، پندرنهن گورنرن جي طبيعت، عادتن ۽ مزاج بابت تفصيل سان لکيو آهي. محترم انور بلوچ ”پندرنهن گورنر، پندرنهن ڪهانيان“ مان اوڀر پاڪستان جي هڪ گورنر ۽ پاڪستان جي آخري گورنر جنرل ۽ پهرئين صدر اسڪندر مرزا ۽ گورنر جسٽس شهاب الدين، جنرل اعظم خان، عبدالمنعم خان ۽ اوڀر پاڪستان جي هڪ سابق وزيراعلى ۽ شيخ مجيب جي ذاتي دوست ابو حسين سرڪار بابت ميجر جيلاني جا ٻڌايل/لکيل واقعا کڻي، انهن کي سنڌي ويس وڳا پهرائي (سنڌي ترجمو) ۽ ڏاڍي مهارت سان پنهنجي طرفان به ڪي جملا ۽ الفاظ ٽنبيا آهن، ته جيئن اصلي ۽ نقلي جو فرق مٽجي وڃي. محترم انور بلوچ جي ڪتاب مان اهڙيون ڳالهيون کڻي انهن جي تڪ تور ڪجي ته هوند، ايترن صفحن جو هڪ ٻيو ڪتاب تيار ٿي سگهي ٿو. محترم انور بلوچ پنهنجي ڪتاب ۾ ”ليکڪ پاران“ واري حصي/صفحن ۾ لکي ٿو: ”بهرحال ٿوهر ڳاڙها گُل ۾ پيش ڪيل ڳالهين ۾ منهنجي ذهني ڪاوش جو هجڻ گهٽ سهي (ڪتاب ۾ ته مواد پراڻو آهي، پوءِ ذهني ڪاوش ڇا معنى؟) پر اهو نئين نسل لاءِ ڪنهن به آئيني کان گهٽ ڪونهي.“ محترم انور بلوچ پنهنجي واکاڻ پاڻ ڪري چوي ٿو ته سندس ڪتاب نئين نسل لاءِ آئيني برابر آهي. نه رڳو ڪتاب جي مهڙ ۾، پر ڪتاب جي اندرين صفحن ۾ به پنهنجي تعريف پاڻ ڪندي، پنهنجي ڪهاڻين مان پاڻ چونڊ ڪري، پاڻ کي داد ڏئي پاڻ ئي لکيو اٿس! پنهنجي واکاڻ پاڻ ڪرڻ وارو عمل ڪيتري قدر پسند جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو، ان لاءِ فارسي جي هڪ شاعر جو خيال آهي: ”ثناءِ خود بخود ڪردن نه زيبد مرد دانا را“(پنهنجي واکاڻ پاڻ ڪرڻ، هڪ سياڻي ماڻهوءَ کي نٿي جڳائي.)پر محترم انور بلوچ پنهنجي ڪتاب جي صفحي نمبر ۹۶ تي پنهنجي تعريف پاڻ ڪندي لکي ٿو: ”پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ حد کان وڌيڪ نيڪيءَ جا ڪم ڪندي (ماشا الله) به منهنجي ڳوٺ جو هڪ پريو مڙس مون تي سدائين ڪاوڙيل هوندو آهي....“ محترم انور بلوچ جيڪڏهن پنهنجي ڳوٺ جي بهبوديءَ ۽ ترقيءَ يا سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو آهي ته ان تي سائين ايترو نازان آهي جو پنهنجي ڪيل نيڪيءَ لاءِ پاڻ کان داد وٺي، پنهنجي قلم سان پنهنجي کاتي (ڪتاب) ۾ لکي ڇڏيائين، ته جيئن آئنده جي لاءِ هڪ ”سند“ رهي، ته هن سدائين نيڪيءَ جا ڪم ڪيا آهن. نيڪيءَ لاءِ ته سياڻن چيو آهي؛ ”نيڪي ڪري درياهه ۾ وجهه“. مهاتما گانڌي پنهنجي خودنوشت جي پهرئين صفحي تي لکيو آهي؛ ”منهنجي لاءِ عذاب آهي جو ماڻهو مون کي موهن جي بجاءِ مهاتما ڪري ڪوٺين ٿا، مان مهاتما ناهيان.“ محترم انور بلوچ جي ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي محترم طارق عالم لکي ٿو: ”ڳوڙهي ڳالهه، بنا ڪنهن ڦند ڦير جي لکڻ جو فن، انور بلوچ جي قلم جو خاصو آهي. هو جنهن سادگيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ڳالهائي ٿو، جنهن شدت سان دوستن سان بي غرض محبت ڪري سگهڻ جي قوت رکي ٿو، اهڙي ئي شدت، سادگي ۽ ايمانداريءَ سان لکڻ جي قوت به اتم رکي ٿو.“ محترم انور بلوچ جي راءِ سان متفق ٿيڻ يا اختلاف کان هٽي ڪري آئون پڙهندڙن جي آڏو چند حوالا ڏئي فيصلو به معزز پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو، ته سائين انور بلوچ لکڻ ۾ ڪيتري سادگيءَ ۽ ايماندريءَ کان ڪم ورتو آهي. ميجر جيلاني، اسڪندر مرزا جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب جي صفحي نمبر ۸۷ تي لکي ٿو؛ ”هُو ڪڏهن ڪڏهن گدڙن جو شڪار ڪندو هو.“ محترم انور بلوچ اها ساڳي ڳالهه پنهنجي ڪتاب جي صفحي نمبر ۸۷ تي ڄاڻائي ميجر جيلاني جي لکيل لفظ پهاڙيان جو ترجمو پهاڙي ڪيو آهي. جڏهن ته اردوءَ جي پهاڙيان کي اسان سنڌيءَ ۾ ٽڪريون چوندا آهيون. برصغير جي هڪ اهم سياستدان ۽ گڏيل پاڪستان جي هڪ اهم ليڊر، نيشنل عوامي پارٽي جي سربراهه مولانا ڀاشانيءَ کان ڪير واقف ناهي؟ مولانا عبدالحميد ڀاشانيءَ جي ’گهيراؤ جلاؤ تحريڪ‘ ڪنهن کان وسري هوندي؟ پر اهو محترم انور بلوچ جي قلم جو ڪمال آهي، جو هو مولانا ڀاشانيءَ کي اوڀر پاڪستان جو هڪ مقامي ليڊر قرار ڏئي ٿو ۽ گڏيل پاڪستان جي آخري صدر يحى خان جي واتان مولانا ڀاشانيءَ لاءِ ”ملان“ جو لفظ چورائي ٿو. حالانڪ ميجر جيلانيءَ مطابق صدر يحى خان ”ملان“ جو لفظ استعمال ئي ڪونه ڪيو هو. نقليءَ تي اصلي جو ٺپو هڻڻ خاطر، محترم انور بلوچ پنهنجي طرفان ”ملان“ لفظ لکي ڇڏيو آهي. ”پندرنهن گورنر، پندرنهن ڪهانيان“ مان مولانا ڀاشانيءَ جي ڳالهه هوبهو کنئي اٿس! محترم انور بلوچ پنهنجي ڪتاب ۾ اوڀر پاڪستان جي هڪ گورنر جسٽس شهاب الدين جي ڳالهه صفحي ۹۸ تي ڄاڻائي آهي، جيڪا اصلي ڪتاب جي صفحي ۴۵-۴۸ ۽ ۵۱ تان کنئي وئي آهي. جسٽس شهاب الدين پنهنجي زال سان ايتري شدت سان محبت ڪندو هو، جو ميجر جيلانيءَ پيش گوئي ڪئي هئي ته جيڪڏهن ٻنهي مان هڪڙو به اڳ ۾ مري ويو، ته ٻيو گهڻو وقت زنده رهي نه سگهندو ۽ ميجر جيلاني خود لکي ٿو؛ منهنجي اها پيشنگوئي حادثاتي طور تي سچ ثابت ٿي. جڏھن ته محترم انور بلوچ مٿين ڳالهه لکندي ميجر جيلاني کي به باءِ پاس ڪري ويو! ۽ سواءِ ڪنهن حوالي، نالي وٺڻ جي اها ڳالهه پنهنجي طرفان لکي ڇڏيائين ۽ ڪردار جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ مخصوص سٽون لکڻ واري ڳالهه به ميجر جيلانيءَ جي ڪتاب تان هوبهو کنئي وئي آهي. شيخ مجيب الرحمان جي ساٿيءَ ۽ اوڀر پاڪستان جي هڪ سابق وزيراعليٰ جي ساڄي ٽنگ لوڏڻ واري عادت، جنهن هڪ آمريڪي عورت کي بيزار ڪري وڌو هو، ان لاءِ محترم انور بلوچ پنهنجي طرفان چند جملا لکي پوءِ ميجر جيلاني جي ڪتاب مان کنيل ڳالهه جو ترجمو ڪري ٿو. مثال طور: انور بلوچ لکي ٿو؛ ”چوندا آهن ته عادت بري هجي يا ڀلي پر عضوو بڻجي ويندي آ ۽ ڪني آڱر وڍي چڱي. اچو ته ان حوالي سان هڪ تاريخي ڳالهه ٻڌايانوَ.“ (صفحو ۱۰۵) محترم انور بلوچ، ابو حسين سرڪار جي ڳالهه ۾ پنهنجي طرفان وڌاءُ ڪندي لکي ٿو؛ اها آمريڪي عورت سفارتي عهدي تي فائز هئي. (انور بلوچ کي الائي ڪنهن ٻڌايو آهي ته اها آمريڪي عورت هروڀرو سفارتي عهدي تي فائز هئي.) (ص-۱۰۵) ۽ ابو حسين سرڪار جي ٽنگ لوڏڻ سبب ان ڊنر مان احتجاج طور اٿي وڃڻ لڳي هئي! ميجر جيلاني ته پنهنجي ڪتاب ۾ ان عورت جو احتجاج طور محفل/ڊنر مان اٿي وڃڻ جي ڳالهه ئي ڪونه لکي آهي. لڳي ته ائين ٿو ته اهو محترم انور علي بلوچ جو ذهني اختراع آهي. اوڀر پاڪستان جي گورنر ۽ ۱۹۵۸ع واري مارشل لا جي هڪ اهم ڪردار جنرل اعظم بابت به جنرل ڊبليو- اي- برڪيءَ وارا لفظ ته اعظم تون ڪهڙي ڪن کان سريلو ٻڌندو آهين.... واري ڳالهه ميجر جيلاني جي ڪتاب جي صفحي ۱۱۰ تان کنئي وئي آهي. محترم انور بلوچ جاپاني قونصل جنرل مسٽر تاڪانيڪا ۽ اوڀر پاڪستان جي گورنر عبدالمنعم واري ڳالهه لکي ٿو. جڏهن ته خود ميجر جيلاني لکي ٿو؛ ”يه دلچسپ واقعه ميري غير حاضري ۾ پيش آيا.“ يعني ميجر جيلاني به ٻڌل ڳالهه لکي ٿو، پر محترم انور بلوچ وڏي شد مد سان اُتاري، ”رڳو مشهور آ ته“ جا الفاظ واڌارو ڪري، اسان جي علم ۾ اضافو ڪيو آهي. ان کان علاوه شيخ مجيب الرحمان جي ۲۵ مارچ ۱۹۷۱ع تي گرفتاريءَ وقت پنهنجي قوم لاءِ چيل طنزيه جملا (اصلي ڪتاب جو صفحو ۱۷۸ ۽ ترجمو ۱۵۴) يا شاهه ايران جي مانَ ۾ ڪيل دعوت ۾ هڪ گويي بابت ايران جي بادشاهه جا الفاظ، ته ان ڪلام ۾ فارسي الفاظ ٽنبيا ويا آهن. (اصلي ڪتاب ص-۱۳۸ ۽ ترجمو ص-۱۵۶) يا اسماعيلي فرقي جي موجوده روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان جو نيرن تي، سندس مُريد جي ڦوٽو ڪڍڻ جو واقعو (اصل ص- ۵۷ ۽ ترجمو ص- ۱۵۴) يا گڏيل پاڪستان جي بنگالي وزيراعظم محمد علي بوگره جا کوکرا پار (سنڌ سرحد) بابت ڏنل ريمارڪس (اصلي ص ۵۷ ۽ ترجمو ص ۱۶۵) يا گورنر عبدالمالڪ طرفان اُگهاڙا ۽ فحش ڪتاب گهرائي لڪي لڪي پڙهڻ (اصلي ص ۱۴۱ ۽ ترجمو ص ۱۲۲) يا ۱۲ نومبر ۱۹۷۰ع تي اڌ رات جو اوڀر پاڪستان (هاڻوڪي بنگلاديش) ۾ سامونڊي طوفان، ٻوڏ ۽ موسميات کاتي جي نااهليءَ وارا واقعا هڙ جا هڙ، ميجر جيلانيءَ جي ڪتاب مان اُڌارا ورتل آهن. ايمانداريءَ جي تقاضا ته اها هئي يا ته محترم انور بلوچ ”پندره گورنر، پندره ڪهانيان“ ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪري ها يا گهٽ ۾ گهٽ ڪتاب جو نالو ۽ ان جي مصنف جو نالو ضرور ڏئي ها. انور بلوچ جهڙي ڪهاڻيڪار لاءِ ائين پرائي محنت تي هٿ صاف ڪرڻ ڪجهه مناسب نٿو لڳي. محترم انور بلوچ پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۱۳۵ تي جناب ذوالفقارعلي ڀُٽي جي حوالي سان اردوءَ جي مشهور شاعر حبيب جالب جي هڪ شعر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو، ”.... مشهور آ ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شايد ايوب خان جي نادرشاهيءَ کان تنگ ٿي، ڀٽو صاحب جڏهن جرمنيءَ هليو ويو ته حبيب جالب ”وطن ڇوڙ ڪر نه جا“ نالي هڪ نظم لکي، ماڻهن کي موهي وڌو هو. محترم انور بلوچ چواڻيءَ ته جڏهن ڀٽو صاحب جرمنيءَ هليو ويو ته پوءِ حبيب جالب ڪنهن کي مخاطب ٿيندي شعر پڙهيو، ته وطن ڇوڙ ڪر نه جا؟ حقيقت اها آهي ته حبيب جالب اهو شعر لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ قائم، سنڌ جي هڪ سابق وزير اعليٰ قاضي فضل الله جي بنگلي جي پويان، ڪامرس ڪاليج نالي هڪ خانگي ڪاليج ۾ ٿيندڙ هڪ فنڪشن/مشاعري ۾ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي کي صلاح ڏيندي پڙهيو هو. ان شعر جا ٻڌندڙ هزارين اکين ڏٺا شاهد اڄ به لاڙڪاڻي ۾ موجود آهن، پر حبيب جالب کي دعوت ڏئي گهرائيندڙ، ان وقت ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ شعبي سياست جو ليڪچرار ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جو موجوده سيڪريٽري جنرل ۽ لاڙڪاڻو سنگت ڪراچيءَ جو باني چيئرمين ۽ اردوءَ جو نامور شاعر جناب مسلم شميم، جنهن ان پروگرام جي ڪارروائي پڻ هلائي هئي، سو ڪراچيءَ ۾ اڃا خير سان حال حيات آهي. محترم انور بلوچ حبيب جالب جو شعر به غلط لکيو آهي. حبيب جالب، جناب ڀُٽي صاحب کي مخاطب ٿيندي شعر پڙهيو: ”المانيه ڪي ڦول هين اگرچه هين دلفريب- اپني وطن ڪي سرو سمن ڇوڙ ڪي نه جا“. ان مشاعري/فنڪشن واري رات گذرڻ کان پوءِ، ورندڙ صبح جو حبيب جالب کي لاڙڪاڻي کان لاهور ويندي، روهڙي ريلوي اسٽيشن تان گرفتار ڪيو ويو هو. محترم انور بلوچ صفحي ۶۶ تي لاهور ۾ ٽريننگ دوران هڪ ٻروچ جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو هن سان ٻروچڪي ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. موٽ ۾ انور بلوچ چويس ٿو؛ ”سنڌ ۾ ٻروچ، قوم نه پر ذات آهي ۽ ذاتين جون الڳ الڳ ٻوليون به ٿينديون آهن.“ ڇا واقعي سنڌ ۾ ٻروچ قوم نه، پر ذات آهي ۽ مري، گوپانگ، کوسا، بروهي، مينگل ۽ ٻيا ساڳي ۽ هڪ ٻولي ڳالهائيندا آهن؟ باڊهه جا بروهي، دؤڙ نوابشاهه جا مري، ڪراچيءَ جا مڪراني، لاڙڪاڻي ۾ رهندڙ بروهي، زهري ۽ مينگل، جمالي ۽ کوسا سڀئي پاڻ کي هڪڙي ذات وارا سڏائيندا، ڪوٺائيندا ۽ سمجهندا آهن؟ ۽ انهن جي ٻولي الڳ الڳ نه آهي؟ آمريڪا ۾ سکيا دوران ڪيليفورنيا رياست جي هڪ شهر بيڪرس فيلڊ جي علائقي مان نڪرڻ مهل محترم انور بلوچ جو مکاميلو هڪ پوڙهي عورت سان ٿئي ٿو، جنهن محترم انور بلوچ جي ننڍن ڦيٿن واري ڪاري ٿيلهي تي اڪن شڪن ٿي، هن جو پيڇو ڪيو. لاڙڪاڻي جي دوڪاندار ۽ گراهڪ جيان، انور بلوچ کان نه رڳو قيمت پڇي ٿي، پر قيمت به طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. هر حالت ۾ انور بلوچ صاحب کان اهو ٿيلهو خريد ڪرڻ چاهي ٿي. (وڃ! آمريڪا ۾ چئبو ٿيلهن جي ايڏي کوٽ هئي.) آمريڪا ۽ يورپ مان گهمي موٽندڙ يا رهندڙ ماڻهو اهو ڀليءَ ڀت ڄاڻن ٿا ته اُتان جا ماڻهو ڪنهن جي ذاتي زندگيءَ ۾ مداخلت ڪو نه ڪندا آهن ۽ نڪو اهو ڄاڻن ته وارو ڪر پئسا گهڻا؟ محترم انور بلوچ، مغل بادشاهه اورنگزيب جو ذڪر ڪندي، دارا کي ان جو ٻيو ڀاءُ قرار ڏيندي لکي ٿو؛ ”.... ان ئي اورنگزيب جڏهن پنهنجي ’ٻئي ڀاءُ‘ دارا جو ڪنڌ ڪپڻ جو حڪم ڏنو ۽ جلاد، بنا دير هن جو ڪنڌ ڪپي، رومال ۾ ويڙهي سندس اڳيان پيش ڪيو....“ دارا ته شاهجهان جو وڏو پٽ ۽ ولي عهد هو، جنهن کي پنهنجو رقيب سمجهي اورنگزيب قتل ڪرايو هو. اهو ته اورنگزيب جو وڏو ڀاءُ هيو ۽ نڪي دارا جو سِر اورنگزيب جي آڏو پيش ڪيو ويو هو. دارا جو سر ته پنهنجي قيدي پيءُ شاهجهان ڏانهن ڍاڪونءَ ۾ ڍڪي موڪلي ڏنو ويو هو ۽ شاهجهان خوش ٿي جڏهن ڍاڪونءَ جو پڙ کوليو هو ته پنهنجي ولي عهد ۽ شهزادي پٽ جو سر ڏسي اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري چيو ته؛ ”يا الله ههڙا ڏينهن؟ واقعي تون بي نياز آن ۽ پوءِ ٻڍي شهنشاهه شاهجهان جو منهن وڃي ڍاڪونءَ سان لڳو، ۽ شاهجهان جا ڏند به ڀڄي پيا ها.“ محترم انور بلوچ صفحي ۱۲۰ تي مغل بادشاهه اڪبر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو؛ ”.... ياد رک ته ڪن بادشاهن جي ته بري وقت ۾ ”قبر“ به ڪونه بچي آ، ڇا اڪبر بادشاهه جو مثال ان لاءِ ڪافي ناهي.“ جيڪڏهن انور بلوچ جي مٿينءَ لکيل ڳالهه تي کڻي ويساهه ڪجي ته اڪبر بادشاهه جي لاءِ اهڙو برو وقت به آيو جو ان جي قبر لاءِ هن روءِ زمين تي جاءِ ڪا نه بچي آ، ته آگره کان ۱۶ ڪلوميٽر جي فاصلي تي فتح پور سڪريءَ ۾ بانيءِ پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي طرز تي ٺهيل شاندار مقبرو، اڪبر بادشاهه جو ناهي ته پوءِ ڪنهن جو آ؟ ان مقبري جي تهه ۾ اڪبر بادشاهه جي ”قبر ناهي“ ته پوءِ سڄي برصغير جا تاريخدان هن وقت تائين چپ ۽ خاموش ڇو رهيا ۽ اهو ڇو نه لکيائون ته ان مقبريءَ ۾ ڪجهه به ڪونهي ۽ اڪبر بادشاهه جي قبر ڪٿي به ناهي؟! محترم انور بلوچ صفحي ۱۴۷ تي فارسيءَ جي عالمي شهرت يافته شاعر ”حافظ شيرازيءَ“ جو هڪ مشهور شعر لکي، ان جي معنيٰ ۽ ترجمو غلط لکيو آهي. حافظ شيرازي جي شعر جي پوئين سٽ هن طرح آهي: بخال هندوش بخشم سمرقند و بخارا(محبوب جي ڳل جي ڪاري تر تان سمرقند ۽ بخارا گهوري ڇڏيان ها.)پر محترم انور بلوچ حافظ شيرازيءَ کي فقط شيرازي ڪري لکيو آهي. نه رڳو حافظ ”شيرازي“ هو، پر محترم رسول بخش پليجي چواڻي؛ مشرق جو ڏاهو يعني شيخ سعدي به شيراز جو هو ۽ هن به ڪيترن شعرن ۾ شيرازي لفظ استعمال ڪيو آهي. محترم انور بلوچ حافظ جي شعر جي معنيٰ لکندي ڪاري تر جي بجاءِ ڳل تي چُگهه لکي ٿو. سائين انور صاحب لکي ٿو؛ ”مان سندس ڳل جي چُگهه تان سمرقند (ڪتاب ۾ ثمرقند لکيو اٿس) ۽ بخارا به قربان ڪري ڇڏيان ها. ڪاڏي محبوب جي ڳل تي ڪارو تر- ڪاڏي هٿراڌو معنيٰ ڳل تي چُگهه؟ محترم انور بلوچ لکي ٿو؛ ”..... ٺڳ ماڻهوءَ جا به ڪي اصول ٿيندا آهن. ٺڳ هڪ ڀيرو ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ٺڳي ڇڏي ڏيندو آ“. محترم انور بلوچ چواڻي ته ٺڳ هڪ ڀيرو ٺڳي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ٺڳي ڇڏي ڏيندو آهي. جي واقعي ايئن هجي ها ته پوءِ اسان جي سنڌ ۾ ٺڳيءَ جو نانءُ نشان ئي ختم هجي ها. هتي ته ڪيترائي ٺڳ پيا روز روز پڪڙجن ۽ ظاهر ٿين. ڇا انهن ٺڳي ڪرڻ ڇڏي ڏني آ؟ محترم انور بلوچ مصر جي عياش بادشاهه، شاهه فاروق ڏانهن منسوب ڪندي لکي ٿو ته ”شاهه فاروق هڪ وار چيو.... دنيا ۾ فقط ڇهه بادشاهه وڃي رهندا، هڪ برطانيه جي راڻي، چار تاش جا بادشاهه ۽ ڇهون مان پاڻ.“ تاريخي حقيقت ته ڪجهه هن طرح آهي ته فرانس جي بادشاهه (نينگر) لوئي چوڏهين کي وندرائڻ لاءِ سندس استاد، ”تاش“ ايجاد ڪئي هئي ۽ ان سان گڏ پيشنگوئي به ڪئي هئائين ته اڳتي هلي هن دنيا ۾ بادشاهي نظام ختم ٿي ويندو ۽ سڄي دنيا ۾ فقط پنج بادشاهه حڪومت ڪندا، جن مان چار منهن جا (تاش جا) ۽ هڪڙو برطانيه جو. جڏھن ته لوئي چوڏهين جي استاد، ”برطانيه جي راڻي“ ڪو نه چيو هو. محترم انور بلوچ پاڪستان جي هڪ سابق وزيراعظم حسين شهيد سهرورديءَ کي اوڀر بنگال جو ليڊر قرار ڏئي لکي ٿو؛ ”اوڀر بنگال جو ليڊر حسين شهيد سهروردي پنهنجي ساٿين سان ڳجها سياسي مسئلا اڪثر ”باٿ روم“ ۾ وڃي ڊسڪس ڪندو هو، جيڪا روايت ان جي سياسي جانشين، شيخ مجيب الرحمان برقرار رکي.“ ڇا مرحوم حسين شهيد سهروردي رڳو اوڀر بنگال جو ليڊر هو؟ مرحوم حسين شهيد سهروردي ته گڏيل بنگال يعني اولهه بنگال ۽ اوڀر بنگال جو ليڊر هو. هُو ڪلڪتي (اولهه بنگال) ۾ پيدا ٿيو. اڳتي هلي هُو پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو. اهڙي وڏي ۽ ذهين ليڊر کي اوڀر بنگال جو رهنما سڏڻ؟ لڳي ٿو ته محترم انور بلوچ جي دل ۾ بنگالين جي لاءِ ڪو وڏو ڀڀڙ موجود آهي ۽ هن جي دل ۾ ان آتشڪدي مان لفظن جي صورت ۾ چڻنگان نڪرنديون رهن ٿيون. مثال طور مولانا عبدالحميد ڀاشانيءَ جهڙي بلند پايه ليڊر ۽ حسين شهيد سهرورديءَ جهڙي ڄاڻو سياستدانن کي، جن جي هاڪ سڄي پاڪستان/هندوستان ۾ هئي، اڀرندي بنگال جو مقامي (لوڪل) ليڊر سڏڻ ڇا معنى؟ شيخ مجيب الرحمان جي لاءِ اهو لکڻ ته هو به پنهنجي ليڊر سهروردي وانگر باٿ روم ۾ مسئلا ڊسڪس ڪندو هو. ڪهڙي زمري ۾ اچن ٿا؟ محترم انور بلوچ کي الائي ڪنهن ٻڌايو آهي ته سهروردي ۽ شيخ مجيب الرحمان باٿ روم ۾ ويهي ڳالهائيندا هئا. تاريخي ڪردارن کي ايئن مسخ ڪرڻ ۽ انهن تي الزام هڻي انهن کي داغدار ڪرڻ، شيخ مجيب الرحمان لاءِ اهو لکڻ ته هو پاڪستان کي ٽوڙڻ لاءِ بيتاب هيو. اهو سڀ زهريلي پروپيگنڊا جو نتيجو آهي. پير علي محمد راشديءَ ته اردو جي مشهور اخبار ”جنگ“ ۾ شيخ مجيب الرحمان جي دفاع ۾ ڊگهو ڪالم ”شيخ مجيب الرحمان پاڪستان توڙني پر بضد نهين ٿا“ جي نالي سان لکيو هو. مرحوم حسين شهيد سهروردي ۽ شيخ مجيب الرحمان نڪو بند ڪمرن ۾ ويهي ڳالهائيندا هيا ۽ نه ڪي باٿ روم ۾، پر اهي ٻئي خاص مسئلا ٻاهر اڱڻ ۾ بيٺل وڻ هيٺان بيهي ڊسڪس ڪندا هيا. اوڀر پاڪستان جي آخري مهينن ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ڍاڪا جي گورنر هائوس ۾ شيخ مجيب الرحمان سان مليو، تڏهن شيخ مرحوم، ڀُٽي صاحب کي استاد بخاريءَ جي لفظن ۾ چيو هو؛ ”هتي ڪَن اٿئي ڀتين کي ۽ جاسوس ٿي هوا“ ۽ پوءِ ڀُٽي صاحب کي ٻاهر اڱڻ ۾ بيٺل هڪ وڻ هيٺ وٺي اچي ڳالهايائين. محترم انور بلوچ صفحي ۷۹ تي لکي ٿو؛ ”عشق صرف هڪ، پر معشوق ڪيئي هوندا آهن ۽ ڪنهن عشق تي فرشتا به ساڙ ڪن ٿا.“ ڪنهن به عشق تي الائي ڪهڙي فرشتي/فرشتن ساڙ ڪيو هو؟ فرشتا ته آسماني مخلوق آهن، جيڪي کائڻ پيئڻ ۽ انساني حواسن کان آزاد آهن، ته پوءِ انساني جبلت ”ساڙ“ انهن ۾ ڪيئن ۽ ڪٿان آيو؟ يا فرشتن جي ساڙ جو ڪو هڪ اڌ مثال!؟ محترم انور بلوچ صفحي ۱۷۲ تي منافق جي تشريح ڪندي لکي ٿو؛ ”اي منافق! توکان ته اسان جي پاڙي جو ڪتو به چڱو آ، جو پٺ پويان حملو ڪرڻ بجاءِ سامهون ڀونڪي ٿو.“ ڪي ڪتا ڀونڪڻ کان سواءِ پٺيان اچي چڪ پائي زخمي ڪري ڇڏڻ سبب ”چور ڪتا“ سڏبا آهن. اها تشبيهه هيئن ٿي سگهي پئي ته چور ڪتو به منافق جيان آهي، پٺ پويان چوريءَ چڪ پائيندو آهي. محترم انور بلوچ صفحي ۷۳ تي لکي ٿو؛ ”قسمت جو آسرو ڪمزور ماڻهو ڪندا آهن. همت وارو ماڻهو تدبير سان پنهنجي تقدير سنواريندو آهي ۽ معزز ليکڪ هر هنڌ قسمت/تقدير جي بجاءِ تدبير جو قائل آهي، پر خود پاڻ ڪيترن جاين تي پنهنجي ڳالهين جي ترديد ڪري ٿو. مثال ابو حسين سرڪار کي بدقسمت لکڻ/سڏڻ. تدبيرون ته ڪيترن جاين تي ناڪام ويون آهن ۽ تقدير ماڻهن جو ساٿ ڏنو آهي. دنيا مثالن سان ڀريل آهي؟ ان معاملي ۾ ڇا چئجي؟ محترم انور بلوچ پاڪستان جي پنجين صدر مرحوم فضل الاهيءَ بابت هڪ من گهڙت ۽ افواهه واري ڳالهه لکي ٿو؛ ”ڪنهن ايوان صدر جي ديوارن تي چاڪنگ ڪئي هئي ته ايوان صدر ۾ قيد فضل الاهي ڪو آزاد ڪرو!“ پاڪستان جي صدر جي آفيس ۽ رهائش گاهه يعني ايوان صدر لاڙڪاڻي، دادو، حيدرآباد، سکر يا شڪارپور ۽ نوابشاهه جون عام ديوارون يا ڪراچيءَ جي فيڊرل بِي ايريا واري يوسف پلازه جون ڀتيون ۽ ديوارون ته ڪو نه هيون، جن تي ڪجهه به لکڻ لاءِ هر ايري غيري، نٿو خيري کي ڪا به جهل پل ڪو نه هئي، جو برش کڻي صدارتي هائوس جي ڀرسان آيو ۽ چاڪنگ به ڪري ڇڏيائين ته؛ ”صدر فضل الاهي ڪو آزاد ڪرو.“ چاڪنگ ڪندڙ کي صدارتي هائوس جي ٻاهران بيـٺل ڪنهن به محافظ/گارڊ منع ڪونه ڪئي؟ هيءُ جملو يا ههڙا جملا جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي مخالفن قومي اتحاد ۾ شامل ماڻهن جا هيا، جن ڀُٽي صاحب جي ساک کي ڇيهو رسائڻ لاءِ گهڙيا هئا ته پاڪستان جي صدر فضل الاهي کان وڌيڪ طاقتور جناب ذوالفقار علي ڀٽو آهي. محترم انور بلوچ نه رڳو سٺو ڪهاڻيڪار آهي پر سنجيده ليکڪ به آهي ۽ سنڌين چواڻي هند سنڌ/آمريڪا گهميو ويٺو آهي، ان کي صدارتي هائوس هڪ عام جڳهه نظر آئي جنهن تي رولو ۽ آواره ماڻهو چاڪنگ ڪندا هئا؟! سنڌ ۾ نالن کي بگاڙڻ يا اڌ نالو وٺڻ عام آهي. ورهاڱي کان اڳ ۾ پرائمري اسڪولن جا هيڊ ماستر، مسلمانن جي ٻارن جا نالا، جنرل رجسٽر ۾ داخل ڪرڻ وقت بگاڙي لکندا هيا. جيئن عيدن خان يا محمد عيدن مان عيدو، عبدالمجيد مان مجو يا حاڪم مان حاڪو. اهڙا، بگڙيل نالن وارا، پراڻا جنرل رجسٽر اڄ به ڏسي/پڙهي سگهجن ٿا. لاڙ هجي يا اُتر، پر پنهنجو نالو ماڻهوءَ جي ڪمزوري هوندو آهي، چاهي ڪو اُچاريندڙ اڌ بگاڙي وٺي يا سڄو مڪمل وٺي، ماڻهوءَ جو ڌيان هڪدم ڇڪجي ويندو. مون کي ياد ٿو اچي ته جناب ذوالفقار علي ڀُٽي نئين ديري ۾ پنهنجي بنگلي ۾ عيد جي ڏينهن تي کُلي ڪچهري پئي ڪئي ته سنڌ جو هڪ بي ڊپو نقاد ۽ شاعر ذوالفقار راشدي ساڻس ملڻ آيو، ته ان وقت لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر کي سڏي ڀُٽي صاحب چيس؛ هن شخصيت کي سڃاڻين؟ جواب ۾ هن ”نه“ ڪئي، ته ڀُٽي صاحب کيس ڇينڀيندي چيو؛ ”هي منهنجو نالي ڀائي آهي ۽ تون کيس نه ٿو سڃاڻين، ته پوءِ منهنجي ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪيئن رهندين؟“ محترم انور بلوچ صفحي ۱۴۰ تي هڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهه لکي آهي؛ آچر نالي ماڻهوءَ کي انور صاحب سڏ ڪيو پر هن جي ڀر ۾ بيٺل هوندي به آچر ڪو جواب نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته آچر کي اها خبر ڪانه هئي ته هو آچر آهي. پر بقول انور صاحب جي، هو آچر آهي. محترم انور لکي ٿو؛ ”مون ڏٺو ته لاڙ جي اڪثر علائقن ۾ ماڻهو پنهنجو نالو اڌ ٻڌائيندا ۽ سڏائيندا هئا. جيئن منٺار مان منو، آچر مان آچو ۽ ڪريم بخش مان ڪَرُو. ايئن هڪ وار مون آچر نالي پنهنجي هڪ زيردست کي محمد آچر چئي سڏيو ته هن منهنجي ڀر ۾ بيٺل هوندي به ورندي نه ڏني ۽ مان سوچي رهيو هوس ته هيءَ به ڪيتري وڏيرڪي سازش هئي.“ سمجهه ۾ اچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ بالا عملدار پنهنجي زيردست/هيٺئين ملازم/پٽيوالي کي جنهن جو نالو آچر هجي ۽ کيس سڏ ڪري ۽ هو جواب نه ڏئي؟ ڇو ته هو محمد آچر نه، پر آچو آهي؟ ڇا هيٺئين ملازم جو آفيس جي رڪارڊ ۾ به نالو ”آچو“ لکيل هيو؟ ڇا لاڙڪاڻي ۾ (ڇاڪاڻ ته انور صاحب ضلع لاڙڪاڻي سان تعلق رکي ٿو) غوث بخش کي غوثو، ڪامل کي ڪامون، گل محمد کي گلو، نبي بخش کي نبو نه سڏيو ويندو آهي؟ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ته نالن کي عام طور بگاڙيو ويندو آهي. خود گهر جا ڀاتي ننڍڙن ٻارن جا نالا بگاڙي اُچاريندا آهن. ڇا اها به وڏيرڪي سازش هوندي؟ وڏيرن لاءِ ٻيون سازشون ئي کوڙ آهن، جنهن پيڙا ۾ عام شريف پيسجي رهيو آهي. عام سنڌين چواڻي؛ ابا وڏيرن ته شريفن جا ٽيئر اٿاري ڇڏيا آهن. مٿين اوڻاين جي باوجود به ڪي ڪي ڳالهيون حقيقت تي مبني آهن، جيڪي دل کي ڇهي وڃن ٿيون. مثال طور صفحي ۳۳ تي انور صاحب لکي ٿو؛ ”جذبن کان خالي لفظ پنهنجي جاءِ تي ڪابه معنى نه ٿا رکن، ايئن ڪنهن کي ٺلهو ”ادي“ چوڻ ڪابه اهميت نه ٿو رکي. جيستائين ان لاءِ ڪابه پاڪيزه سوچ نه هجي.“ محترم انور بلوچ هڪ ڪڙو سچ ۽ تلخ حقيقت لکي آهي. اڄ جي سنڌ ۾ واقعي ”ادي“ اهو لفظ آهي، جنهن جي ڪابه معنى ۽ مفهوم نه آهي. هڪ دفعي آءٌ ڪراچيءَ جي سنڌ سيڪريٽريٽ واري ڪينٽين ۾ ويٺو هيس. منهنجي ڀرسان سنڌ جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ ٽيچر ويٺا هئا، جيڪي ڪراچيءَ ۾ ايس ايل ٽي سڏبا آهن. خوش گپين ۾ هڪ ٻئي سان بي ايڊ ڪاليج ۾ پڙهندڙ عورتن جو ذڪر ڪري رهيا هئا. جن مان الف، ب کي چيو ته ”هوءَ فلاڻي ڏاڍي سهڻي آهي.“ ”اڙي تون ته انهيءَ کي ادي چوندو آهين ۽ اڄ چوين ٿو ته منهنجي محبوبا آهي.“ جواب ۾ ”ب“ وڏا ٽهڪ ڏئي چيو ته ”اهوئي پهريون ۽ آخري حربو آهي، ڪنهن سهڻي عورت جي قريب اچڻ جو ۽ ان کي ”حاصل“ ڪرڻ جو.“ يا انور صاحب جو ساڳئي صفحي تي لکيل جملو؛ ”اگهاڙي حالت ۾ هلڻ عورت جي وڏي بي عزتي آهي“ يا ”ڪي ڪي ماڻهو ڏاڍا سهڻا ۽ پنهنجي سونهن جيترو ئي وڌيڪ من جا کوٽا هوندا آهن“ يا ”عورت جو ڍڪ سندس مڙس يا قبر هوندي آهي.“ هي جملا هڪ سنجيده ۽ حقيقت پسند پڙهندڙ لاءِ وڏي معنى ۽ ڪشش رکن ٿا. ڪٿي ورجاءُ به نظر اچي ٿو. مثال طور صفحي ۳۵ تي شينهن پاروٿو گوشت..... ۽ ساڳي ڳالهه صفحي ۱۱۱ تي لکيل آهي. هن ڪتاب جي مواد سان اختلاف رکي سگهجي ٿو، پر اظهار بيان واري دلچسپي کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي!