• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

توهان کي ڇا پائڻ گهرجي..... ؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
Captain.jpg

هڪ بحري ٻيڙي جو ڪپتان ٻَيڙي ۾ آرام سان چهل قدمي ڪري رهيو هو ته سندس ماتحت پريشاني جي حالت ۾ آيو ۽ کيس چيائين ”سائين هڪ دشمن جهاز اسان جي ٻيڙي جي ويجهو پهتو آهي...“ .. ڪپتان آرام سان جواب ڏنو ته ”منهنجي ڳاڙهي شرٽ کڻي اچ...“
ماتحت جلدي ويو ۽ سندس ڳاڙهي شرٽ کڻي آيو .... ڪپتان شرٽ پاتي ۽ ماتحت کي مقابلي لاءِ تيار رهڻ لاءِ چيو...
هڪ زبردست مقابلي کان پوءِ جنگ کٽي وئي..... ماتحت ڪپتان ڏانهن آيو ۽ ڳاڙهي شرٽ پائڻ جي راز بابت دريافت ڪيائين....
ڪپتان جواب ڏنو... ”جنگ جي دوران جيڪڏهن خدانخواسته مون کي گوليون لڳن ها ته ... مون نه پئي چاهيو ته منهنجا ماتحت منهنجي رت کي ڏسي حوصلو هاري ويهن ... ان ڪري مون ڳاڙهي شرٽ پاتي.... “
ائين ڪندي هڪ ٻيو ماتحت ڊوڙندو آيو ۽ ڪپتان کي رڙ ڪندي چيائين ته ” سائين دشمن جا 20 جهاز اسان ڏانهن تيزي سان وڌي رهيا آهن..... “
ڪجهه سوچي ڪپتان چيو ته..... ”منهنجو ڦڪو ٽرائوزر کڻي اچ...... “
 
Back
Top