سُرخن جي ملڪ ۾ لال ڪنوارون وڪري لاءِ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    شبير سومرو


    گوگل سرچ انجڻ تي هزارين لکين Dating Sites ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن،جن ذريعي سڄي دنيا جا شوقين ڪنهن به ملڪ جي اهڙي سهڻي ڇوڪريءَ سان قرب واري ڪچهري ڪري سگهن ٿا. جيئن چوندا آهن مال تي مٺائي آهي.ايئن جيترو خرچ ڪبو-اوترو مزو وٺبو—هاڻي انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائيندي اهڙيون هزارين سائيٽس انٽرنيٽ جي ميدان ۾ اچي ويون آهن انهن ۾ اڪثر روس سان تعلق رکن ٿيون.جن جا نالا ئي سندن ڪم جي وضاحت لاءِ ڪافي آهن.مثال طور

    * Russian Brides For Sale
    * Mail Order Russian Brides
    * Marry a Beautiful Russian Girl
    * Beautiful Russian Girls Looking For Wealthy Husband From U S A & E U

    اهڙين سائٽس تي انهن “ويڪُو” ڪنوارن جا ماڊلنگ وارا فوٽو شوٽ به موجود آهن.جن ۾ اهي جيمز بانڊ وارين فلمن جي هيروئينز جهڙيون سِلم سمارٽ ۽ بيوٽي ڪوئين نظر اچن ٿيون.انهي ميدان ۾ رڳو روس جون ڇوڪريون لٿل ناهن پر روسي بلاڪ ۾ شامل ڪيئي سُرخا ملڪ اڳوڻي سوويت يونين ۾ شامل (هاڻوڪيون آزاد ) رياستون ۽ انڊيا،فلپايئنز، ٿائي لينڊ ۽ پنهنجي پياري پاڪستان سان لا ڳاپيل سائٽس به اهڙيون دعوائون ڪندي مارڪيٽ ۾ پنهنجو مال سجايو ويٺيون آهن پر تعداد ۽ عمل جي لحاظ کان روسي گهڻو اڳتي نڪتل آهن. روس ۾ آخر ڪهڙي وبا پکڙي آهي جو اتان جون سهڻيون نينگريون پنهنجا جانٺا جوان ڇڏي ٿلهن،بي ڊولن ۽ پوڙهن پڪن آمريڪين جي جهولين لاءِ بيقرار ٿي پيون آهن؟

    ان جو پهريون جواب آهي: پئسو ۽ آزادي
    ٻيون جواب آهي: دنيا جو دم ديدار ڪرڻ ۽ هٿ آيل هڪڙي زندگيءَ کي پوريءَ طرح انجواءِ ڪرڻ.
    ٽيون جواب آهي: روس جي آبادي جو غير متوازن تناسب-جتي عورتن (بلڪه ڇوڪرين )جو تعداد مردن کان ڏيڍوڻوآهي ۽ اهو تناسب گذريل اڌصدي کان برقرار رهندو ٿو اچي.

    گذريل ڏهن سالن کان Russian Brides انٽرنيٽ تي سڀ کان وڌيڪ Attrative Comodity ليکي وڃي ٿي.جنهن ڪري هاڻي خود آمريڪا۽ يورپ ۾ “ به اهڙيون ايجنسيون کُلي ويون آهن جيڪي اتان جي امير مردن سان نوجوان،نوخيز ۽ سهڻين روسي ڇوڪرين جي شادي ڪرائڻ لاءِ تيار ويٺيون آهن.انهيءَ ڀلاري ڪم جي لاءِ اهي ايجنسيون ڳري في چارج ڪن ٿيون. انهن وٽ هزارين روسي، يوڪرائني، ازبڪ، جارجين، ڪزاخ، آرمينيائي ڇوڪرين جا فوٽو ۽ پروفائيل موجود آهن.جن مان ڪنهن جي چونڊ ڪرڻ تي اهي ٻنهي جي ملاقات جو بندوبست ڪرائي منجهن معاملا طئي ڪرائن ٿيون.ڪجهه عرصو ڪورٽ شپ ڪرڻ جي سهولت به مُهيا ڪئي وڃي ٿي.


    اهڙين ايجنسين جو تعداد هر سال ڊبل ٿيندو ٿو وڃي .جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته روسي ڪنواريون آمريڪي مردن سان ملائڻ وارو ڌنڌوڪيڏو ڪامياب ٿي چڪو آهي. شاديءَ جي خواهشمند همراهه کي فقط ايترو ڪرڻو ٿو پوي جو اهو آن لائن رجسٽريشن وٺي،ايجنسيءَ جي ڊيٽابيس يا ڪئٽلاگ مان پنهنجي پسند جي ڇوڪريءَ جي چونڊ ڪري.ان سان ملڻ لاءِ روس روانو ٿئي ٿو. جتي سندس خرچ تي پهرين ملاقات ۾ ئي سڀ معاملاطئي ٿي وڃن ٿا. روسي سندريءَ کي پنهنجي ملڪ جي بک بدحاليءَ ۽ مونجهه واري ماحول مان نڪري آمريڪا جي آزاد هوائن ۾ عياشي ڪرڻ جي جلدي هوندي آ. هوءَ پنهنجي اميدوار مڙس مان به جان ڇڏائي مرضيءَ وارو من گهريو ماڻهو هٿ ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي آهي.اهڙا هزارين واقعا نيٽ تي وکريا پيا آهن. ڇوڪرين جي پنهنجي روسي ماحول کان بيزاريءَ جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته روس ۾ ڇوڪريون ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ پڙهڻ ۽ ڪم ڪار ڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکن ٿيون.ٻي مهاڀاري لڙائي کان روس ۾ مردن جي کوٽ آهي.انهيءَ ڪري جيڪي به نوان نسل آيا آهن انهن مان مردن کي “Mummy-Boys ” جو طنزيه نالو ڏنو ويو آهي. يعني روسي مائرن ، مڙس وڃائڻ کان پوءِ پٽن تي سڄو ڌيان ڏنو. جنهن ڪري ڇورا سڀئي ڪنهن نه ڪم جا، ٿڪل، ڪم کان ٻرو، کائڻ جو کرو. پڙهڻ کان پري ڀڄڻ وارا ٿي پيا، جنهنڪري شاديءَ کان پوءِ انهن کي پالڻ ،کارائڻ پيارڻ جو بار زالن تي اچي پوي ٿو. وري جي ٻار ڄمن تڏهن مائيءَ لاءِ ٻيڻو بار ٿي پيو. مڙس ۽ ٻارن کي پالڻ لاءِ ٻه ٻه نوڪريون ڪري زندگيءَ کي زهر ڪري، تڏهن به مار موچڙو سندس مٿان پيو وسي.

    انهن ڏچن کان ڏور ٿيڻ جو آسان نسخو اهو هٿ آيو اٿن ته اهي Bride For Sale واري قطار ۾ وڃي بيهن. شادي ڪري گرين ڪارڊ واري ملڪ آمريڪا ۾ وڃي مڙس جي ڊالرن تي سکي زندگي گذارين .اڪثر اهڙيون روسي ڪنوارون رڳو اتي ئي دنگ نه ٿيون ڪن پر آمريڪا جي هوا لڳندي ئي سندن پر وڌي وڃن ٿا ۽ اهي نوان نوان نينهن نڀائڻ لاءِ اڏام ڪرڻ لڳن ٿيون .اهڙي هڪ روسي ڇوڪريءَ سان شادي ڪندڙ آمريڪي بزنس مين جم سمٿ جي دانهن ڪوڪ ٻڌو“ مان جڏهن پنجيتاليهن سالن جو ٿيس ته مون واري آمريڪي زال وڃي ٻيو يار ڪيو.ٻار به پنهنجي منهن سان نڪري ويا.صفا اڪيلو ٿي ويس.سو شاديءَ واري هڪڙي روسي ويب سائيٽ تي رجسٽريشن ڪرائي .هفتي کن ۾ ماسڪو وڃي پهتس جتي منهنجي ملاقات ڇوڪري Tia سان ڪرائي وئي.جيڪا ڪنهن آمريڪيءَ سان پرڻجڻ لاءِ آئي هئي.مون ٻڌايومانس ته زال ڇڏي وئي آ،ٻار به منهنجي خرچ تي پڙهن پيا پر ملڻ جُلڻ لاءِ نه ايندا آهن.آمدني ايتري اٿم جو توکي هر ٽئين مهيني يورپ يا روس جو چڪر ڏياري شاپنگ ڪرائي سگهان ٿو.پر مون سان وفادارٿي رهڻو پوندئي“

    ٽِيا مون کي ڀاڪر پائي هرشرط مڃڻ ۽ عمر ڀرساٿ نڀائڻ جا واعدا وچن ڪيا ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.اسان اتي ئي هوٽل ۾ شادي ڪئي هئي ۽ مون کان به ننڍي پئي نظرآئي.مون کي پل لاءِ اندر ۾ ڏوهي هجڻ جو احساس ٿيوتهTia مون واري ڌيءَ لِز کان ڏيڍ سال وڏي ۽ منهنجي پٽ بريڊ کان اڍائي سال ننڍي هئي.خير،مان کيس وٺي آمريڪا موٽيس جتي منهنجي دوستن گڏجي Celebtation ڪئي. منهنجي نئين زال پارٽيءَ کي ڏاڍو انجواءِ ڪيو ۽ خوب مڌ پي گوڙ ڪيائين. سڀني کيس نئين ڪلچر ۾ آيل نئين ڪنوار سمجهي رعايت ڏني ۽ ڪنهن به شڪايت نه ڪئي.ايئن ٽي سال کلندي کائيندي گذري ويا. هڪ پٽ به اسان کي ڄائو.ان کان پوءِ منهنجي هن زال پاڻ ظاهر ڪرڻ شروع ڪيو. رات جو ديرسان ٻاهران گهراچڻ لڳي . ٻار 24 ئي ڪلاڪ آيا جي حوالي ڪري ڇڏيائين. منهنجو بئنڪ بيلنس تيزيءَ سان ختم ٿيڻ لڳو جو هوءَ الائي ڪهڙي مقصد لاٰءِ روز چيڪ ڪئش ڪرائڻ لڳي هئي. پڇاڻو ڪرڻ تي ماءُ ۽ مائٽ ياد ڪري روئڻ ۾ پئجيو ٿي وئي. بهرحال انهن واقعن کان پوءِ مون سندس جاسوسي شروع ڪئي ته آخر اڌ رات تائين ڪاٿي گم ٿي رهي.؟ مون کي پروفيشنل ڊيٽيڪٽو ايجنسيءَ ٻڌايو ته هن هڪ آمريڪي ڇوڪرو ڦاسايو آهي. اڌ رات تائين گڏجي انهي سان گهمي ٿي ۽ ان جون فرمائشون پوريون ڪرڻ لاءِ ڏوڪڙ خرچ ڪري ٿي. مون ان بابت پڇاڻو ڪيومانس ته ڪوڙ هنيائين ته اهڙي ڳالهه ناهي. ان ڳالهه ٻولهه کان مهينو پوءِ هن مون کان طلاق گهري ورتي. مون انڪار ڪيو. ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي پهرين زال ۽ ٻارن مان مايوس ٿي لکين ڊالرخرچ ڪري کيس آندو هو. هاڻي ته اسان جو پٽ به پنڌ ڪرڻ لڳو ته طلاق ڇو ڏيانس؟ ان تي هن گهراچڻ ڇڏي ڏنو ۽ انهي آمريڪي نوجوان سان ان جي فليٽ ۾ رهڻ لڳي ۽ وڪيل معرفت طلاق جا ڪاڳر ڏياري موڪليائين. ان موقعي تي منهنجي پهرين زال منهنجي مدد لاءِ اچي نڪتي. کيس سڄو سربستو احوال ڏنم ته هن مون کي قائل ڪيو ته اها ڇوڪري توسان رهڻ نه ٿي چاهي ته طلاق ڏيس. مان ٻيهر تو وٽ موٽي ٿي اچان . تنهنجو ننڍڙو پٽ مان پالينديس ۽ تنهنجو به خيال رکنديس. ايئن منهنجو گهر ... يعني اصلي گهر هڪ دفعو ٻيهر آباد ٿي ويو. ٽيا مون کي ٽن سالن کان ناهي ملي... هڪ دفعو ڪنهن ٻڌايو هو ته هوءَ پنهنجي نوجوان آمريڪي دوست کي به ڇڏي وئي آ ۽ ڪنهن نائيٽ ڪلب جي بار ۾ ڪم ٿي ڪري.مان سمجهي ويس ته هوءَ ڪهڙو ڪم ڪندي هوندي!.آمريڪا جي ڪلبن ۾ غير ملڪي ڇوڪريون ڊانسر طور ئي ڪم ڪنديون آهن. بهرحال مون کي سندس رويي ۽ بي وقوفي تي ڏک ٿيو هو.

    اهڙا ڪيئي واقعا آهن جن مان اندازو ٿئي ٿو تهMail Order Brides مان فقط پنج يا ڏهه سيڪڙو روسي ڇوڪريون ئي اهڙيون نڪرن ٿيون، جيڪي آمريڪا يا غير ملڪي مڙس سان وفادارهي نڀائن ٿيون. باقي ٻيون ڌنڌوڙي ثابت ٿين ٿيون.توهان کي ياد هوندو ته سوويت يونين جي ٽڪراٽڪرا ٿيڻ کان پوءِ اسان جي ملڪ ۾ وچ ايشيائي آزاد رياستن جون مايون ڪاهي پيون هيون. جيڪي ظاهر ۾ ته پنهنجي ملڪ مان سامان کڻي هتي اچي وڪڻنديون هيون ۽ هتان مال وٺي وڃي پنهنجي ملڪ ۾ منافعي تي وڪرو ڪنديون هيون پر سندن اصل ڪم ڪو ٻيو هو. جنهن سان اهي مڪاني ماڻهن کي ڦاسائي انهن کان ڏوڪڙ ڪڍنديون هيون.ڪراچي جون صدر ۽ ڪينٽ واريون رهائشي هوٽلون اهڙين سهڻين ڇورين سان ڀريون پيون هونديون هيون. انهن مان ئي ٻه ازبڪستاني سهڻيون ڇوڪريون بعد ۾ ماڊلنگ ڪرڻ لڳيون ته انهن پاڪستاني ماڊلز کي گهر ويهاري ڇڏيو هو. انهن پرڏيهي ماڊلز جا نالا مومنه ۽ ماريان هئا. جيڪي ڪجهه سال هتي ڪمائي وري موٽي پنهنجي ملڪ هليون ويون.
    ميل آرڊر برائڊز ايجنسيون پنهنجي ڪانٽريڪٽ فارم ۾ اهو شرط ضرور رکنديون آهن ته شاديءَ کان پوءِ جيڪڏهن روسي زال پنهنجي آمريڪي يا يورپي مڙس کي ڇڏي ڀڄي وئي يا کانئس طلاق ورتائين ته ايجنسيءَ جوڪو ذمونه هوندو. اهڙو بيان ان ڪري اهي“رڪارڊ” تي رکن ٿيون جو کين اڳي ئي پڪ هوندي آ ته سندس فراهم ڪيل ڪنوار اصل گهر نه ڪندي.

    آمريڪي همراهه ان ڪري به آمريڪي زال کان پوءِ روسي زال خريد ڪرڻ وڃن ٿا جو آمريڪا 70 واري ڏهاڪي کان پوءِ عورتن جي آزادي ۽ کين برابري وارو حق ڏيڻ واري هلچل ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي هئي. جنهن کان پوءِ آمريڪي عورتن برابريءَ جي بنياد تي سماجي ۽ خاص طور جنسي حق ماڻي ورتا آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ روسي سماج ۾ زندگي گذارين ٿيون. جنهن سبب آمريڪي مردن کي اهي آئڊيل زالون ڪري چونڊين ٿا پر سندن بدقسمتي اها آهي جو اهي ميسڻيون سهڻيون روسي اولگائون ، ٽيائون ، اميلڊائون ۽ نتاشائون آمريڪا پهچڻ شرط مقامي ماين جي افعالن کي ڏسي انهن جي رنگ ۾ رنگجي وڃن ٿيون ۽ مڙس سان بيوفائي ڪري ڪو ٻيو پنهنجي پسند مطابق هم عمر همراهه ڳولي ان جي پٺيان لڳي پون ٿيون.
    هڪ آمريڪي پال پنهنجو تجربوهن طرح شيئر ڪري ٿو“مان پورو سال روس ۾ ويٺل هڪڙي ڇوڪري سان خط ۽ فون تي رابطو ڪندو رهيس. نيٺ اسان پاڻ ۾ شاديءَ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مان ڪيليفورنيا کان اڏام ڪندوKiev جي شهر وڃي لٿس هوائي اڏي تي انهيءَ روسي ڇوڪري ڏاڍو گرم جوشيءَ وارو آڌر ڀاءُ ڪيو. ساڻس مائٽ به گڏ هئا. اسان سندس گهر وڃي ويٺاسين مس ته سندس ماءُ منهنجا ٽپڙ ٽاڙي جاچڻ شروع ڪيا ۽ ٿيلها کولي ڏسڻ لڳي ته مون سندن لاءِ ڪهڙا تحفا آندا آهن. اها ڳالهه مون کي ڏاڍي خراب لڳي پر مون اُٿي کين گفٽس ڪڍي ڏنا. ان کان پوءِ هنن ماني کارائي ۽ چيائون ته هوٽل ۾ تنهنجي رهڻ لاءِ ڪمرو بڪ ڪرايو اٿئون. پئسا ڪڍ ته اهو حساب چُڪتو ڪيون. اهو به مون کي عجيب لڳو ته اهي پئسا هو بعد ۾ به وٺي سگهن پيا. بهرحال مان 10 ڏينهن ڪيف شهر ۾ رهيس پر ائين ٿي لڳو ته مان سندن مهمان نه آهيان بلڪه هو مون وٽ مهمان ٿي آيا هجن. سڄو خرچ مون کان پٽي ڪڍيائون. شادي ٿي ته زال کي وٺي آمريڪا آيس جتي هن ڏينهن رات گهپي لائي ڏني ته منهنجي گهروارن کي خاص طور ڀائرن کي به گهرائي گرين ڪارڊ وٺي ڏي. اها ڳالهه ظاهر آهي ته ايترو جلد پوري ٿيڻ جهڙي نه هئي. سو مون واري زال ڇهه مهينا به مون وٽ جٽاءُ نه ڪيو ۽ طلاق وٺي گهر ڇڏي ٻئي همراهه وٽ هلي وئي. مون ٿڌي دماغ سان ويهي سوچيو ته مون کي محسوس ٿيو ته غلطي منهنجي آ. مان پنجاهه کان چڙهيل اهڙو ماڻهو هان، جيڪو دل جو باءِ پاس به ڪرائي چڪو آهي. هوءَ ٻاويهن سالن جي زندگيءَ ۽ جوش سان ڀريل ڇوڪري آهي. اها آمريڪا جهڙي آزاد سماج ۾ پهچي مون سان ڇو رهندي؟ هتي پهچڻ هن جو خواب هو. جيڪو مون جهڙي بيوقوف جي مالي مدد سان پورو ٿيو. هاڻي کيس نوجوان آمريڪي جام ملي سگهن ٿا. جيڪي نه رڳو سندس خرچ کڻندا بلڪه سندس گهرج به مون کان بهتر نموني پوري ڪري سگهندا. ته پوءِ هوءَ مون سان ڇو رهي؟ اهو سوچي مون سندس طلاق وارو مطالبو پورو ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي وري مان هيڏي ساري گهر ۾ اڪيلو رهيو پيو هان !

    اڄ جي ماڊرن روسي عورت جيڪا وڏا خواب ڏسي ٿي ، دنيا فتح ڪرڻ گهري ٿيا. اها رڳو پنهنجي حسن جي زور تي اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ نٿي چاهي بلڪه اهڙا سپنا ڏسندڙ روسي ڇوڪريون پاڻ کي چڱي تعليم سان سينگارين ٿيون. ان سان گڏ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪري پاڻ کي آزاد دنيا جو مقابلوڪرڻ لاءِ Wel Equiped ڪن ٿيون. اهڙي قابل ڇوڪريءَ لاٰءِ روس ۾ مردن جي ڪمي ڪانهي. پر اصل مسئلو اهو آهي ته روس جا مرد سندس ڪمائي تي ڀاڙي کيس دفتري مشين بڻائي پاڻ گهر ۾ ٽنگون ٽيڙي ستا پيا هوندا . ٻيو ته روس ۾ مردن جي آبادي گهٽ هجڻ سبب مناسب مڙس هٿ ڪرڻ وڏو مسئلو ٿي پيوآ. انهي ڪري اهڙيون قابل ۽ ڪمائيندڙ ڇوڪريون به روس مان نڪري زندگي بدلائڻ لاءِ پنهنجي فوٽو مٿان Bride For Sale يا Mail Order Bride جو Tag لڳائي پرڏيهي ۽ پئسي واري مڙس لاءِ واجهائڻ ويهن ٿيون.
    جهڙي نموني اسان وٽ عوامي ڀلائيءَ واريون ڪجهه تنظيمون اجتماعي شاديون ڪرائي خير جو ڪم ڪن ٿيون. ايئن هاڻي ماسڪو ۽ ٻين وڏن روسي شهرن ۾ به Brides Festivals منعقد ڪيا وڃن ٿا. جتي روسي ڇوڪريون تيار ٿي هار سينگار ڪري اچن ٿيون ۽ انهن جا اميدوار آمريڪي اڳواٽ طئي ڪيل پروگرام موجب اتي اچي پهچن ٿا ۽ هر ڪو جوڙو جوڙو ٿي هڪٻئي سان حال احوال اوري ٿو. جنهن به جوڙي جي ڳالهه ٻولهه ٺهي وڃي ٿي اهي الڳ ويٺل هڪ مئنيجر ٽائيپ همراهه وٽ وڃي هڪ فارم ڀرين ٿا ۽ شادي رجسٽر ڪرائن ٿا. اهو مئنيجر ان ايجنسي جو نمائندو هوندو آهي. جنهن انهن جوڙن جي ملائڻ جو اهتمام ڪيو هوندوآهي. اجتماعي شادين جي اها تقريب ڪهڙي ماحول ۾ ٿئي ٿي ؟ ان جي هڪڙي جهلڪ هن طرح هوندي آهي. هڪ ٽيبل آڏو ايلينورا اسڪن ٽائيٽ جينز ۽ اڌ ٻانهن واري شرٽ پايو ويٺي آهي. سندس ڀرواري ڪرسي اڃا خالي پئي آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪو آمريڪي همراهه ساڻس ملڻ لاءِ ماسڪو پهتو آهي. اهو اڃا پنهنجي هوٽل واري ڪمري ۾ تيار پيو ٿئي. ايلينورا ان جي انتظار ۾ ووڊڪا جي بوتل جو چوٿون حصو ڏوگهي چڪي آهي. جنهنڪري سندس سهڻيون نيريون اکيون مئي جي مستي سبب ڳاڙهسريون به ٿي چڪيون آهن.

    ايلينورا جي برابر واري ٽيبل تي اليگزينڊرا پنهنجي اميدوار همراهه سان پيزا جا مزا ماڻي رهي آهي. سندس همراهه لڳاتار ڳالهائي رهيو آهي پر هوءَ صبر سان کائڻ ۾ جنبيل آهي. ڪڏهن ڪڏهن مرڪي آمريڪي بڪواسيءَ کي اهو تاثر ڏئي ٿي ته هوءَ سندس ڳالهيون ڏاڍي دلچسپيءَ سان ٻڌي رهي آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته کيس فقط اصلي ڳالهه شروع ٿيڻ جو ئي انتظار آهي ته اهو ٿلهو، پڪي عمر وارو ماڻهو سندس عيوض اليگزينڊرا جي مائٽن کي گهڻا هزار ڊالر ڏيندو ۽ آمريڪا ۾ کيس ڪهڙيون سهولتون مهيا ڪندو؟. يوڪرين جي Odessa شهر جي هوٽل Palladium جي تهه خاني واري هن هال ۾ اٽڪل پنجاهه روسي ڇوڪريون موجود آهن ۽ انهن جي لاءِ جيڪي آمريڪي آيا آهن تن جو تعداد ڪل چاليهه کن آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته خريدارن وٽ Choice ڪرڻ لاءِ 1-2 جو تناسب موجود آهي .
    هن گڏجاڻي ۾ شرڪت جي في مرد لاءِ ٽي سو ٽي ڊالر رکيل آهن ۽ روسي ڇوڪريون رجسٽريشن چارجز اڳوٽ ڏيڻ سبب مفت ۾ شريڪ ٿي سگهن ٿيون. اهڙيون گڏجاڻيون هفتو کن هلنديون، جن ۾ جوڙا هڪٻئي کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. جيترو جلد اهي ڪنهن نتيجي تي پهچندا آمريڪي يا يورپي همراه جو کيسو اوترو گهٽ خالي ٿيندو. ڇاڪاڻ ته روزانو ٿيندڙ پارٽين جو بل کيس ڊالرن جي صورت ۾ ڀرڻو پوي ٿو.
    هڪ اندازي موجب اوڊيسا شهر ۾ “ميل آرڊر برائيڊ انڊسٽري”هرسال 50 ملين ڊالرن کان وڌيڪ جو بزنس ڪري ٿي. ماسڪو ۾ اهو انگ چئوڻو سمجهي سگهجي ٿو. پر ماسڪو به اڪثر ڪري اوڊيسا مان آيل ڇوڪريون ئي ان ڌنڌي جي آمدنيءَ جو ذريعو بڻيل آهن، تنهنڪري اوڊيسا کي Internet Brides Capital of جو لقب ڏنو ويو آهي. اوڊيسا جهڙن ٻين شهرن جي دنيا۾ کوٽ نه آهي جتي انٽرنيٽ برائيڊز جو ڪارو بار هلي ٿو ۽ انهن شهرن جي سڃاڻپ انهيءَ ڪم جي ڪري ئي ٿئي ٿي. اهڙن شهرن ۾ اسپين جو Lbiza قبص جو شهر Auya Napa ڪرپٽ جو Malia ڪوسٽاريڪا ۾Kardamena روڊز آئيلينڊز ۾ Faliraki ڪورفو ۾ Kavos ٿائيلينڊ ۾ Chiang Mae انڊيا ۾ ممبئي ۽ پنهنجي پياري پاڪستان جي شهر ڪراچي ۽ لاهور ۾ به اهو ڌنڌو ڳجهه ڳوهه ۾ هلي رهيو آهي!
    روس جي انٽر نيٽ برائيڊ ڪاروبار جي هاڃن ۽ ڌوڪيبازين جا سٽيل گهڻي ڀاڱي آمريڪي دولتمند پوڙها آهن پر دانهون گهڻيون وري انگلينڊ وارا ڪن ٿا ته “هاءِ !انهن روسي ۽ يوڪريني ڇوڪرين اصل کنڌا کڻي ڇڏيا آهن. انهن کي روڪڻ جي ڪيو نه ته اسان جا گهر ته ڦٽايا اٿن، دنياجي ٻين ملڪن جي سماج ۽ old dukes (شوقين پوڙهن ) کي بچايو!
    انهن روسي ڇوڪرين “ولايت)” (برطانيا) وارن جا گهر ڪيئن ڦٽايا آهن؟ اهومانچسٽر جي هڪ اڌڙوٽ عمر واري همراهه ول يا وليم کان ٻڌو:
    “مان هاڻي 48 سالن جو هان. مون واري برٽش زال مونکي ڇهه سال اڳ ڇڏي وئي. ٻه پٽ آهن اهي به پرڻجي ڌار ٿي ويا آهن. اهو ماحول مونکي ڏنڀي رهيو هو ته مان سڄي دنيا ۾ اڪيلو هان . انهيءَ ئي Stress مون کي Mail Order Brides واري ويب سائيٽسز تائين پڄايو. هڪ سائيٽ تي رکيل روسي ڇوڪري لُڊميلا جو فوٽو هڻي وڃي اندر ۾ هنڌ ڪيو ته ان سان رابطو ڪيم. ڇهه مهينا محبت جون چٺيون، مٿو مٿي تي اي ميل ٿينديون رهيون ۽ پوءِ سندس صلاح تي وڃي مان اوڏانهن نڪتس . هنن سٺي عزت ڏني گهر ۾ رهايائون ۽ همدرديءَ سان حال احوال ورتائون. پندرهن ڏينهن ۾ اتي ئي شادي ڪري اڪيلو موٽي آيس. جيئن ڪنوار جا ڪاڳر پٽ تيار ڪري روس موڪليان ته اها اڏامي اچي مانچسٽر پهچي. اڍائي مهينا ان ۾ لڳي ويا ۽ نيٺ مون واري من مهڻي اچي منهنجي گهر ۾ ڊاٻو ڪيو. ٻه ٽي مهينا ڏاڍا ڀلا گذريا.کيس برطانيا کان علاوه يورپ جا ٻيا ملڪ به گهمايم .صفا مون مٿان ٻلهار پئي وڃي ته دنيا ته هي آجيڪا تو مونکي ڏيکاري آ. موٽي مانچسٽر آياسين . مهينو خير جو مس گذريو ته منهنجو ڀائٽيو البرٽ لنڊن کان اچي اسان جي گهر نڪتو. مون واري نئين ننڍي زال ڏسي گگ ڳڙي پيس . سڄو ڏينهن پيو ان جي اڳيان ڦري . چئي ته مون کي به پاڻ جهڙي Moscowie ڇوڪري وٺي ڏي. هن کي ڀلا ڪهڙو انڪارهو. پنهنجي ٻن ٽن ڀيڻين جا نمبر اي ميلز ۽ فون کيس شيئر ڪرايائين. مان مطمئن هوس ته هاڻي البرٽ انهن مون وارين سالين مان ڪا ڇوري سليڪٽ ڪري جان ڇڏي ويندو پر پتو تڏهن پيو جڏهن هن انهن مون وارين سالين مان ڪنهن هڪڙيءَ سان رابطو ڪرڻ بجاءِ “ڪم خرچ بالانشين ” تي عمل ڪندي مون واري زال لڊميلا تي کڻي هٿ رکيا. هوءَ به ڄڻ اڳي ئي تيار ويٺي هئي. ٻن مهينن اندر هوءَ مون کان طلاق وٺي ، مون واري ڀائٽي البرٽ جي زال بڻجي ويهي رهي. هاڻي هوٰءَ منهنجي زال بجاءِ ننهن ليکي ٿي وڃي. مان اهڙي جو اهڙو اڪيلو ۽ لاچار.

    انٽرنيٽ برائيڊ وارو هر ڪيس ساڳيو ناهي پر ڪهاڻيون هڪٻئي سان ملن ٿيون. اهڙي ماحول ۾ ڪا روسي ڇوڪري جيڪڏهن پنهنجي پڪي عمر واري مڙس سان وفادار رهي سندس خدمت ڪندي رهي ٿي ته اهو مثال قائم ٿي وڃي ٿو . اهڙو خوش باش همراهه وڏو Lucky ليکيو وڃي ٿو ۽ سندس سنگت ۾ اهي اڪيلا ۽ “بيواها” همراهه کيس جنت جي حور سان مزا ماڻيندي ڏسي پاڻ به اهڙي رنگ ۾ رنگجڻ لاءِ ليپ ٽاپ کولي هڪڙي آڱر سان ٽائيپ ڪري ڪري اي ميل برائينڊن سان رابطا ۽ واسطا واڌائي ويهن ٿا ۽ اهو سلسلو جاري ساري رهي ٿو.

    يوڪريني ۽ روسي “ويڪو” ڪنوارن (Brides For Sale) جو حامي هڪ آمريڪي فوجي جيڪو ڏهه سال اڳ ريٽائر ٿيو هو. اهوچوي ٿو: اهڙيون سائٽس ۽ اخبارن رسالن ۾ اهڙا مضمون اچڻ هاڻي عام ڳالهه آهي. جن ۾ روسي، هنگيرين، فلپائن ۽ ٻين قومن جون ڇوڪريون ڪجهه پئسا وٺي امير آمريڪين ، يورپين ۽ ٻين همراهن سان شادي ڪن ٿيون. اهڙن واقعن ۾ اڪثر اها دانهن ٻڌجي ٿي ته اهي خريد ڪيل ڪنوارون مڙسن سان نٿيون نڀائن. پر منهنجو تجربو مختلف آهي مون ٽيهه سال اڳ يوڪرائين جي هڪ ڇوڪري سان شادي ڪئي. جنهن لاءِ سندس ماءُ پيءُ کي مون ڪجهه هزار ڊالر ڏنا. اها ڇوڪري اڄ به مون سان گڏ ۽ منهنجي وفادار آهي. مون کي ان منجهان ٽي ٻار ٿيا جيڪي هاڻي جوان ۽ کائڻ ڪمائڻ وارا آهن ۽ اسان جي فيملي تمام خوش گذاري پئي.
    سڄو قصو ٻڌائيندي هيءُ آمريڪي فوجي اها حقيقت وساري ويٺوآهي ته جنهن هن يوڪرائيني سندريءَ سان شادي ڪئي هئي. تڏهن هو پاڻ به جوان هو. مائي به نوخيز هئي. انهيءَ ڪري هوءَ جوان مڙس کي ڇڏي ڇو ڀڄي ها؟ هن ڪنوارن جو آئيڊيل ئي آزاد ماحول ۾ جوان ساٿي آهي. انڪري اهي پڪي عمر وارن مڙسن کان ڌار ٿي ڪنهن جوان جي ٻانهن ۾ سمائجي زندگيءَ جو مزو ماڻڻ لڳن ٿيون. اهڙيءَ ريت اهي مڙس جيڪي کين خريد ڪري ايڪيهين صديءَ واري مهذب دنيا ۾ غلاميءَ جي بد ترين صورت کي ٻيهر رواج ۾ آڻين ٿا. انهن کي ان ڪُڌي ڪم جي سزا هن دنيا ۾ ئي ملي وڃي ٿي ۽ سندس سيڪسيوئل گهرجن لاءِ ڪيل سرمائيڪاري ٻڏي وڃي ٿي.

    ڊيوڊ هڪ ويب سائيٽ www.Loveher.com هلائي ٿو. هو Mail Ordr Brides بابت آرٽيڪل لکڻ جو ماهر مڃيو وڃي ٿو. هو پنهنجي سائيٽ تي اهڙين روسي ، يوڪريني ۽ ازبڪستاني ڪنوارن جي حمايت ۾ لکندو رهي ٿو ۽ مختلف ملڪن جي شادي ڪرڻ وارن خواهشمند اميرن کي ميل آرڊر بائيڊ سان ملاقات ڪرڻ ان کي ريجهائڻ ۽ آخرڪار ڀنڀلائي هرکائي شادي ڪرڻ جا طريقا ٻڌائي ٿو. جيتوڻيڪ اهي ڇوريون پاڻ ان ڪم لاءِ آتيون هونديون آهن ۽ انهيءَ مقصد لاءِ سوين ڊالر يا هزارين روبل خرچ ڪري مختلف سائٽس تي پاڻ کي Potential Bride طور رجسٽرڪرائن ٿيون. پر ڊيوڊ انهن کي ايئن پيش ڪري ٿو ڄڻ اهي ڌارين کان ڌن وٺي انهن سان پرڻجي آمريڪا. برطانيا يا يورپ تي وڏو احسان ڪنديون هجن.

    _________
    افيئر جي ٿورن سان
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ٽاپ واري ڇوڪري ته ٽاپ جي آهي باقي مضمون تي راء مضمون پڙهي پوء ڏبي ۔۔۔ :D
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاها ۔۔۔۔۔

    مطلب ته راء اچي وئي ۔۔۔۔ مضمون وڏو آهي، پڙهي راء ڏجو۔
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا اهو سڀ ڪجھ بي غيرتي ۽ برائي کي فروغ ڏيڻ ئي آهي ،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو