ڪاڪي آچار جو ڇوڪرو۔۔ پپنو۔۔ هڪ ڏينهن اسڪول هن حالت ۾ آيو جو سندس هڪ پير ۾ اڇو بوٽ ته ٻئي پير ۾ وري ڪارو بوٽ پاتل هو۔۔جهوني استاد چيس۔۔۔؛ ”ڏي خبر ڀلا خير ته آهي، هي الڳ الڳ رنگ جا بوٽ پائي اسڪول آيو آهين، هاڻي وڃ واپس جلدي۔۔ شاباس۔۔ جيستائين ٻنهي پيرن ۾ ساڳئي رنگ جا بوٽ نه پائي ايندئين تيستائين اسڪول ۾ داخل ٿيڻ نه ڏيندم۔۔“ پپنو چيو: ” سائين ڪو فائدو ناهي، ڇو ته گهر ۾ به هڪ ڪارو ۽ هڪ اڇو بوٽ ئي پيل آهي“