جيئي لطيف مُنهنجو سُهڻو لطيف سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي 4 چوٿين پيشڪش

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏28 آڪٽوبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ واسيو ۽ ساري دنيا ۾ وسندڙ مُنهنجا سنڌي ڀائر ۽ ڀيڻون۔ جيئي سنڌ
    24 آڪٽوبر 2009 بروز ڇنڇر تي بدين سنڌ جي شهر پنگريو ۾ لاڙ جي بهترين شاعر مرحوم نورمحمد نور سمون جي ورسي ۽ مرحوم جي ڪتاب سوچن جو سفر جي مهورت واري تقريب ملهائي ويئي۔ جنهن جون ڪجهه تصويري جهلڪيون ۽ ان تقريب جو اڌورو اکين ڏٺو احوال توهان سان اڳ ۾ ئي ونڊ ڪري چُڪو آهيان۔ ان سلسلي ۾ طبيعت جي ناسازي ڪري وڌيڪ تصويرون ۽ احوال مون طرفان پينڊنگ ۾ آهي ، انهي سلسلي ۾ توهان دوستن جيڪو انتظار ڪيو مون کي انهيءَ ڳالهه جو احساس آهي پر مُنهنجا گهر وارا مونکي ڪمپيوٽر ۽ ڪمپوز جي ويجهو طبيعت جي بحاليءَ تائين ويجهو وڃڻ نٿا ڏين۔ خير جيئن ئي صحت سُڌري ويئي سڀ جو سڀ احوال ضرور توهان سان ونڊ ڪندس۔ تيستائين ادا محمد جمن شيخ انهي تقريب ۾ ڳايل راڳ رنگ جي محفل جو هي ڪلپ جيڪو سنڌ جي مشهور فنڪاره ثريا سومرو ڳايو هو انهيءَ جي وڊيو ايڊيٽنگ ڪري هينئر اڌ ڪلاڪ پهرين مون حوالي ڪري ويو آهي توهان سان ونڊ پيو ڪريان۔ هن ڪلپ جو ڪئمرا مين هوسڙي شهر کان آيل محترم عبدالغفور سمون هو۔ ان کان علاوه آئون ٿورائتو آهيان سائين سليم سنڌي سمون سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ پنگريو ضلع بدين جو جنهن سندس والد بُزرگوار مرحوم نورمحمد نور سمون مرحوم جي ورسي ۽ ڪتاب سوچن جو سفر جي مهورت واري تقريب ۾ دعوت ڏني، ۽ خالص سنڌ سلامت لاءِ هي وڊيو ڪلپ ڀرڻ جي اجازت ڏني۔ جيئن ته هن ڳايل گيت ۾ ثريا سومرو سنڌ جي گهوٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي پنهنجي خوبصورت گائيڪي ۾ سُرن جي ڀيٽا ڏئي رهي آهي ان ڪري انهي تقريب جو سڀ کان پهريون گيت توهان سان ونڊ ڪريان ٿو ، ۽ سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين کي ارپيان ٿو۔ هن گيت جي ڪنهن ڪُنڊ پاسي ۾ توهان جو هي حقير خادم سنڌ سلامت لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندي نظر اچي وڃي ته ان کي پنهنجي دُعائن ۾ ضرور ياد رکجو۔

    پيش آهي سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي 4 چوٿين پيشڪش جيئي لطيف مُنهنجو سُهڻو لطيف​


     
  2. Ranjit

    Ranjit
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    Ustad sain! Shabs huje twhan khe jo twhaan studio aein otaq khe etro time diyo tha. Twhanji mhrbani, baqi hane maan locl train ahyan aein chahinde bi iho vdo koan tho disi saghan! Baqi ustad mun vegas nale vdo editor je tutorial ji vdo shutng aein script mukamal kare varto ahe, bs time milan aein pahrin fursat mai uho jald ee hite twhanje nazar kabo. Bs ustaad dua kryo belli wada ahiyo
     
  3. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    واه استاد ڪمال جو ڪم ٿيل آهي. صرف هڪ ڳالهه ڌيان طلب آهي ته اگر جيڪڏهن پٺيان ويٺل معزز شخص راڳ رنگ مهل هيٺ ڪرسين تي اچي ويهن هان ته محفل کي چار نه پر چوڏهن چنڊ لڳي وڃن هان. ٻي هڪ ڳالهه استاد سائين ته جيڪڏهن توهان ان جي اسٽارٽنگ ۾ يا ٿوڙي دير بعد انهن مهربان سڄڻن جا نالا ڏيو هان جن هن پروجيڪٽ کي پوري ڪرڻ ۾ توهان جي مدد ڪئي. ته اصلي واهه جو ٿي وڃين هان. توهان انهن سڀني سڄڻن جا نالا ته مٿي ٿريڊ ۾ ڏنا آهن پر جيڪڏهن ڪوئي سنڌي يا وري ٻيو ڪوئي ان گاني کي يوٽيوب تي ڏسندو ته کيس اها ڪيئن خبر پوندي ته هن گاني جو ڊائريڪٽر، ڪيمرامين، ايڊيٽر ڪير آهي. استاد باقي اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته ان ۾ توهان ڪيمرا کڻي ٺهڪو پيا...

    اميد ته منهنجي هن نيگيٽو راءِ کي پازيٽو کڻندا....
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا رنجيت توهان جي اها راءِ ته معزز مهمان اسٽيج تان هيٺ لهي سارو پروگرام ڏسن ها۔ته محفل کي چار چنڊ لڳي وڃن ها، واقعي ائين ٿيو به هو۔ پر ان وقت ساري اسٽيج کي جرڪائيندڙ سنڌ جي سندر فنڪاره محترما ثريا سومرو وڃي چُڪي هُئي ٿي سگهي ٿو ايندڙ سنڌ سلامت جي وڊيوز ۾ اهي معزز مهمان هيٺ ويٺل نظراچن توهان کي۔ توهان جي مهرباني جو توهان مون مسڪين جي ڪيل هن محنت تي محبتون نڇاور ڪيون۔ توهان شايد هن وڊيو جي اختتام تي اهو انگريزي ۾ لکيل ميمو ڏٺو ئي ڪونه آهي جنهن ۾ سڀ ڪجهه لکيل آهي۔ توهان آخر تائين اهو ڪلپ ڏسو ته سهي۔ باقي اسان جهونا هاڻي هن پيري ۾ ڇا ٺهڪنداسين۔ اهي سڀ تُنهنجون محبتون آهن جو ايڏي عزت ڪرين ٿو اسان جي۔
     
  5. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    استاد سائين! معاف ڪجو مون اهو ڏٺو اهو پنهنجي جڳهه تي سهي آهي باقي جيئن ڪي ٽي اين جي راڳن تي راڳ شروع ٿيڻ وقت ئي سڀني جا نالا چي ويندا آهن. مون ان جي ڳالهه پئي ڪئي.
    باقي سائين اگر شاگرد استاد جي عزت نه ڪندو ته باقي سکندو وري ڌوڙ مان ڇا...... اهو منهنجو فرض آهي.
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني ادا رنجيت۔ توهان واري مشوري تي جلد عمل ڪيو ويندو۔ پر مٺا مُنهنجو ڪمپيوٽر به مون وانگر ٿڪل آهي، پي ٿري آهي، ڪافي سارا وڊيو ايڊيٽر ته هلن ئي ڪونه ٿا۔ باقي محترم جمن شيخ جو ڪمپيوٽر سسٽم ليٽيسٽ آهي، هُن مهربان جو گهر وري منهنجي گهر واري ايريا جي ٻي ڇيڙي تي آهي۔ خير هڪ دفعو ٻيهر مهرباني جو تو اهڙو مفيد مشورو ڏنو۔
     
  7. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    استاد سائين توهان مهرباني لفظ جو استمعال ڪري مونکي شرمندو ٿا ڪريو. ٻيلي ايئن نه ڪريو وڏا آهيو...
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    لک لائق محترم عبدالغفور سمون صاحب جا جن نان پروفيشنل هوندي به وڊيو لاءِ زبردست ريڪاردنگ ڪئي... توهان جي موڪليل ساڪت تصوير ڪشي ڏٺيسين پر جديد ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ حرڪت ڪندڙ تصويرن جو پنهنجو مزو آهي ....
    جيتري قدر ادا رنجيت جي مشورن جو تعلق آهي ته سندس جي وڊيو ايڊيٽنگ جو اڳ ۾ نظارو ڪيو آهي جنهن مان سندس جي پروفيشنل ڪم جي به خوب خبر پوي ٿي...
    تڏهن ته مان جڏهن ادا زاهد جي آفيس ۾ ويندو آهيان ته هو آفيشل ڪم صرف ان ڪري ڇڏي ڏيندو آهي ته متان چُڪ ڪڍي کيس شرمندو ڪريان....
    مٿين ڳالهه وانگر بهتر ڄاڻ رکندڙ ئي بهترين مشورو ڏيندا آهن...
    ڀيڻ ثريا سومرو جي خوبصورت آواز ۾ مٺن لفظن سان شاه ڀٽائي کي ڏنل ڀيٽا پڻ دل سان لڳي...
    مهرباني سائين نثار صاحب ايتري لاجواب شيئرنگ تي....
     
  9. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    سائين ٻيلي ڏاها ٿيو.... مان مڙئي ڪڙٻ نه پر سگريٽ پيئاري سکيو آهيان. سنڌ ۾ به ۽ هند ۾ به............ اُتي اسان وارو ايڊيتر صاحب به رات جو سگريٽ پيئندو هو ان ئي اسٽوڊيو ۾... ۽ هتي به ساڳيا پرڪار آهن پر فرق اهو آهي ته اهتي سگريٽ وري ٻاهر ڪيبن جي ڀرسان بيهي پيئڻو پوندو اٿس.........
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جادوگر سائين جيئين شال سدائين۔ تُنهنجون دُعائون کپن۔ سنڌ سلامت جي پاران اهي سنڌ سلامت اسٽوڊيو جا وڊيو ڪلپ ”فيس بوڪ “ تي به ساري دنيا جي سنڌين سان پڻ ونڊ ڪيا اٿم، شڪر الحمد الله اتان جي سڄاڻ دوستن کان پنهنجي محبتي اڱڻ سنڌ سلامت لاءِ اهڙي ته دل ۾ هنڊائڻ جهڙي موٽ پئي ملي جو وڃي ٿيا ست خير۔ باقي سنڌ سلامت جا سڀ محبتي ساٿي ته هونئن ئي پنهنجا آهن۔ انهن کي اهي وڊيو ته هونئن به وڻندا ۔ ڇو جو هي وڊيو سندن سئو فيصد پنهنجا ۽ ذاتي آهن۔ لک ٿورا جو توهان مُنهنجي هن شيئرنگ کي لاجواب چيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو