آئيني آڏو: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو نانءُ: محبت علي ٻرڙو جنم تاريخ: 25- مارچ 1952ع. پسند ڪندو آهيان: ٻڌڻ، پڙهڻ، سمجھڻ، لکڻ ۽ چوڻ. نفرت اٿم: ظلم، جِهل ۽ ڪوڙ کان. منهنجو ماضي: ٺيڪ ٺاڪ. پسند جو رنگ: هر رنگ جي رونق پنهنجي. پسند جي مند: سرءُ جي مند مڙيوئي ڪجھ گھٽ پسند اٿم. پسند جو ليکڪ: مختلف موضوعن تي لکندڙ سوين ليکڪ پسند اٿم. پسند جو ڪتاب: مختلف موضوعن تي سوين ڪتاب پسند اٿم. پيارو دوست: هن سوال جو جواب ”دوست“ جو مفهوم ڄاڻڻ کان پوءِ. منهنجي خوبي: وت ۽ وس آهر توڙ تائين نڀائڻ. ڪڪ ٿيندو آهيان: بڪواس ۽ ڊاڙ ٻُڌي/پڙهي. خوش ٿيندو آهيان: ڪنهن چڱي شيءِ تي ڄاڻ پرائي، کنيل ڪم پورو ڪري، ماڻهوءَ کي فائدو ڏيندڙ ايجاد بابت ٻڌي، وغيره. منهنجي آئيڊيل/پسند جي شخصيت: ڪارل مارڪس، فريڊرڪ اينجلس ۽ جيني مارڪس جي ڪردار کي ملائي هڪ ڪري سگھو ته... منهنجي ڪمزوري: هڪُ (منهنجي نظر ۾) سٺو ڪتاب. آخري خواهش: ڇو ڀلا؟ ڏس/پتو: لطيف ڪلينڪ، قنبر. ڪوڊ: 77210، ضلعو لاڙڪاڻو. (سلسليوار ’لکڻهار‘ قنبر، فيبروري 1997ع)