• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماهوار سوجهرو سيپٽمبر 2012

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ماهوار سوجهرو جو سيپٽمبر 2012 جو شمارو پيش آهي۔

ماهوار سوجهرو رسالو سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿو۔ ناليواري شاعر ۽ اديب تاج بلوچ جي رهنمائي ۾ ڇپجندڙ هن رسالي کي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ ۽ ڊجيٽل ڪاپي فراهم ڪرڻ لاء اسان رسالي جي سب ايڊيٽر فهيم سولنگي صاحب جا ٿورائتا آهيون۔

واهه سائين واهه ، سنڌ مان تمام ٿورا رسالا نڪرن ٿا انهن جا ڊجيٽل ايڊيشن هجڻ گهرجن جيڪي سنڌ سلامت تي شيئر ڪجن، اگر اهڙا ادارا پاڻ فراهم ڪن ته مزو ٿي ويندو نه ته اسڪين ڪري رکجن ته جيئن انهن جو رڪارڊ به رهي ۽ سڀ هڪ جا تي ملڻ جي سهولت ٿي ويندي۔ گهٽ ۾ گهٽ سوجهرو ته باقاعدگي سان اچڻ گهرجي
 
مان سڀني پبلشرن ڇي عرض ڪندو رهيو آهيان ته پنهنجي ڪتابن يا رسالن جي ڊجيٽل ڪاپي مهيا ڪن، پر تمام ٿورن دوستن کان موٽ ملي آهي۔ سوجهري رسالي جي سب ايڊيٽر فهيم سولنگي صاحب وعدو ڪيو هو ته هو هر مهيني ڊجيٽل ڪاپي اي ميل ڪندو۔ سندس ٿورا آهن جو هو هر مهيني سافٽ ڪاپي موڪليندو رهي ٿو۔

اردو فورم وارن وٽ ڪتابن جو تمام وڏو ذخيرو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ ڪم بلڪل گهٽ ٿيو آهي۔ دوستن کي عرض ته پنهنجي آسپاس يا دوستن سان ملي انهن کان ڪتابن جي سافٽ ڪاپي وٺي موڪلين جيئن سنڌي ڪتابن جي ذخيري کي وڌائي سگهجي۔
 
Back
Top