ڪهاڻيهمدرديڊاڪٽر محبت ٻرڙو”ادا، ٿوري جاءِ ته ڏجو، مان به بيهان.“ 25 سالن جي ٺاهوڪي نوجوان آهستي چرندڙ بس جي در تي بيٺل ٻن نوجوانن مان هڪ کي چيو. ”ڪاٿي ويندين؟“ ٻنهي مان هڪ پڇيو. ” او هن اڳين موڙ تي لهندس.“ هن آهستي آهستي ڊڪندي چيو، ڇو ته بس ڪجھ تيز ٿي هئي. ”اهو موڙ ته ويجھو آهي ۽ بس ۾ جاءِ به ڪانهي. ڪاٿي بيهندين؟“ جڏهن ته بس ۾ ڪافي جاءِ هئي. نوجوان جي منهن تي مايوسي جو تهه چڙهڻ لڳو، جو هينئر بس ڪافي تيز ٿي چڪي هئي ۽ هو بس کي نه ٿي پهچي سگھيو. ”ڏسو ته ڪيڏي نه سستي ۽ ڪاهلي اسان جي قوم ۾ گھر ڪري وئي آهي.“ ٻنهي مان اڳيان بيٺل چيو، ”ڇا، اڌ فرلانگ کن پنڌ جو به نه ٿيندو ۽ اهو به بس ۾ سفر ٿو ڪجي!“ ”اهڙي بي همتي به اسان نه ڏٺي، ۽ نه ٻڌي.“ پٺيان بيٺل جوان ها ۾ ها ملائيندي چيو. ”ڪهڙو نه ڳڀرو جوان هو، هي سٽ کن پنڌ جيڪر ٻن منٽن ۾ ڪري وڃي،“ پهرين چوڻ شروع ڪيو، ”اها ئي آهي سستي، جا اسان جي وڏي ۾ وڏي دشمن آهي. هاڻي انهن حالن تي اسان ڪيئن ترقي ڪري سگھنداسون؟“ پنهنجي قوم جي پٺتي هجڻ جو ڏاڍو خيال هوس، شايد ڪاليج جي ليڊر ٽائيپ شاگردن مان هو، ”ڏس، هنن نوجوانن جو حال ڏس! ڇا ته پنڌ جو ٽڪرو هيو ۽ ڇا پُٽ بس تي چڙهي هلندو. اي ڪاش! هن کي اهو احساس پيدا ٿئي، ته اها سستي سمنڊ جي گھراين ۾ طوفان کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. ڪاش! هي بيدار ٿين، ڪاش همت کان ڪم وٺن، ڪاش محنت ڪن، ڪاش...“ گاڏي موڙ مڙڻ لڳي ۽ ٻئي ٽپو ڏئي لهي ويا.