ڪهاڻيڪُتوڊاڪٽر محبت ٻرڙوهُل ٿي ويو ته شاهوءَ وارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي ۽ پنهنجي مالڪ شاهوءَ کي کائي وڌائين! سڄي ڳوٺ لٺين، ڪهاڙين ۽ ڪِن ته بندوقن سان سهڪندي ڳوٺ جي اترئين پاسي، رانجھن جي ٻنين طرف ويل ڪتي جو ڀڄندي پيڇو ڪيو. سَو سالن جي جھوني بڙ هيٺان ويٺل سٺ سالن جي ٻڍڙي ڏاڏي رجب پنهنجي اڳيان رکيل ٺڪر جي چلم ۾ ڦهڪايل نڙ مان گڙگاٽ ڪڍندي، زماني جي هيٺ مٿاهين ۽ انقلابن کان مانوس اکين کي چنهجائيندي، ڀر ۾ نبي بخش کي چيو، ”نبو! خبر اٿئي! شاهوءَ وارو ڪتو ڇتو ٿي پيئه!؟ ۽ بي شناس پنهنجي مالڪ کي کائي ماريو... هَئي... هَئي! مون کي ته اهو وقت ٿو ياد پوي... ڦوهه سياري جي ان ولهائتي رات وارو... جڏهن پارو پئي پيو... شاهو ۽ مان باغي ديري مان ڏاندن جي ميل ڏسي موٽندي ڳوٺ پهتا هئاسين... ته اهو ڪتو... ڪاني لڳيس، جنهن مالڪ جي شناس نه رکي... نمڪ حرام... تڏهن گلرڙو هيو ۽ وڏيءَ ڪسيءَ مان پئي ڪوڪون ڪيائين. لک جھليو هيم شاهوءَ کي، ڇو ٿو گندگيءَ ۾ هٿ وجھين گلر لاءِ؟ پر چيائين، ”بي زبانو آهي... مري ٿو ڪسيءَ ۾، ڪهل ٿي اچيم، ٻيلي پناهه ڏيندومانس!“ نيٺ هن رحمدلي ڪري، ان ڪتي کي تڏهن ڪسيءَ مان ڪڍي گھر نِيُس. هري ٺاهي، پلال وجھي، ڪکائون ۽ نرم اجھو ٺاهي پناهه ڏنائين مردود کي... ۽ پوءِ شاهوءَ ويچاري ان نڀاڳي جي پر گھور به گھڻي پئي لڌي!“ ڏاڏي رجب نڙ وات ۾ وجھي ٻه ٽي تڪڙا تڪڙا گڙگاٽ ڪڍيا ۽ پوءِ ساهي پٽي پنهنجو ڪلام جاري ڪندي چيو، ”روز گوشت ۽ ڇڇڙا آڻي ڏيس... کائي کائي سڪمو ٿي پيو! بي شناسي مان ڪهڙي غذا، اڄ ڇتو ٿيو... نيٺ ظاهر ٿيو ته هيو برابر ’ڪتو‘ ئي! بي شناسو، جو مالڪ کي کائيندي انڌو ٿيو ته محسن اٿس... جنهن رذيل حالت ۾ آندو هيس ڪسيءَ مان ڪڍي، جو مري پيو ولهه ۽ سيءَ ۾، اجھو ٺاهي پناهه ڏنائينس، پاڻ رُکي سُکي کائي به، هن کي جام کارائي ڏنڊو ڪيائين... چوندو هيو: ’ڪتو وفادار جانور آهي، ۽ گگدامن تي خدا ترسي چڱي ڳالهه آ.‘“ ڏاڏي رجب کنگهندي هڪ دفعو چلم مان ڦوڪون ڪڍيون. اترئين پاسي ويل ماڻهن جي ڊنبلي طرف هڪ مَنو بندوق جا ٻه ٽي ٺڪاءَ ٿيا. ڪجھ دير بعد اوڏانهن ايندڙ چند ماڻهن ٻڌايو، ”شاهوءَ واري ڇتي ڪتي کي ماريوسين... پر ذليل ٻه ٻارڙا به کائي وڌا!“ ڏاڏي حقارت وچان پنهنجي جھوني ڪنڌ کي ڌوڻيندي چيو، ”نيٺ ته بي شناسو هيو نه! پنهنجي مالڪ جو ويري، مردود بي گوندرو ڪتو.“
بيشناسي ء جو ڪتي جو مثال لاجواب آهي ۔ اسان سنڌي ماڻهن به اهڙي ڪنهن نسل سان اهڙيون چڱايون پڻ ڪيون پر انهن به شاهوءَ جي ڪتي وارو ڪم ڪيو آهي ۽ مالڪن سان گڏ انهن جا معصوم ٻار به کائڻ لڳا آهن ،انهن ڇتن جو حشر الائي ڪڏهن شاهوءَ جي ڪتي جهڙو ٿيندو،۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پر شايد ان لاء اها همدردي هجڻ لازمي آهي جنهن ۾ هر ڪو لٺ، ڪهاڙي يا بندوق کڻي نڪري پوي ۽ باقي کي ڇتي کان بچائي۔