ماڻهپي جو سفرڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ جو اڀياسرياضت ٻرڙو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو هيءُ ڪتاب ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“، سندس ٻيءَ ورسيءَ تي، جيڪا 11- اپريل 1999ع تي منعقد ٿي هئي، ڊاڪٽر اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو. ڪتاب جو ٽائيٽل هڪ رنگو آهي، جنهن تي قاضي اختر حيات پاران ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو اسڪيچ ۽ قلب شاهه بخاريءَ جي خوبصورت ڪيليگرافي ڪيل آهي. هيءُ ڪتاب 112- صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هنن عنوانن تحت 8- عدد ڊاڪٽر محبت جا لکيل ۽ سندس پاران ترجمو ڪيل مضمون ۽ مقالا، رياضت ٻرڙي سهيڙيا آهن: (1) ماڻهو ۽ ماڻهپو، (2) انساني حقن لاءِ جدوجھد جي تاريخ ۽ پس منظر، (3) رياست جي بڻ بابت نظريا، (4) جمهوريت، (5) سنڌ ۾ ماڻهو، (6) پاٿر ڄمار، (7) ماڻهوءَ جھڙو جانار ۽ ماڻهو، ۽ (8) سنڌ ۾ نئين پاٿر (نوپهڻي) ڄمار. انهن اٺن مضمونن مان ٻه مقالا (1) سنڌ ۾ ماڻهو، ۽ (2) سنڌ ۾ نئين پاٿر (نوپهڻي) ڄمار، سنڌ جي نامور محقق ايم ايڇ پنهور صاحب جن جا لکيل آهن ۽ ان جي هڪ ڪتاب مان ورتل آهن، جيڪي ڊاڪٽر محبت جا ترجمو ڪيل آهن. ڄاڻايل سڀئي مضمون ۽ مقالا ٿلهي ليکي هنن موضوعن بابت آهن: علم الانسان (اينٿروپالاجي)، ثقافت (ڪلچر)، سماجي اڀياس (سوشيالاجي) ۽ علم سياست (پوليٽيڪل سائنس). پهرئين مضمون ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جانور ۽ ماڻهوءَ جي فرق کي تفصيل سان واضح ڪري ماڻهپي جي گڻن تي پنهنجا ويچار ونڊيا آهن، اَماڻهپي کي نِنديو آهي ۽ مضمون جي آخر ۾ ماڻهوءَ ۽ ماڻهپي کي وڌائڻ ۽ اماڻهوءَ ۽ اماڻهپي کي فنا ڪرڻ جي عام ڪوٺ ڏني آهي. هن مضمون ۾ هيٺ ڄاڻايل نتيجا واضح طور محسوس ٿين ٿا: 1. ڪنهن اڪارج شَي کي ڪارج ڏيڻ، هڪ ڪارج واري شَي کي گھڻا ڪارج ڏيڻ، ٿورن ڪارجن مان وڌائي گھڻا ڪارج ڏيڻ ۽ هڪ نموني جي ڪارج کي ٻئي نموني جو وڌيڪ ڪارائتو ڪارج ڏيڻ پورهئي جو ئي ڪارنامو آهي. 2. پورهئي سبب ماڻهوءَ سمجھه پرائي آهي. 3. پورهئي ماڻهوءَ کي ٻولي سيکاري آهي. 4. پورهيو ماڻهپي جي پهرين ڪسوٽي آهي. 5. پورهيو، سمجھه ۽ ٻولي ئي اهي ٽي گڻ آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي باقي جانورن جي دنيا کان ٻاهر ڪڍڻ، فطرت جي قيد کان آزاد ڪرڻ، فطرت جي قوتن کي پنهنجي فائدي ۾ بدلائڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي هر قسم جي مصيبتن کان تحفظ ڏئي سکيو، ستابو ۽ سهنجو بنائڻ جا ڪارڻ بڻيا آهن ۽ ماڻهوءَ کي ماڻهو هجڻ جي سمجھه ڏني اٿائون. 6. اوزار، باهه ۽ ڦيٿو ۽ پورهيو، سمجھه ۽ ٻولي اڄوڪي ماڻهوءَ جي هر ڪارنامي جي پيڙهه آهن. هنن ڇهن نڪتن مان پورهئي جي قدر ۽ قيمت جي ڪٿ ڪري سگھجي ٿي، جنهن ماڻهوءَ کي جانوراڻي ماحول کان الڳ ڪري ماڻهو ٿيڻ جي عمل ڏانهن آندو. هن مضمون جي هڪ ٻي خاصيت، مضمون ۾ ڄاڻايل هِي ٽي فرق آهن: (1) اهي ڳالهيون، جن ۾ ٻيا جانور ماڻهوءَ تي فضيلت رکن ٿا. (2) اهي معاملا، جن ۾ ماڻهو ٻين ساهوارن جھڙو آهي. (3) اهي ڳالهيون، جن ۾ ماڻهو ٻين ڪيترن ئي ساهوارن کان وڌيڪ (برتر) آهي. اهي فرق نهايت دلچسپ آهن، جيڪي ماڻهوءَ ۽ جانور جي وصفن کي سمجھڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ ماڻهوءَ جي جانور تي فوقيت ۽ جانور جي ماڻهوءَ تي فوقيت کي چٽو ڪن ٿا. هن مضمون ۾، ماڻهوءَ ۾ ماڻهپي بابت، جيتوڻيڪ تفصيل سان ويچار ونڊيل آهن، پر جيڪي خاصيتون ماڻهپي جي گڻن جي سمجھاڻي ڏين ٿيون، اهي هي آهن: 1. ماڻهو پورهيو ڪري ٿو يا نه، ڇو ته پورهيو جيئاپي لاءِ اڻٽر هو (۽ آهي)، جنهن سکڻ ۽ سيکارڻ سولو ۽ سهنجو پئي بڻايو. 2. ماڻهو ونڊي ورهائي، جيئي ۽ کائي ٿو يا نه. 3. ماڻهو سورهيه، سگھارو ۽ ڏک سک جو ساٿي آهي يا نه. 4. ماڻهو سچار، سچيت، سپتيو ۽ سلڇڻو آهي يا نه. 5. ماڻهو نياءُ، نڀاءُ، نوڙت، نمرت، سهپ ۽ سانت ۾ آهي يا نه. 6. ماڻهو ٿڌو، مِٺو ۽ پيار ڀريو ڳالهائي ٿو يا نه. ان طرح، انهن خصلتن مان ڊاڪٽر محبت ٻرڙو نيڪ ڪم ۽ بري ڪم کي واضح ڪري، انساني رويي ۽ غير انساني رويي کي سمجھائي ٿو. ان بعد هُو طبقاتي سماج کي نندي ٿو، جنهن سوين سٺن عملن جون معنائون ڦيرائي ابتيون ڪيون آهن، وحشياڻين حرڪتن کي لذت ۽ لئه بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڌرتيءَ جي 95- سيڪڙو ماڻهن کي هڪ لاڳيتي عذاب ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. ان هوندي به ماڻهپي آڻ نه مڃي آهي، اهو جيئي پيو ۽ وڌي پيو. هن مضمون جو اختتامي جملو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي هڪ خواهش ۽ ان کي پورو ڪرڻ لاءِ جدوجھد جو ڏس ڏئي ٿو. اهو جملو هن ريت آهي: ”اچو ته اماڻهوءَ کي فنا ڪيون ۽ ماڻهوءَ کي بقا بخشيون، اماڻهپي کي ختم ڪيون ۽ ماڻهپي کي وڌايون.“ مضمون ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ جي ٻولي نج ادبي ٻولي آهي، جنهن مان لفظن جي سٽاءَ جي جڙت ۽ رواني پنهنجي سونهن پئي پسائي. ڪتاب جو ٻيو مضمون ”انساني حقن لاءِ جدوجھد جي تاريخ ۽ ان جو پس منظر (ننڍايل)“، حقيقت ۾، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي هڪ ليڪچر جي لکيت آهي، جيڪو هن لاڙڪاڻي ۾، سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريريءَ ۾، ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران، 1992ع ۾ ڏنو هيو. ان مضمون جي شروعات لطيف سائين جي هن بيت سان ڪيل آهي، جيڪو عالمي ڀائيچاري ۽ سنڌ سان محبت جو اهڃاڻ آهي: سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سـڪار،دوسـت مٺـا دلـدار، عـالـم سڀ آبـاد ڪرين.هن مضمون ۾ عام ماڻهن سان ٿيل ڏاڍاين ۽ سندن ڪوس جو انتهائي مختصر پر ڏاڍو اثرائتو ذڪر ڪيل آهي. خاص طرح هي پيراگراف پيش ڪجي ٿو: ”... اسين جيڪڏهن مذهب جي نالي ۾ وڙهيل مقدس جنگين (ڪروسيڊ وارس)، پهرين مهاڀاري جنگ ۽ ٻي مهاڀاري جنگ تي هڪ نظر وجھون ٿا ته ڇهه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جا چچريل، چٿيل لاش، پنجن لکن کان وڌيڪ ڳوٺن ۽ شهرن جون اجڙيل جايون ۽ لکين ايڪڙ ٻنين جا ڀڙڀانگ ٻڙگھل اندر کي ڏڪايو رکن. مٿان وري هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ڪرندڙ ايٽم بمن ۽ پڄري سڙندڙ، سڙي ڦاٽندڙ، ڊهندڙ ۽ ڦِٽندڙ لاشن، جاين، شهرن ۽ فصلن تي هڪ نظر وڌي وڃي ته اندر جھري پوي ٿو ۽ انسانيت تان ايمان کڄڻ لڳي ٿو.“ هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت هڪ حساس دل فرد محسوس ٿئي ٿو. ان بعد مضمون ۾ انساني حقن ڏانهن وڌندڙ تاريخي سفر جو 2000 ق.م (اڄ کان 4000 - ورھه اڳ) کان موجوده وقت تائين مختصر پر جامع ذڪر ڪيل آهي، جنهن کان پوءِ 10- ڊسمبر 1948ع تي گڏيل قومن پاران جاري ٿيل انساني حقن جي پڌرنامي مان ڪجھه گڏيل نڪتا پيش ڪري، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پنهنجي پاران ڪجھه رٿون پيش ڪيون آهن، جيڪي هتي ڏجن ٿيون: 1. سمورا ماڻهو حقيقي معنيٰ ۾ برابر هئڻ گھرجن. 2. سڀني ماڻهن کي هڪ جيترو معاشي، تعليمي، رهائشي ۽ طبي سهولتن مان فائدو ملڻ گھرجي، ته جيئن زندگيءَ جا مزا ماڻي سگھن. 3. سمورا ماڻهو بک، ڏوجھري ۽ ڏڪر کان محفوظ هئڻ گھرجن. 4. ڏوھه کي جنم ڏيندڙ سمورا سبب ختم ڪرڻ جي مخلصانه ڪوشش ٿيڻ گھرجي ۽ ٿيندي رهڻ گھرجي. 5. سڀني ماڻهن کي گھر ٺهرائي آباد ڪري سگھڻ جا موقعا ميسر هئڻ گھرجن. 6. سڀني ماڻهن کي ضروري ۽ صحتمند کاڌو ملڻ گھرجي. 7. هر ماڻهو هر قسم جي معاشي داٻ کان آزاد هئڻ گھرجي. 8. هر ماڻهوءَ کي پنهنجي سلڇڻي ضمير موجب ڪم ڪرڻ جو حق هئڻ گھرجي. 9. تحرير ۽ تقرير لاءِ پوري آزادي ميسر هئڻ گھرجي. 10.سمورين قومن، ملڪن ۽ سڀني فردن کي آزاديءَ جو مڪمل تحفظ هئڻ گھرجي. مضمون جي آخر ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻوليءَ، سنڌو نديءَ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ لاڳيتي دهشت گرديءَ جي حوالي سان ڪجھه گذارشون پيش ڪيون آهن، جيڪي سندس سنڌ-دوستيءَ۽ پنهنجي ڏيهه سان محبت جو هڪ اظهار آهن. هو مضمون جي پڄاڻي هِن نعري سان ٿو ڪري ته: ”سڄي ڌرتيءَ جا انسانو! پنهنجن حقن لاءِ مِڙي مُٺ ٿيو.“ڪتاب جو ٽيون مضمون ”رياست جي بُڻ بابت نظريا“ آهي، جنهن ۾ رياست جي ٺهڻ ۽ وڌڻ بابت مختلف نظرين تي مختصر طور ويچار ونڊي، انهن تي تنقيد ڪئي وئي آهي، اهي نظريا ٻه آهن: (1) قياسي نظريا، ۽ (2) تاريخي نظريا. قياسي نظرين ۾ رباني نظريو، زوراور نظريو ۽ سماجي ٺاھ وارو نظريو، جڏهن ته تاريخي نظرين ۾ ابوي يا پيءُ آدرشي نظريو، اموي يا ماءُ - آدرشي نظريو ۽ تاريخي يا ارتقائي نظريو شامل ڪيا ويا آهن. ان لحاظ کان ڏسجي ته هي مضمون مختلف ننڍن حصن ۾ ورهايل آهي. قياس ڪيل نظرين مان پهريون نظريو ”رباني نظريو“ ان تي ٻڌل آهي ته ابتدائي سماج واري وقت ۾، سمجھه ۾ نه ايندڙ عملن، نظارن يا لقائن بابت سمجھيو ويو ته اهو عمل، نظارو يا لقاءُ ڪنهن پراسرار ۽ غيبي وجود يا اڻ ڏٺي هستيءَ خلقيو آهي. موجوده وقت ۾، هي نظريو رد ٿيل آهي، البت ان نظرئي جو ماڻهن جي وچ ۾ جھيڙا جھڳڙا ختم ڪرائڻ ۽ مال ملڪيت جو تحفظ ڪرڻ ۾ هڪ حصو آهي. ٻيو قياسي نظريو ”زوراور نظريو“ آهي، جيڪو پڻ قديم نظريو آهي. ان نظرئي موجب رياست طاقت ۽ ڏاڍ جي نتيجي ۾ پيدا ٿي، يعني جبر، قبضي ۽ جنگ جو نتيجو رياست جي صورت ۾ مليو. طاقت جا ٻيا روپ فوج ۽ پوليس، ۽ سزا ۽ ڪاھه آهن. ڊاڪٽر محبت هن نظرئي تي راءِ ڏئي ٿو ته هيءُ جبر ۽ طاقت وارو نظريو سچ ۽ ڪوڙ جو عجيب ميلاپ آهي ۽ هنگامي حالتن کان سواءِ هي نظريو بيڪار آهي. هُو هڪ فلاسافر جي ان راءِ سان سهمت ٿو ٿئي ته ”طاقت نه، پر مرضي (رضا) ئي رياست جو بنياد آهي.“ قياسي نظرين ۾ آخري ”سماجي ٺاھ وارو نظريو“ اهم حيثيت وارو رهيو آهي، جيڪو رياست جي عمل کي ٽن ڏاڪن تان ٽپندڙ سڏي ٿو. پهريائين ماڻهو فطري حالت ۾، ڇڙواڳ يا آزاد حياتي گذاريندو هو، جنهن کان پوءِ ٺاھ ڪيو ويو، جنهن وسيلي زندگيءَ جي انتظامي معاملن کي هلائي سگھجي ۽ ان جي ڪري سوِل سماج يا رياست ٺهي. هن نظرئي ته اها تنقيد آهي ته تاريخ ۾، هڪ ته اهڙي ڪنهن ٺاهه جو ثبوت يا شاهدي نه ٿي ملي، ٻيو ته هر فرد ٻئي فرد کان ڌار نه رهيو آهي پر ٽولن جي صورت ۾ رهندو هو ۽ کيس اهڙو شعور به نه هو، جو سماجي ٺاھ ڪري سگھي، ٽيون ته اهو نفسياتي لحاظ کان غلط آهي ۽ چوٿون ته عقلي ۽ منطقي دليلن تي پورو نه ٿو بيهي. ٻئي طرف هي نظريو رباني ۽ زوراور نظرين کي رد ڪري، رياست کي انساني تخليق سمجھي ٿو ۽ ماڻهن جي حقن کي مڃي ٿو ۽ سندن تحفظ جي گُھر ڪري ٿو، جيڪا جمهوريت جي واٽ آهي. تاريخي نظرين مان ”پيءُ آدرشي نظريو“ خاندان تي پيءُ يا وڏي مرد کي مڪمل اختيار ڏئي ٿو. هي نظريو رياست جي ابتدا ۽ ارتقا کي رڳو ان حقيقت تي بيهاري ٿو ته گھراڻو مرد ۽ مائٽيءَ تي ٻڌل آهي. پر رياست کي فقط هڪ ڳالهه وسيلي بيان نه ٿو ڪري سگھجي، ان ۾ ٻيا به ڪيترائي عمل آهن. ”ماءُ - آدرشي نظريو“ ماءُ جي اهميت ۽ ان جي بنيادي ڪردار تي مشتمل آهي، جنهن ۾ وراثت ماءُ جي حوالي سان مقرر ٿيندي هئي. هن نظرئي ۾ رياست بدران سماج جي تشريح ٿئي ٿي. هن نظرئي کان پوءِ ”پيءُ - آدرشي نظريو“ اڳتي وڌي آيو. آخري ”تاريخي يا ارتقائي نظريو“ رياست جون پاڙون هنن پنجن شين ۾ لڪل رکي ٿو: (1) مائٽي يا سڱابندي، (2) جادو ۽ مذهب، (3) ملڪيت ۽ معاشي قوتون، (4) جنگ ۽ جبر، ۽ (5) سياسي سرشتو. ان طرح هڪ رياست جو حڪومتي سرشتو ڏاڪي به ڏاڪي اسري ۽ مضبوط ٿئي ٿو. ڊاڪٽر محبت جو اهو مضمون رياست جي بڻ بابت مختلف نظرين بابت مختصر پر جامع ڄاڻ ميسر ڪري ٿو. ڪتاب ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ جو چوٿون مضمون ”جمهوريت“ جي عنوان تحت، ان ئي موضوع تي آهي، جنهن جي شروعات ۾ ڊاڪٽر محبت ٻڌائي ٿو ته جمهوريت جي حقيقي معنيٰ عوامي راڄ بدران عوام پڻو يا عواميت نڪري ٿي، تڏهن به اهو لفظ عوام جي حڪمرانيءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. جمهوريت بابت مختلف سڄاڻڪن جي وصفن کان پوءِ جمهوريت جي ٻن قسمن: (1) سِڌي جمهوريت، ۽ (2) اڻ سِڌي يا نمائنده جمهوريت تي مختصراً بحث ڪيل آهي، جنهن کان پوءِ ”جمهوريت جي جاچ“ جي ننڍي عنوان تحت جمهوريت لاءِ هيٺيون لازمي ڳالهيون ڄاڻايون ويون آهن ۽ انهن جي ٿوري وضاحت ڪيل آهي: 1. راءِ جي اظهار ۽ تنقيد جو حق. 2. عوام کي حڪومت بدلائڻ جو حق. 3. قانوني برابري قائم ڪرڻ. 4. هر فرد لاءِ هڪ جھڙا موقعا ميسر ڪرڻ. 5. حقن جو تحفظ ۽ انهن جي يقيني هجڻ جو حق ڏيڻ. 6. ماڻهوءَ جو دهشت ۽ ڀَوَ کان آزاد هئڻ. جڏهن ته جمهوريت جي سوڀ لاءِ هنن شرطن جو پورائو لازمي آهي: (1) باشعور شهريت، (2) چوڪسي، (3) سهپ ۽ ذميداري، (4) تعليم، (5) بنيادي حق، ۽ (6) جمهوري آدرش. ٻئي پاسي جمهوريت تي جيڪي اعتراض ڪيا پئي ويا آهن يا ان جون جيڪي کوٽون ٻڌايون پئي ويون آهن، اهي هي آهن: 1. جمهوريت عمل ۾ رهڻ جوڳو نظام ناهي. 2. جمهوريت جهالت جي حڪمراني آهي. 3. جمهوريت غلط اصولن تي ٻڌل آهي. 4. سٺي شهريت کان سواءِ جمهوريت ممڪن ڪونهي. 5. جمهوريت سٺي ۽ آزاد حڪومت جي خلاف هوندي آهي. 6. هاڻوڪي جمهوريت سرمائيدارڪي ۽ سامراجي آهي. 7. هاڻوڪي جمهوريت جنگباز ۽ جنگ پرست آهي. 8. جمهوريت ۾ پارٽي بازيءَ جي لعنت پکڙجي وڃي ٿي. 9. جمهوريت ۾ جٽادار حڪومت نه هوندي آهي. 10.جمهوريت جنگ ۽ گھوٽالي جي ڏينهن ۾ هيڻي هوندي آهي. ان طرح اسان ڏسون ٿا ته هن مضمون ۾ نه صرف جمهوريت جي وصف بيان ڪيل آهي، پر ان جي ٻن قسمن، ان سان لاڳاپيل ضروري ڳالهين ۽ شرطن ۽ ان جي کوٽن يا اعتراضن تي به ويچار ونديل آهن. ڪتاب جا آخري ٻه مضمون ۽ مقالا هڪ ئي سلسلي ـــــ پٿر واري دور ۾ سنڌ ۾ ماڻهوءَ جي پراڻي تاريخ سان لاڳاپيل آهن. ٻئي مضمون ڊاڪٽر محبت جا لکيل آهن ۽ ٻئي مقالا ايم ايڇ پنهور صاحب جا لکيل آهن، جيڪي ڊاڪٽر محبت انگريزيءَ مان ترجمو ڪيا هئا. هـتـي پهـريـن ڊاڪٽر محبت جي ٻنهي مضمونن جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي هن ايم ايڇ پنهور صاحب جي مقالن جي مواد کي واضح ڪرڻ خاطر لکيا هئا. هڪڙو مضمون ”پاٿر ڄمار“ ۽ ٻيو مضمون ”ماڻهوءَ جھڙو جانار ۽ ماڻهو“ آهي. ”پاٿر ڄمار“ ليک پٿر جي وکرن واري دور بابت آهي، جنهن ۾ پٿر جا اوزار ٺاهيا ويا، جيڪي شڪار ڪرڻ، دشمن کان بچڻ ۽ کيس جوکو رسائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا. انهن اوزارن جي بنياد تي پاٿر ڄمار (Stone age) کي ٽن مرحلن ۾ ورهايو ويو آهي: 1. جھُوپَهڻي ڄمار (Palaeolithic age) 2. وچپَهڻي ڄمار (Meolithic age) 3. نَوپهڻي ڄمار (Neolithic age) جھوپهڻي يعني جھوني/آڳاٽي پهڻ/پٿر واري ڄمار، ماڻهوءَ جي سڀ کان آڳاٽي زماني بابت آهي. هيءَ ڄمار ان وڏي عرصي تي ٻڌل آهي جنهن دوران ماڻهو اڃا سادڙا، کهرا ۽ ارچ قسم جا پٿري اوزار (پاٿر وکر) ٺاهي ۽ انهن ۾ معمولي ڦيرڦار يا سڌارو آڻي سگھندا هئا. اهي اوزار شڪار لاءِ ڪم آندا ويا. اهڙا پاٿر وکر انساني پيداواري پورهئي جو پهريون نشان آهن، جيڪي ماڻهوءَ جھڙي جانار (جان واري، ساھه واري) کي انساني سماج ڏانهن وٺي آيا. ان پورهئي سان گڏ انساني ٻوليءَ ۽ سوچ سمجھه جو ٻج پيو ۽ انهن ٽنهي شين ـــــ پورهئي، ٻوليءَ ۽ سوچ سمجھه کي ثقافت/ڪلچر چئجي ٿو. جھوپهڻي ڄمار هنن ٽن دورن ۾ ورهايل آهي: (1) اوائلي جھوپهڻي ڄمار (10- لک ورھه ق.م کان 1- لک ورھه ق.م تائين). (2) وچين جھوپهڻي ڄمار (1- لک ورھه ق.م کان 40 - هزار ورھه ق.م تائين). (3) ديرائت جھوپهڻي ڄمار (40 - هزار ورھه ق.م کان 10- هزار ورھه ق.م تائين). ان کان پوءِ ٻيو مرحلو وچپهڻي ڄمار يعني وچين پهڻ واري ڄمار، ماڻهوءَ جي ان زماني بابت آهي جڏهن هن مخصوص قسمن جي پٿر جي چونڊ ڪري، ان کي ماهراڻي طريقي سان گھڙي گھربل صورت ڏئي پئي سگھيو. هن ڄمار جو مدو 10- هزار ورھه ق.م کان 5 - هزار ورھه ق.م تائين ڪٿجي ٿو. آخري ٽيون مرحلو نوپهڻي ڄمار يعني نئين پهڻ واري ڄمار ماڻهوءَ جي ان زماني بابت آهي جڏهن انساني سماج هڪ مستقل رهائشي شڪل وٺڻ لڳو هو. هن ڄمار ۾ چونڊ پٿرن جي ڳنڍن کي تپائي پٿر جي ئي ڇيڻين ۽ مترڪن جي مدد سان پٿر جا قسمين قسمين وکر ٺاهيا ويا. هن ڄمار جو مدو 7500 ورھه ق.م کان 3000 ورھه ق.م تائين آهي. ان طرح پاٿر ڄمار جو مدو 10- لک ورھه ق.م کان 3000 ورھه ق.م تائين پکڙيل آهي. ان بعد ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ٻن ٻين دَورن بابت ڄاڻ پڻ ڏني آهي، جن مان هڪُ ٻنگار پهڻي ڄمار (Aenolithic age) آهي، جنهن ۾ ٻنگار/ڪنجھي مان عام واهپي جا وکر ٺاهيا ويا ۽ جنهن جي ابتدا 3770 ورھه ق.م کان ڪَٿي وڃي ٿي، ۽ ٻيو دَور لوهي ڄمار (Iron age) آهي، جنهن ۾ لوهه مان ٺهيل وکرن، خاص ڪري هٿيارن جو واهپو وڌيو ۽ جنهن جي ابتدا 1400 ورھه ق.م کان سمجھي وڃي ٿي. ٻئي مضمون ”ماڻهوءَ جھڙو جانار ۽ ماڻهو“ ۾ به پاٿر ڄمار جو موضوع آهي، جنهن ۾ انساني پورهئي جا پهريان نشان آهن، جنهن ماڻهوءَ جھڙي جانار کان خوشيءَ مان ڪو نيارو واڪو، آواز ڪڍرايو ۽ اهو مسلسل عمل اڳتي هلي انساني ٻولي بڻيو ۽ انهن ٻنهي عملن جي عڪسن انساني سمجھه جي دنيا کي تخليق ڪيو. ان طرح لکين ورهين جي وسعت ۾ پکيڙيل هيءُ ساٽ (Process) آهي: ”پورهئي وکر ڏنو، ٻول ڏنو، شعور ڏنو، سماج ڏنو ۽ ماڻهوءَ جھڙي جانار کي بدلائي ماڻهو بڻايو.“ هنن ٻنهي مضمونن توڻي پنهور صاحب جي مقالن ۾ ڏسنداسين ته مخصوص اصطلاحن لاءِ ڊاڪٽر محبت سنڌي اصطلاح ڏيڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي، جيئن: پاٿر ڄمار، جھوپهڻي، وچپهڻي، نوپهڻي، ٻنگارپهڻي ۽ لوهي ڄمارون وغيره. اهي اهڙا اصطلاح آهن، جن کي مرتب سنڌي اصطلاحن طور سولائيءَ سان سمجھي ۽ لکي پڙهي توڻي ڳالهائي سگھجي ٿو. ڊاڪٽر محبت جي اها تعميري سوچ هئي، جيڪا عام ”عالماڻن روين“ جي ڪري عام نه ٿي سگھي ۽ فقط هن تائين ئي محدود رهجي وئي آهي. هاڻ ايم ايڇ پنهور صاحب جي پهرين مقالي ”سنڌ ۾ ماڻهو“ کي سمجھڻ ۾ اسان کي گھڻي سهولت ٿيندي. هن مقالي جي شروعات ۾ پاٿر ڄمار کي مختصراً واضح ڪيل آهي، جنهن کان پوءِ انهن جانارن جو ذڪر آهي، جن جي سٿ مان ماڻهو اسري، اڄوڪي منهن مهانڊي، هڏڪاٺ ۽ ذهني ڏات ۽ ڏاهپ کي پهتو آهي. اهي جانار هي آهن: (1) ڏاکڻباندر/آسٽرالوپِٿيڪَس: هيءُ باندر جھڙو جانار 50 - لک ورھه ق.م کان 1- لک 20 - هزار ورھه ق.م تائين موجود هو ۽ اوائلي پاٿر وکر ڪم آڻيندو هو. (2) ماڻواڀير/هومواريڪٽس: هن ۾ هي قسم موجود هئا: جاوا ماڻهو، پيڪنگ ماڻهو، ماريطاني ماڻهو ۽ هيڊلبرگ ماڻهو. اهي سڀئي 3 - لک ورھ اڳ تائين موجود هئا ۽ ڪهاڙا ۽ ٻيا وکر ڪم آڻيندا هئا. (3) ماڻو سڌيت/هوموسئيپنيز: هن ۾ هي انساني قسم موجود هئا: نيئندرٿل ماڻهو، روڊيشيا ماڻهو ۽ ڪرومئگنن ماڻهو. ماڻو سڌيت 1- لک 35- هزار ورھه ق.م تائين موجود هو. (4) مٿيون جھوپهڻي ماڻهو: هيءُ قبيلائي سرشتو پيدا ڪندڙ جديد ماڻهو هو، جيڪو 35 - هزار ورھ ق.م کان 10- هزار ق.م تائين موجود هو. ان ليک ۾ انهن چئني بابت ڪجھه تفصيل سان ويچار ونڊيل آهن، جنهن کان پوءِ ”پاٿر ڄماري صنعتون ۽ سنڌ ۾ انهن جا هنڌ“ نالي سان تحقيقي نتيجا ڏنل آهن ۽ جائزو ورتل آهي ته سنڌ ۾ هنن هنڌن تي پاٿر ڄماري صنعتن (factories) جي ڦولها ڪئي وئي: بکر چور لڪ (George) ويجھو روهڙي ٽڪريون، ڪوٽ ڏجيءَ کان اڍائي ميل پري چنچا (شهنشاهه) بلوچ، ڪوٽ ڏجيءَ ويجھو ئي نواب پنجابي ڳوٺ ۽ حيدرآباد کان 25- ميل اولهه ۾ نيشنل هاءِ وي تي 101- ميل (واري نشان ڀرسان موجود پاٿر وکري صنعت). ان کان پوءِ ”سنڌ ۾ وچپهڻي ڄمار“، جيڪا 10- هزار ورھه ق.م کان 3500- ورھه ق.م تائين آهي، جو جائزو ورتل آهي، جنهن ۾، سنڌ ۾ ماڻهوءَ ۽ سنڌي ثقافت بابت ويچار ونڊيل آهن. تنهن کان پوءِ هي عنوان آهي ”وچ اوڀر ۾ پنهنجي بڻ کان نوپهڻي راهپ جو پکڙجڻ“، جنهن بابت پڻ سنن جي لحاظ کان سنڌ کي بنياد بڻائي معلومات ڏني وئي آهي. جيتوڻيڪ پنهور صاحب جو هيءُ مقالو سَنن جي گھڻائيءَ ۽ ڏکين اصطلاحن جي ڪري بظاهر ڏکيو ۽ خشڪ محسوس ٿئي ٿو، پر حقيقت ۾ ائين ناهي. ضرورت رڳو ان ڳالهه جي آهي ته مواد کي ڌيرج سان سمجھي پڙهجي. ڪتاب جو آخري مقالو ”سنڌ ۾ نئين پاٿر (نوپهڻي) ڄمار“ آهي، جيڪو پڻ، جيئن اول ڄاڻايم، ته پنهور صاحب جو لکيل ۽ ڊاڪٽر محبت جو ترجمو ڪيل آهي. هيءُ مقالو به مٿين ٽنهي مقالن ۽ مضمونن جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن ۾ نه صرف سنڌ ۾ نوپهڻي ڄمار، پر ٻنگارپهڻي ڄمار ۽ اوائلي سنڌو ثقافت بابت سن وار مفيد ڄاڻ ڏنل آهي. اهي ٻئي مقالا پنهور صاحب جي ڪتاب ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ جو حصو آهن. منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر محبت جو هيءُ ڪتاب ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ هڪ اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ چونڊ مقالا ۽ مضمون سهيڙيل آهن. ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر واڌايون لهڻي، جنهن سنڌي علم ۽ ادب ۾ هن ڪتاب جو واڌارو ڪيو آهي. ***