ادا مون ٻڌو آهي ته ڪورل ۾ ڊائريڪٽ ايم بي سنڌي ذريعي سنڌي لکي سگهجي ٿو ليڪن مون وٽ ته اهو مسئلو آهي جو نه ٿو لکي سگهجي جيڪڏهن ڪنهن دوست کي معلومات هجي ته مهرباني ڪري سمجهائي خاص ڪري سائين ابوواصف ۽ سائين ابو زين جن کي گذارش آهي ته ٿورو وقت ڪڍي سمجهائيندا ته احسان ٿيندو۔
هن لنڪ تان توهان ايم بي سنڌي ڪي بورڊ ڊائون لوڊ ڪري وٺو،سائين ونڊو عربي سپورٽيڊ ته آهي ليڪن پوء به عربي لکي سگهجي ٿو سنڌي صحيح نه ٿو لکي سگهجي جيڪڏهن توهان وٽ لکي ٿو ته فانٽ ڪي بورڊ ۽ لينگيوئيج وغيره اسڪرين شاٽ ذريعي سمجهائيندا ته اوهان جو خصوصي احسان ٿيندو
سائين اوهان جي وڏي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مهرباني هاڻي پهريائين توهان وارو ورجن لائوڊ ڪيون ٻيون ڳالهيون پوء عرض ڪبيون ۔
بهترين سمجهاڻي آهي۔۔۔۔ منهنجو خيال آهي ته ادا ابو واصف پڻ اهڙي ڳالهه بغير تصوير سان ونڊي هئي۔۔۔
ادا ڄامشورائي توهان بغير آن سڪرين ڪي بورڊ کولڻ جي به سڪرين شاٽ وٺي سگهو ٿا بس Print Screen SysRq بٽڻ کي پريس ڪريو جيڪو عام طور ڪي بورڊ ۾ F12 جي ڀرسان ٿيندو آهي ۽ پوءِ تصوير کي پينٽ پروگرام ۾ پيسٽ ڪريو۔۔۔

سائين ڳالهه توهان جي صحيح آهي پر مون وٽ هن ڪي بورڊ ۾ اهو بٽڻ موجود نه آهي۔۔
ادا مست شال جڙيو هجين مالڪ سائين تو کي پنهنجي پناهه ۾ رکي ادا منهنجو به هڪڙو عرض آهي ته مون کي به ايڊوبي ڦوٽو شاپ ۾ سنڌي استعمال ڪرڻي آهي ۽ مان مڊل ايسٽ ورزن به انسٽال ڪيو آهي ۽ ايم بي سنڌي به موجود آهي پر مسئلو صرف اهو آهي ته ايڊوبي ڦوٽو شاپ ۾ ڪجهه ڪريڪٽر ڪم نه پيا ڪن مطلب مڪمل ڪريڪٽر نه پيا لکجن جيڪڏهن ان بابت توهان کي ڪا ڄاڻ آهي ته مهرباني ڪري شيئر ڪندا