سنڌ سلامت فورم جي ڪاميابيءَ لاء ربَّ پاڪ کان هر وقت دعاگو رهڻ لڳو آهيان ، ڇو جو ، سنڌ سلامت فورم سنڌ جي ماياناز موتين کي گڏ ڪري جيڪا مالا پروئي آهي ان جو هڪ هڪ موتي انمول آهي ، جيڪي پنهجي حسن اخلاق سان پنهجي علمي قوت سان پنهجي قيمتي وقت سان مون جهڙي راه ڀٽڪيل کي موُهي ۽ منهجي تربيت ۾ مشغول آهن، منهجي لاعلمي جي حياتي کي جنهن علم سان روشن ڪري رهيا آهن سچ ته مونکي اهڙي ڪا يونيورسٽي به ڪو نه ٿي سُجهي جيڪا منهجي اهڙي نموني تربيت ڪري۔ سنڌ سلامت فورم جا سهيڙيندڙ دوستو ۔ اوهان هن فورم تي جيڪا ريڊيو جي شاندار سروس جاري ڪئي آهي ان ته اهڙو ناتو ڳنڍي ڇڏيو آهي جو هڪ پل به پري ٿيڻ تي دل نه ٿي چوي۔ اسان کان ته پرديس ئي وسري ويو آهي مٿان وري خبرن جو تفصيل سان هجڻ ان تي تبصرا ،انمول گيت غزل وايون روح ۾ اٿندڙ هر جذبي کي آٿت ۽ دلداري ڏئي هڪ روشن راه جو ڏَسُ ڏيئي رهي آهي۔ مٿان سائين رياضت صاحب جي سونهري اکرن جي ورکا جيڪا تاريخ ،تمدن ،سڌارن ،غلطين جي تدارڪ قومي جاڳرتا،علم جي وسيع خزانن مان هر وقت پيش ڪئي ٿي وڃي تنهن ته اهڙو قابو ڪيو آهي جو مريد ٿي پيو آهيان سنڌ سلامت فورم جو۔ سچ ته منهجي روح جي بيمارين جو علاج ٿي رهيو آهي جنهن ۾ مان هڪ سنڌي ، هڪ صوفي،ديني،شرعي،ڪردارن جي تعليم پرائي رهيو آهيان۔جنهن ۾ مونکي ايترو نظر اچڻ لڳو آهي ته مان ڪير آهيان ؟ڪهڙي ديس جو آهيان ؟ منهجي ٻولي ڪهڙي آهي ؟ مون هن وقت تائين ڇا پرايو آهي ؟ مان ڪهڙي ڪم سان عمر گزاري رهيو آهيان؟منهجي زندگيءَ جو مقصد ڪهڙو آهي؟ منهجي ڪاميابي ڇا ۾ آهي؟ مون کي پاڻ تي افسوس آهي، افسوس! مان ڪهڙي دنيا ۾ هيس جتي ڌارين جي ثقافت کي انهن جي تعليمات کي پنهجي وجود جو مهور بنائي رکيو،جتي مان نه سنڌي ،نه صوفي، نه ديني ،نه شرعي،نه علمي حيثيت ڌاري سگهيو آهيان،جتي مان نه آدمي نه انسان ،بس کائيندڙ پيئندڙ جيوت!!!! سڀ اوصاف هوندي به ڪجه نه ٿو ڄاڻان ،نه هنر نه علم نه ادب،!!!!!!!!!! پر هاڻي آء پاڻ کي ڪنهن لائق بنائڻ جي سوچ پيدا ڪري چڪو آهيان ۽ اهيا هن سنڌ سلامت فورم جي مهرباني سان ،۔ سنڌ سلامت فورم جي سڀني ساٿين جو شڪرگزار آهيان جيڪي پنهجي ساٿ سان اڪيلي کي ايڪي جي قوت بخشين ٿا،جيڪا هڪ ڏينهن هن قوم جي سلامتي جي ضامن آهي،الله پاڪ هي ايڪو هي ٻڌي ، هي محبت سدا قائم و دائم رکي۔آمين ان جي ڪري ئي مان چوان ٿو ته سنڌ سلامت فورم روح جو علاج ڪري ٿو جنهن ۾ روح کي پنهجو مقام نظر اچي ٿو جيڪو دنيا جي فتني گيرين ۾ گم ٿي ويو آهي ساٿ سلامت سنڌ سلامت
واقعي ادا اسان به بار بار سنڌ سلامت جو درشن ڪندا آهيون ته روح کي راحت ملندي آهي ، اها ڳالھ برابر آهي جو اسان لکڻ نه ڄاڻون پر محبتي دوستن جون هر موضوع تي تحريرون پڙهي دل کي سڪون ملندو آهي ، سڀني دوستن کي الله پاڪ سلامت رکي والسلام
چوندا آهن ته جي اگهي ته پا ته نه ته مڻن کي ئي موٽ ۔۔۔۔ منهنجا سهڻا دوست، بيشڪ سنڌ سلامت هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌيت سان لاڳاپيل هر اها شئي موجود آهي جو هوند پوڄارو پر ٿي وڃي ۔۔۔ اوهانجي سنڌ سلامت سان جڙيل من جو مامرو اهڙو گهرو آهي جو پنهنجي من جو تارون به ڇڪجڻ لڳيون آهن ۔۔۔ جڏهن ڪي سورن وارا سورن جون پچارون ڪندا آهن ته سور هلڪا ۽ سڻاوا ٿي پوندا آهن ۔۔۔ اسين اوهانجي ساٿ کي پنهنجي لئه خوشنصيبي پيان ڀايون ۔۔۔شل هميشه سلامت رهي ۔۔۔ آمين
سائين عتيق صاحب سلام سدا خوش هجو۔ سچ پڇو ته سنڌ سلامت نالو آهي محبتي ميڙ جو، سنڌ سلامت نالو آهي هڪ گلدستي جو، جنهن ۾ سڀ دوست پنهنجي پنهنجي گل جو واس شامل ڪن ٿا۔ سنڌ سلامت جو سٿ اوهان سميت اسان سڀني جي گڏيل محنتن جو ئي نتيجو آهي۔ الائي ڇو مونکي اهي سٽون ٿيون ياد اچن: محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙوانهيء جي ويڙهي پاڻهي ايندو بادشاهه سنڌ سلامت جو سٿ سنڌي ٻوليء جي خدمت لاء پنهنجون ڪاوشون، پنهنجو قيمتي وقت وقف ڪري رهيو آهي۔ دوستن کي جس هجي جيڪي هن ڪم ۾ گڏ آهن۔ اسان جا ادارا ۽ حڪومتون سنڌي ٻوليء جي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ڪجهه خاص ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن، سلام آهي انهن سڀني دوستن کي جيڪي پنهنجي ٻوليء جي ترقيء لاء بي لوث خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن۔
قابل احترم عتيق الرحمان صاحب اسلام عليڪم۔ سائين منهنجا توهان جي لکڻين ، ليک جي مرڪزي موضوعه جي باري ۾ جستجو جيڪي اوهان جي ڪمنٽس ۾ هوندا آهن ۽ ٻيا ويچار پڙهڻ کانپوء اسان اهو چوندي بلڪل به نه ڪٻائيندايسن ته اوهان پنهنجي اندر علم جو هڪ وڏو ذخيرو رکيو ويٺا آهيوپر ڪسرنفسي کان ڪم وٺند پاڻ کي آڻڄاڻ ٿا ظاهر ڪيو۔ توهان جي مثال ساڪن پاڻي وانگر آهي جيڪو مٿان ته بلڪل خاموش ۔سڪونيت واري حالت ۾ هوندو آهي پر اندر ۾ تمام گهڻين عزمن ؤ وليلويلن واري لهرن سان ڀريل آهي۔ اها توهان جي ڏاهپ جو انداز آهي جو ڄاڻ هوندي به ايئن ظاهر ڪندا آهيو ته ڄڻ هڪ نيئن شي اوهان جي مشاهدي هيٺ ٻين ميمبرن جي ليکن جي ذريعي آئي آهي۔ توهان جي هن ڪکائون محبتي اڳڻ لاء پيار صاف صاف مٿين ليک مان ظاهر ٿئي رهئي آهي ،جيڪا اوهان جي ذهن جي زرخيزي جو کليل مثال آهي۔ توهان جهڙن پيارن ،سٻاجهڙن ۽ ذهين ميمبرن جي وجه سان هي اسان جو اڳڻ ترقين جي آسمان تي پهچڻ جون ڪوششون ۾ رڌل آهي ۽ انشاالله اهو ڏينهن پري نه آهي ته هي اسان جو محبتي اڳڻ سڀ ترقيون ماڻي وٺندو۔
آمين واقعي سنڌ سلامت پنهنجي مٽ پاڻ آهي۔ مون وٽ اهي لفظ ناهن جيڪي سنڌ سلامت جي پوري سٿ ۽ سنڌ سلامت جي سڀني رڪنن لا لکان۔ پنهنجي ماڌري ٻولي ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ جو هن کان وڌيڪ سونهري موقعو ڪٿا ٿو ملي سگهي۔ دعا آهي ته الله پاڪ اڃان به سنڌ سلامت جي پوري سٿ کي وڌيڪ سگهه ۽ همٿ ڏي۔ آمين ثم آمين۔
مانوارا سائين عتيق الرحمان صاحب، اوهان جي اندر منجهه ڌرتي ۽ ٻولي لا جيڪا اُڪير موجود آهي اها اوهان جي هن لکڻي مان ظاهر ٿئي ٿي ته اوهان گهڻو ڪجهه چوڻ ٿي گهريو آهي گهڻو ڪرڻ ٿي گهريو آهي پر اُها ڪجهه ڪرڻ واري ڪجهه چوڻ واري خواهش جا ڪالهه تائين اڻپوري هئي سا اڄ هن فورم پوري ڪري ڇڏي آهي، توهان پنهنجي اعلى ظرفي جو جيڪو مظاهرو هن لکڻي ۾ ڪيو آهي اهو قابل عزت آهي جنهنجو مثال سائين مُحترم غلام مصطفي صاحب جن پنهنجي سهڻي انداز ۽ پنهنجي مرڪندڙ چهري جيان پيش ڪيو آهي، توهان پنهنجي هن موضوع ۾ پنهنجي پاڻ کي الا ڏاهي مه ٿيان جيان ظآهر ڪيو آهي جيڪا هڪ وڏي سگهه آهي جيڪا گهٽ ساڃاهه وندن وٽ هوندي آهي۔ اسين اوهان جي ان پاٻوهه ڀريي رويي کي اکين تي رکون ٿا۔
سائين محترم غلام مصطفي ا ميمڻ صاحب وعليڪم اسلام۔ الله پاڪ جون لکين رحمتون ۽ ڪروڙين ڪرم اوهان مٿان ۽ سنڌ سلامت ساٿ ۾ جاکوڙيندڙ ڀائرن مٿان سدا وسندا رهن۔ الله پاڪ جي در عاجزي سان عرضگزار آهيان ته ربّ پاڪ اوهان کي ۽ سنڌ سلامت فورم جي سڀن دوستن احبابن عزيزن قريبن کي صحت و تندرستي سان نوازي۔ هر ايندڙ مشڪل کي دور ڪري، پنهجي ذڪر ۽ شڪر ۾ مشعول رکي۔ آمين سائين سچ پڇيو ته جڏهن کان سنڌ سلامت فورم تي توهان جا درس ۽ دوستن جون ڪاوشون ڏٺيون ڏسي مون کي زندگي جو نئون جنم مليو آهي، مون پنهجي زندگي بيڪار وڃائي آهي، منهجي زندگي ۾ ڪجه به اهڙو ڪونهي جنهن کي بيان ڪري سگهان،سنڌ سلامت فورم تي اچڻ کان اڳ پنهجي مايوس زندگي تي پشيماني ٿيڻ لڳندي هئي، جنهنکي ڏسي پنهجو پاڻ کي زنده سمجهڻ به گناه ڀانئڻ لڳندو هيس۔پنهجي ڌرتي جي حالت ڌسي اکيون رت روئنيديون هيون،بي ادبي ،بيحيائي،ڪوڙ ڪدورت،ڪينو ،حسد ،اجائي نفرت، هڪ ٻ۔ي جا پير ڪڍڻ جي روايت ،لالچ، فريب،غلا غيبت،۽ ٻيو گهڻو ڪجه لهرن جيان ڪاهيندو پنهجي قوم کي سيراب ٿيندي ڏٺم،دانهون ڪيم ،ڪيهون ڪيم ڪنهن به نه ٻڌي ،هر ڪو انڌ جي گهوڙي تي سوار ،بنگلن ،ماڙين جي خواهشن پٺيان قَرآن کي ،لطيف سائين کي، سچل سائين کي، سامي سائين کي لتاڙيندي ،اورانگهيندي چورن ۽ ٺڳن پٺيان هنبوشون هڻندي ڏٺم علم کي اسڪولن مان ڀڄندي ڏٺم ،استادن کي ادب کان ڀڄندي ڏٺم،قوم جي معصوم فرزندن کي لوڀ جي پٺيان ڀڄندي ڏٺم،هر دڪان تي بزار ۾ شڪاري ڏٺم پنهجي هٿان پاڻ کي شڪار ٿيندي ڏٺم، ڏک تڏهن گهڻو ٿيم، جڏهن ڳوٺ جي ماڻهن کي گهٽيء مان لنگهندي جنازي کي ڪلهي ڏيڻ بجاء تاس جي پتن ۽ چانه جي ڪوپ کي اوليت ڏيندي ڏٺم،عجب تڏهن گهڻو ٿيم جڏهن گهڻي رش ڪندي انهن ئي ماڻهن کي ڪانڌپي جي ماني کائيندي ڏٺم، ان وقت پنهجي مرڻ جي پڪ ٿيم، مون سمجهو اسين مري چڪا آهيون اسان جي قوم ۾ ذات جو فرق نفرتن جي ور چڙهندي ڏٺم ،علم ۽ علم وارن جي بي ادبي، جڏهن ته ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جي تعظيم ڪندي ڏٺم، سستي ڪاهلي ڪاهي پيئي آهي سا ته خبر هئم پر محترمه بينظير جي شهادت تي قوم کي پنهجي هٿن سان لٽ مار ڪندي ڏٺم ،شڪست خورده ٻرن مان ٻاهر نڪرندي ڏٺم۔ زنده هي بيبي زنده هي جي نعرن ۾ زنده انسانن کي باه ۾ سڙندو ڏٺم۔ ان قتل جي قيمت ۾ سنڌ جي وزيرن کي ڏٺم ،جن پنهجي ڀيڻ جي نه لڄ رکي ۽ ماء جيجل کي کپائيندي ڏٺم، ڇڙ وڇڙ قوم کي موت جو ڊپ جو ٿيو قدرت جي طرفان مينهن جو جڙيو سلسلو،هڻي سڀ هڪجهڙا ٿيا،ڇڏي ماڙيون بنگلا ڪي ڪنگلا ٿيا،ڇڏي وستيون پنهجون وڻجارا ٿيا،اجهي ۽ اٽي لاء ويچارا ٿيا، مون سمجهو هاڻي قوم ڪَٺَي ٿي آ وٿيون ويڇا سڀ ختم ٿي ويا،هاڻي هڪ ٻئي جو درد سمجهي هڪ ٻئي جو ڀرجهلو ٿينداسين، پر نفرتن جو ٻج وري پوکيو ويو،ڪئمپن ۾ به نياڻين کي ڪُٽيو ويو،ڪنهن کي اغوا ته ڪنهن کي لٽيو ويو، پاڻي لٿو ۽ سُڪي ٿي ، سڀڪو پنهجي دشمني ۾ نکرندو ويو ڪمزور کي ڪندو ويو ڪمزور ۽ ڏاڍي جي اڳيان سڀڪو جهڪندو ويو سنڌ جي بادشاهن جاٻاهرين ملڪن جا شاهي دورا، پنهجي قوم ۽ ڌرتيء کان لاتعلقي،اخبارن ۾ فوٽن جي لاء هٿرادو ڊراما، ڪوڙا بيان انهن ڏينهن ۾ سرڪاري ماڻهن جا مدد جي بجاء شراب جي نشن ۾ ڌت پرائيويٽ ٽي وي چينلن تي بيان ٻڌي يقين ٿي ويو ته هي مرده پرست قوم زنده آهي بيبي زنده هي جي نعرن تي اڃان پنهجن ٻچن کي جيئري ساڙڻ ۽ ٻوڙي مارڻ جو حوصلو رکي ٿي،هر فقر جي ماڻهوء کي مايوسي ۾ ورتل ڏٺم، چورن ۽ ڌاڙيلن کي قوم جونگران ڏٺم ۽ وقت جي وزيرن کي انهن چورن جو سرپرست اعلي ا ڏٺم، انهن بزدلن جو حال ڏسي دل روئڻ لڳي جڏهن هڪڙي وزير صاحب ڏي هڪ ڌاڙيل چٺي لکي ته منهجو هي ڪم ڪر نه ته تنهجي پٽ کي ماريندس،اهو وزير پٽ سميت ان جي دعوت کائيندي ڏٺم پوء سمجهم ته هنن کي ڪراچي ۾ ته پنهجا ننگ بچائڻا آهن انهن جي سودي لاء ته سنڌ کپائڻ هنن جي لاء ڪو ڪم ئي ڪونهي،سو اهي امير وزير ويچارا به مجبور ڏٺم پرخوشي آهي ته ، منهجي ٻولي منهجي سنڌ ، منهجي ثقافت منهجي قوم کي جيئندان ڏيڻ واري سگهه ،منهجي سنڌ جو اديب منهجي سنڌ جو مهان استاد،منهجي سنڌ سينگارڻ وارو هر ڪردار،سنڌ سلامت فورم تي ٻولي پيو جيڪو پنهجي قومي جدت سان ،اخلاقي جرئت سان، باهمي قوت سان هڪ ٻئي جي تعاون سان ،تمام پاٻوه ۽ پيار سان پرچار ڪندو فرد فرد کي سهيڙيندو امن ۽ آس جي جاڳرتا پيدا ڪندو مون جهڙن مئلن کي زنده ڪندو وڌندو اچي ٿو، ان يقين سان ته هن پريم جي باه ۾ جيڪو ايندو سو پتنگ ئي هوندو ۽ پتنگ باه جي تپش ۾ ڪاهي پوڻ واري جو نالو آهي ۽ هنن پتنگن کي ڪو به ماري نه ٿو سگهي پتنگ پنهجي عمل سان سڃاتو ويندو آهي جيڪو باه جي شعلن ۾ ٽپا ڏيندي نچندي داخل ٿيندو آهي، سائين اوهان جو پيار ۽ خلوص سنڌ امڙ جي چيڪي مٽي جيان سڳنڌ وارو ۽ خالص آهي جيڪو جنهن کي به ڇهندو مهڪائي ڇڏيندو، مونکي يقين آهي ته اوهان مهربانن جي گفتار ۽ پيار ۾ مون جهڙن مُرجهايل وجودن ۾ علم ،ادب ۽ محبت جو روح ضرور داخل ٿيندو،جيڪو پنهجي قوم ۽ پنهجي ڌرتي لاء روشني جي هڪ ڪرڻ جي صورت ۾ اڀرندو ۽ ضرور ڪنهن ڪنڊ کي ئي سهي روشن ڪندو، اسان تي هميشه پنهجي شفقت قائم رکجو اسان اوهان لاء دعاگو رهنداسين، اوهان جي رهنمائي اسان جي منزل آهي، مان سنڌ سلامت ساٿين جو ٿورائتو آهيان جيڪي پنهجي جيءَ ۾ جايون ڏيئي مون کي زنده رهڻ لاء اتساهن ٿا، سڀن ساٿين لاء دعاگو آهيان الله پاڪ اوهان تي اسان سڀني تي پنهجو خاص ڪرم فرمائي اسان جي خطائن کي معاف فرمائي،اسان ۾ اهيا محبت ۽ جدت قائم رکي جنهن سان اسان پنهجي قوم پنهجي وطن ۽ پنهجي ڌرم سان پنهجو سچو ناتو نڀايون جيڪو اسان جي سڃاڻپ ۽ الله پاڪ جو پسنديده عمل پڻ آهي، درود پاڪ مٺڙي پاڪ محمد صلي الله عليه وصلم وَ آلصلي الله عليه وسلم جن تي ضرور پڙهندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
محترم سائين منظور ڪلهوڙو صاحب،اصل ساز اوهان جي هٿ ۾ الله پاڪ ڏنو آهي جنهن کي ڇيڙيو ٿا ته آواز اڀري ٿو،آء به اوهان جي ڇيڙيل ساز جي هڪ لهر آهيان،اوهان جي آڱر جي هڪ پور جو معمولي اشارو،اميد ته ان ساز جي لئي ۽ تانَ سان ڳنڍي رکندا ، آء اوهان مهربانن تان گهور وڃان جن مون کي پنهجي هجڻ جو احساس ڏياريو آهي، سچ ته منهجي حياتي تي اوهان جو قرض آهي،آء مايوسين مان موجن ۾ اچي ويو آهيان ، جتي اوهان جهڙا منجهڌار سنڀالڻ لاء موجود آهن ، بس اوهان جي ساٿ جي تمنا آهي،اميد ته اڪيلو نه ڪندا،الله پاڪ اوهان کي صحت وتندرستي عطا فرمائي ،هر مشڪل آسان فرمائي،سدائين آباد رهو، سنڌسلامت ساٿ سلامت
محترم سائين سليمان وساڻ صاحب وعليڪم اسلام،الله پاڪ جون رحمتون ۽ برڪتون اوهان مٿان هجن، توهان جنهن لطيف جذبه سان پنهجو ساٿ نڀايو پيا سو ڪنهن ساراه جو محتاج ڪونهي اوهان جون خدمتون ڪاوشون محنتون هر دور ۾ امربنجي ويون آهن ،اوهان هن باغ جا اهي مالي آهيو جن تتي ٿڌي سهي هي گل سهيڙيا آهن ۽ هنن گلن جي خوشبوء اوهان جي بدولت اڀري ٿي،هنن جو حسن اوهان جي جزبن جو رنگ آهي جنهن جي ميٺاج جي مهڪ پري پري تائين اچڻ لڳي آهي ،۽ ڀوئنر ڀڙڪا ڏئي ڪاهڻ پيا آهن ۽ هي ميلو مچندو پيو وڃي، سنڌ سلامت فورم هڪ مئخانو آهي ۽ ان کي سهيڙيندڙ ساٿي سڀ ساقي آهن ، جيڪي پنهجي پريت جا پيالا ڀري پيا ٿا پيارين ، هن هارايل جيء کي پيا ٿا جيارين، هڪ آس هڪ اميد هڪ آشا اندر ۾ پيا ٿا اٿارين،هاڻي مارين يا جيارين پنهجو ساٿ سنگت سان سنڌ سلامت ساٿ سلامت
مانوارا سائين عتيق الرحمان صاحب، سڀ کان پهرين اسلام عليڪم، سلام کانپو ساراهه ان سهڻي پاڪ الله جي جنهن اسان کي پنهنجي سهڻي حبيب مٺي مير مرسل مُحمد صلى الله عليه وسلم جن جو اُمتي بڻايو، ۽ لکين ڪروڙين دورد پاڪ ان سهڻي مديني واري گهوٽ مُحمد مصطفى صلي الله عليه وسلم تي جنهن جي صدقي هي جهان جڙيو۔۔توهان جي هن ڏاهپ ڀري رويي اڳيان اسان ڪجهه به ڪين آهيون، اوهان جي اندر جيڪو انسان وسي ٿو اُ هو انسان ڪڏهن ڪڏهن لطيف جي بيتن جي ڪردارن جيان لڳندو آهي، ۽ سڇ پڇو ته لطيف جي بيتن جو هر ڪردار معصوم صفت، درد وند ، پنهنجو براين بڇڙاين جو برمله اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ پاند ڳچي ۾ وجهي هر هڪ اڳيان جهولي جهلي مُحبت جي ڀيڪ پني ٿو ۽ مُحبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن وارو سبق پڻ ٻڌائي ٿو۔۔ ڪڏهن کاهوڙين جيان جبل، ڏونگر پڻ ڏوري ٿو، ته ڪڏهن وڻجارو بڻجي ٿو پوي، ڪڏهن مارئي جيان مظلوم ته ڪڏهن سسئي جيان بيوس بڻيل نظر ٿو اچي ته ڪڏهن راڻي جيان ڪاڪ ماڻي ٿو ۽ ڪاڪ مُحبت وارن جي پلئه پوندي آهي۔ ۽ سچ پڇو ته سچو پچو اهو ئي انسان آهي جن پنهنجي اندر جي انسان کي سڃاتو هجي، جنهن پنهنجي حياتي کي ٻين جي عيبن کي ڳولڻ بجا پنهنجي اندر جي ميري من کي اوجر ڪرڻ ۾ جنبيل هجي ٿو۔ ۽ ان جو ميرو من تڏهن پاڪ ۽ پوتر بڻجيو پوي جڏهن اهو پاڻ جهڙا سهڻا موتي ڳولي لهي ٿو، انهن جي صحبت ۾ وقت گذاري ٿو انهن سان مُحبت ڀريا قول ونڊي ٿو پو اهي سڀ سهڻا موتي گڏجي هڪ مالها بڻجيو پون ٿا، جيڪا مالها ڪڏهن به ٽُٽڻي ڪونهي ڪڏهن به ٽُٽڻي ڪونهي، توهان اُلڪو نه ڪيو هي مالها اوهان جهڙن سٻاجهڙن ماڻڪن جي مُحبت سان سينگاريل آهي ۽ ڪير به ڪيترو بد بخت ڇو نه هجي اهو مُحبت ضرور ڳولهيندو آهي۔ هڪ شعر ياد آيو ته۔۔ ڇاتي سان ڇاتي ڪير نه چاهيندو، پيار ۽ آزادي ڪير نه چاهيندو۔ جتي به هجو شل جُڙيا هجو جهان ۾۔ سدائين گڏ
سائين منهنجا ڪنهن به فورم کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان جي بهتري جي جستجو لاءِ مڪمل ٽيم ورڪ جي ضرورت هوندي آهي۔۔۔ منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن سنڌ سلامت پنهنجي منزل طرف روان دوان آهي ۽ ان سان جيڪڏهن هتي ايندڙ سنڌي مطمئن ۽ سرها آهن ته ان سموري عمل جو ڪريڊٽ کين ڏانهن ئي وڃي ٿو۔۔ جو جيسين اصلاحي صلاحون، مشورا ۽ سڌارن ۽ غلطين طرف توجا نه ملندي ته سفر سولو نه ٿيندو ۔۔۔ ان کانسواءِ فورم تي لڳاتار پنهنجا ليک، رايا ۽ خيال پيش ڪرڻ سان يقينن هڪ ٻئي سان ڳالهيون ۽ مقصد سمجهائڻ جو حوصلو پڻ وڌي ٿو۔۔ ان ڪري مان پنهنجي انهن سمورن دوستن کي جيڪي سنڌ سلامت تي اچن ته ٿا پر اڪثر خاموشي سان ۔۔۔ دعوت ٿو ڏيان ته پنهنجي خيالن کي اسان تائين پهچايو ۔۔ توهان هڪ دفعو شروعات ته ڪريو۔۔ جنهن کان پوءِ توهان کي پاڻمرادو لکڻ جو شوق وڌندو۔۔ ٻيو نه ته جيڪڏهن سنڌ سلامت کي آپريٽ ڪرڻ به ڏکيو لڳي ته اهو ئي لکندا رهو ته جيئن وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي۔۔۔ سائين عتيق الرحمان طرفان حوصلو وڌائڻ لاءِ مهربانيون
سائين درد، پيڙاء ۽ سور اڃان ختم ناهين ٿيا۔۔ منزل طرف رخ ضرور ٿيو آهي پر ان جي حاصلات ۾ موجود پيچرا اڃان کٽا ناهن۔۔۔ جستجو جاري آهي۔۔ ان لاءِ لاٽ ٻاريندا هلو۔۔ پاڻ سان گڏ ٻين کي به ساٿ ۾ شامل ڪندا رهو۔۔ توهانجي لفظن ”سنڌ کي جيئن ڏٺو مون۔۔۔“ جو عنوان ڏجي ته خوب رهندو۔۔۔ ڇو ته ان ۾ حقيقتن جو رنگ خوب چٽيل آهي۔۔ سٺو پيا لکو جاري رکجو۔۔۔