منهنجو دوست (پيارو يا گهاٽو يا ويجهو ان لاءِ نه چوندس ته اهي لفظ هن سان رشتي کان گهڻا گهڻا ننڍا آهن) يونس ملڪاڻي ڪڏنهن به نه ٿو مڃي ته ڪو هُن کي فوٽو شاپ يا ڪورل ڊرا اچن ٿا پر هُن پنهنجي ئي تصوير ڏسو ته ڪيئن ٺاهي آهي۔ شايد هُن اهو سنڌ سلامت گڏجاڻي ۾ ذيشان رشيد جي شڪايت الاءِ ٽوڪ الاءِ مزاق کان پوءِ ڪئي ته صفا فوٽو جهڙا ٿا لڳو۔ سو يونس ڪوشش ڪئي آهي ته فوٽو جهڙو نه لڳان۔ هو واقعي به هن فوٽو جهڙو ناهي۔
پر سندس فوٽو مون کي شاعر بڻائي ڇڏيو۔ سو شايد پهريون ۽ آخري دفعو شاعري جي ڪوشش آهي جيڪا اوهان سان ونڊ ڪريان ٿو۔ ڇو ته شاعرن جي اڳي ئي آبادي گهڻي آهي ۽ بهبودِ آبادي واران کي به گهرجي ته شاعرن جي پئدائش تي پابندي هڻن۔

لبن جي سُرخي، خُمار اکين ۾
هي جلوي جو جيڪو جمال ٿيو آ
متان ڪو سمجهي روڳ عشق جو
هي فوٽو شاپ ۾ ئي ڪمال ٿيو آ