عذاب الاهي آمريڪا ۾ يا سنڌ تي .....

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سوچ جو مقام آهي ۔۔۔!!!​

    [​IMG]

    ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته آمريڪا ۾ تازو آيل طوفان ” سينڊي“ الله جو عذاب آهي ...​
    بيشڪ ڳالهه مڃي سون ....​
    پر ياد رکو ته اهي قومون ڏسندي ڏسندي پنهنجا سڀ نقصان پورا ڪري وٺنديون، سندن گهر به ٺهي ويندا ته سندن ڪاروبار به وري اڳ کان وڌيڪ ترقي ڪري ويندا ....​
    پر افسوس آهي سنڌي قوم تي جنهن ۾ ڪجهه سالن کان ٻوڏ ستايل دانهون ڪوڪون ڪري رهيا آهن پر سندن ڪو تدارڪ ناهي ٿيو ۽ قوم فقيراڻي حالت ۾ اچي پهتي آهي ....​
    [​IMG]
    سموري سنڌ ۾ جيترا فقير آهن، ممڪن ٻين قومن وٽ ايترو تعداد فوج جو ٿي سگهي ٿو ..​
    منهنجا سڄڻ سنڌي ڀائرو!!! جيڪڏهن الله تعالا آمريڪا وارن تي عذاب موڪليو آهي ته ان سان هو مقابلو ڪري ويندا ... پر اوهان ڇا ڪيو آهي .... اوهان انهن قدرتي آفتن سان مقابلي جي ڪهڙي سگهه پئدا ڪئي آهي ۽ ڪهڙو تدارڪ ڪيو آهي ...؟؟؟؟​
    ڍڳي جو ملهه هزار، ڍڳو هر نه هلي .... شاوا .....!!!​
    يا وري ۔۔۔۔​
    پنڌ پيرن کان نه پڄي لک لعنت گوڏن تي ۔۔۔​
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. زاهد نظاماڻي

    زاهد نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد (M.U.E.T ڄامشورو) ڪمپيوٽر سيسٽم
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد خان نظاماڻي (بدين)
    ادا سڀ اسان جون ئي غلطيون آهن، پو لازم آهي اسان جي قوم ان جا نتيجا ڀوڳي پئي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نياز ابڙو

    نياز ابڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مارچ 2010
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    122
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ابڙو صاحب...انهن ماڻهن وٽ ته پنهنجن جو تمام گھڻو قدر آهي، پر افسوس ته اسان اڃا تاءِ پنهنجن کي نقصان ڏيڻ جو سوچي رهيا آهيون ته ڪمائجي ڪيئن؟
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    امريڪا ۽ يورپ ، پنهنجي ملڪ سان ۽ ماڻهن سان سچا آهن ، تڏهن ته چنڊ تي هنن قدم رکيو آهي ۔ هنن جي ملڪ ۾ اهليت (ميرٽ) جو جنازو ڪڏهن به نه نڪرندو آهي ، اسان وٽ نااهلي جي ڄڃ هوندي آهي ۔ امريڪا جي ان طوفان دوران لٽُ ڦر به ٿي آهي پر حڪومت ۽ حڪمرانن نه ڪئي آهي جيئن اسان وٽ وارو وارو حڪومتي ڪارندا ڪندا آهن ۔ هٿ وٺي ان نقصان کي ٻيڻو ڪندا آهن ته جيئن ٻاهرين امداد سرس ملي ۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سائين اسان ۾ هينئر هر برائي موجود آ ، چوري ، ڌاڙا ، ملاوٽون ، ڌوڪيبازيون، شراب ، زنا ، قانون جي ڀڃڪڙي وغيره اسانجا ماڻهون اگر يورپين ملڪن ۾ ويندا ته چوندا آهن سوئر جو گوشت حرام آ نه کائجي باقي شراب ، زنا جهڙا ڪبيره ۽ حرام گناھ ڪنهنکي نظر نه ايندا آهن ، يورپين ۽ مغربي ملڪن جو ڪافي اتحاد آهي ۽ هو هر نقصان جو تدارڪ ڪري ڄاڻن مگر اسانوٽ ٻه ڀائر به پاڻ ۾ ڪونه ٺهن!
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اهي برايون اسان کان وڌيڪ انهن ۾ آهن پر جي نيڪ عملن ۽ براين سان (ترتيبوار) رحمتون ۽ زحمتون مشروط هُجن ته هوند هر انسان ايمان آڻي وجهي۔ اڳين قومن ۾ هڪدم ايمان آڻڻ واري روش رڳو انهي ڪري هئي ته هنن اکين سان فيض ملندي توڙي بربادي ٿيندي ڏٺو ۽ ايمان آندو۔ هن وقت اهو سڀ اڻ ڏٺي تي ايمان جي تقاضا تي آهي

    بس اهو ئي سبب آهي ته اسان وٽ قول فعل ۾ تضاد آهي۔ ۽ هڪ وڏي بيماري ته خدائي ڪرڻي (Act of God) جي پنهنجي تشريح جي عادت آهي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    افسوس جو اسان وٽ علم جي گهٽتائي ۽ دقيانوسي سوچ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي۔ اهوئي سبب آهي جو اسان جو ملڪ ۽ اسان جا ماڻهو ڪنهن قدرتي آفت جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه ئي ڪونه ٿا رکن۔ هڪ ٻي ڳالهه آهي اسان ۾ موجود ڪينو ۽ ساڙ، ٻيو ته وري اسان وٽ ڇڙواڳي آهي، ادارا ختم ٿي چڪا آهن، قانون تي عمل ڪونه ٿو ٿئي، ميرٽ جي لٽاڙ آهي ۔۔۔۔ ڪيئي ڳالهيون آهن۔

    پر ان جي ابتڙ آمريڪا هيڏي وڏي آفت هوندي به جانيون بچائڻ ۾ ڪامياب ويو ،،،،
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    اسان سنڌين کي مينهن ۽ ڳئون واري پهاڪي وانگر ته هڪڙي ڳئون جو رڳو پڇ ڪارو هو ته مينهن چيس ته هل ڙي پڇ ڪاري ۔۔۔۔۔۔ته ڳئون چيس ته شابس ائي تون سڃي ڪاري آهين ته به مان توکي ڪونه چيو پر مهنجو ڪارو پڇ ڏسي ڍييڪ ڏنئي سو اسان به شل نه ڪنهن جي ڀينگ ٿيندي ڌڏسون ان تي جلدي آڳريون کڻڻدا آهيون اسان پهنجي سنڌ ۽ پهنجي قوم جي حالت واقعا ناهي ڏٺي ته اسان کي امريڪا کي ڏسڻ کان پهريان اهو ڏسڻ گهرجي ته اسان به ته ان عذاب ۾ مبتلا آهيون فرق اهو آهي ته اسان جو عذات دائمي آهي جهنهن جا اسان عادي ٿي ويا آهيو ۽ امريڪا تي آيل عذاب چند ڏينهن جو آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اوهان جي سعودي روانگي کان هڪ ڏينهن پهرين اهي احوال پاڻ ۾ پئي اورياسين۔ ۽ اڄ ساڳي ڳالهه مشهور ڪالم نگار وسعت الله به لکي آهي ته ڪيئن نه ماهرِ عذابيات پنهنجي تشريح ڪندا آهن۔




    ابتو سبتو
    سينڊي طوفان ۽ اذابيات جا ماهر
    وسعت الله خان
    [​IMG]ڇهه ڏينهن پهرين سامونڊي طوفان سينڊي نيويارڪ سميت اڀرندي ساحل جي ڪيترين ئي آمريڪي رياستن ۾ تباهي ڦهلائيندي گذري ويو. ائٽلانٽا، اُتر ڪيرولائينا، نيويارڪ ۽ نيو جرسي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جا لکين تارڪينِ وطن به آباد آهن. اسان مان هر ڪنهن جو ڪو نه ڪو ڄاڻ سڃاڻ وارو يا وري ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ واري جي ڄاڻ سڃاڻ وارو، انهن رياستن مان ڪنهن نه ڪنهن رياست ۾ رهندو هوندو. ان ڪري گهڻا ماڻهو هڪ ٻئي جي حسن مجتبائن جي خيريت دريافت ڪندا رهيا.
    ان دوران مونکي مصر جي هڪ مذهبي اسڪالر ودگي غنيم جو ٽوئيٽر، سعودي مذهبي عالم ناصر العمر جي فتويٰ ۽ پاڪستان ڄائي برطانوي مذهبي رهنما انجم چوڌري جو بيان ۽ هڪ معروف پاڪستاني صحافي انصار عباسي جو ڪالم پڙهي اها خبر پئي ته سينڊي ڪو طوفان نه هو، پر آمريڪا تي خدا جو سامونڊي عذاب نازل ٿيو هو. جيئن ته مسلمان هن وقت سڄي دنيا ۾ مجبور ۽ بيوس آهن ۽ آمريڪا انهن مجبورن مٿان ظالم ۽ جابر بڻيل آهي. هن عراق ۽ افغانستان تي ظلم جا پهاڙ ٽوڙيا آهن، اهو اسرائيل جو محسن ۽ فلسطينين جو دشمن آهي. هن اساما جي لاش کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ۽ ان شيطان صفت فلمي پروڊيوسر کي سزا ڏيڻ کان نابري واري، جنهن گستاخ فلم ٺاهي اربين مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪيو، تنهنڪري رحمتِ خداوندي جوش ۾ آئي ۽ اُن سمنڊ کي حڪم ڏنو ته اهو آمريڪا تي حملو ڪري. تنهنڪري مسلمانن کي خوشيون ملهائڻ گهرجن، جو خدا اڄ به انهن سان گڏ آهي ۽ آمريڪا سموري ترقي ۽ فوجي سگهه رکڻ باوجود خدائي عذاب جو مقابلو نه ڪري سگهيو. اڄ آمريڪا سامونڊي عذاب ۾ زخمن سان چور چور آهي پر اها ڪا هڪ آسماني مصيبت ناهي، بلڪه عذابن جي سيريز جي شروعات آهي. جيڪڏهن آمريڪا هاڻي به توبهه تائب ٿئي ۽ مسلمانن تي ظلم ۽ ستم کان باز اچي وڃي ته شايد ئي خدا به ان کي معاف ڪري سگهي ٿو.
    جيئن ته آمريڪا ڌرتيءَ جي گولي جي جنهن حصي ۾ واقع آهي، اُتي سامونڊي طوفان اچڻ ڪا وڏي ڳالهه نٿي سمجهي وڃي. سينڊي کان پهرين ڪترينا، ڊونا، آريا سميت گذريل هڪ سئو ٻاهٺ سالن ۾ اڍائي سئو کان وڌيڪ سامونڊي طوفان آمريڪي ساحل سان ٽڪرائجي چُڪا آهن. سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان سن 1900ع جي سامونڊي طوفان گيل وسٽن پهچايو هو، جنهن ۾ اٺ هزار آمريڪي مري ويا هئا، جڏهن ته 1928ع جي سامونڊي طوفان اوڪيچ هوبي جي نتيجي ۾ اڍائي هزار ماڻهو، ۽ 2005ع ۾ ڪترينا سبب ڏيڍ هزار آمريڪي مري ويا هئا ۽ هاڻوڪي سينڊي طوفان ۾ جاني نقصان جو تعداد لڳ ڀڳ 60 رهيو. تنهنڪري آئون اهو سوچي رهيو آهيان ته جيڪڏهن سٺ ماڻهو مارڻ وارو سينڊي الاهي عذاب ۽ آمريڪا جي بين الاقوامي گناهن جي سزا آهي ته پوءِ سن 1900ع ۽ پوءِ 1928ع وارا طوفان ڇا هئا، جن ۾ ڪُل ملائي ڏهه هزار پنج سئو آمريڪي مئا هئا؟ يقينن 1900ع ۽ 1928ع ۾ به آمريڪا ڪٿي نه ڪٿي مسلمانن تي ظلم ضرور ڪندو رهيو هو ۽ اهو ڪيئن ٿي ويو ته 2005ع ۾ جڏهن سامونڊي طوفان ڪترينا آيو ته ان وقت جارج بش جون فوجون عراق ۽ افغانستان ۾ ۽ خود جارج بش اڀرندي ساحل تي واشنگٽن ۾ موجود هو پر ڪترينا آيو به ته ڏکڻ ساحل تي ۽ لوڙهي ويو ته صرف نيو آرلينز شهر ۽ ان جي ڏيڍ هزار غريب ڪارن کي! حالانڪه ان وقت اساما به جيئرو هو ۽ آمريڪا ۾ ڪا توهين آميز فلم به نه ٺهي هئي.
    هلو مڃي ورتوسين ته سينڊي سامونڊي طوفان جي پردي ۾ خُدائي عذاب آهي، ته پوءِ 8 آڪٽوبر 2005ع جي زلزلي کي ڇا سمجهون، جنهن ۾ 90 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني مئا هئا؟ اُنهن ڏورانهن اُترئين علائقن ۾ رهندي اهڙو ڪهڙو گناهه ڪيو هو، جنهن جي کين سزا ملي؟ ۽ زلزلو اچڻ کانپوءِ درجنين آمريڪي هيليڪاپٽر ٻن مهينن تائين ان علائقي ۾ ڇا ڪندا رهيا؟ ڇا اُن تي به ڪو زيد حامد يا انصار عباسي ٽائيپ ڪو عذابيات جو ماهر روشني وجهندو؟ ٺيڪ آهي، ڀلا ڪو اهو ئي ٻُڌائي ڇڏي ته سن 2010ع ۾ نوشهره، چار سده، ليه، ڊيره الهيار ۽ خيرپور ناٿن شاهه وارن، ڪيترن ئي مسلمانن تي ڊرون حملا ڪيا يا وري توهين آميز فلمون ٺاهيون يا پنهنجي گهرن تي اسرائيلي جهنڊو جهولايو؟ ۽ 2011ع ۾ بدين جي لکين ماڻهن اساما کي پڪڙائڻ، مارائڻ ۽ لاش سمنڊ ۾ لوڙهڻ ۾ آمريڪا جي ڪيتري مدد ڪئي هئي؟ ۽ 2012ع ۾ شڪارپور، جيڪب آباد ۽ جعفر آباد وارن کي ڪهڙن گناهن جو آسماني عذاب ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي؟ ڇا اهي ضلعا به گذريل ٽن سالن کان نيويارڪ اسٽيٽ ۾ شامل ٿي ويا آهن؟ ها، ياد آيو..... جيڪب آباد وارن سان ته ٺيڪ ئي ٿيو، شهباز ايئر بيس اتي ئي ته آهي..... ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي..... بلڪل سمجهه ۾ اچي وئي.
    مونکي اڃا به اندازو ڪونهي ته سامونڊي طوفان سينڊي جي آسماني عذاب آمريڪا جي ڪيتري چيلهه چٻي ڪئي آهي، البته اهو ضرور پيو لڳي ته سينڊي شايد پري ويٺل ڪُجهه ماڻهن جو رهيل کهيل ڪامن سينس ضرور لوڙهي ويو آهي، پر اهو شڪر آهي ته اڄ به دنيا ۾ عذابيات جا ماهر گهٽ ۽ عقل جا ماهر وڌيڪ آهن، نه ته سعودي مفتي شيخ عبدالعزيز بن عبدالله، شيخ سلمان الاودي ۽ جامعه ازهر قاهره جو اسڪالر سلام عبدالغالي ائين نه چون ها ته جيڪي ماڻهو آمريڪا جي سامونڊي طوفان تي خوش ٿي رهيا آهن، کين اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ان طوفان جي لپيٽ ۾ صرف غير مسلم ئي نه آيا آهن، خُدا مسلمانن ۽ غير مسلمن سڀني کي آزمائي ۽ آزمائش مان گُذاريندو رهي ٿو ۽ جڏهن طائف ۾ رسول الله صه جن تي سنگ باري ٿي رهي هئي، تڏهن به پاڻ سڳورن صه جي لبن مبارڪن تي“ جيڪڏهن رسول الله صه بد دُعا ڏين ها ۽ طائف شهر تباهه ٿئي ها ته پوءِ اهلِ طائف جو اهو آل اولاد به ڪٿي هجي ها، جيڪو پوءِ مسلمان ٿيو.
    wusatkhan@gmail.com
    The Kawish Group of PublicationB/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سهڻا حفيظ، سمجهه ۾ اهو ناهي ايندو ته هر ماڻهون ٻين تي آڱريون کڻندو آهي پر پنهنجو پاڻ ڏي ناهي ڏسندو ۔۔۔۔ آءُ جڏهن پنهنجي سنڌ کي ڏسندو آهيان ته ائين لڳندو آهي ته خدائي عذاب شايد سنڌ تي نازل ٿيل آهي ۽ هڪ سنڌيءَ جي حيثيت سان آءُ پاڻکي عذاب ۾ محسوس ڪندو آهيان ۔۔۔

    جاپان وارن تي مصيبيت آئي سي پاڻ ڀريا ٿي ويا، آمريڪا ۾ مصيبتون اينديون رهن ٿيون ۽ ٻين قومن تي به اچن ٿيون ۔۔۔ پر انهن ملڪن نه ته ڪشتو کڻي پنڻ جو ڪم ڪيو ۽ نه ئي پنهنجي قوم کي اخلاقي بدحاليءَ طرف وٺي ويا ۔۔۔ پر انجي ابتڙ پنهنجي ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۔۔۔ انجي ڪٿا تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا ۔۔۔

    ڪاش اسين ٻين قومن کان ڪجهه سکي سگهون ۔۔۔۔!!!!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    اسان وٽ علم ۽ شعور جي ڪمي آھي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو