سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ؛ ” لائجي ته نڀائجي، نه ته اصل نه لائجي“ سنڌي قوم جا ٻه سهڻا انسان محترم شمشير الحيدري ۽ مانوارو تاجل بيوس ... زندگيءَ ۾ گڏ گڏ رهيا، دوستيون گڏ گڏ نڀائيندا رهيا، رشتيداريون به توڙ تائين هلائيندا رهيا ... سنڌ جي خدمتن ۾ هڪٻئي جا ٻانهن ٻيلي رهيا ۽ آخر مرڻ کانپوءِ به چوڪنڊيءَ جي قبرستان ۾ وڃي گڏ آرامي ٿيا ... ان کي چئبو آهي ” دوستي“ جي راضي ٿئين تون ته ميريائي مان لهان ....
جَرِ کي گَجميلَ جُون، تارَنِ ۾ تَبَرُون؛ هڻي حاڪِمِيَنِ کي، زورَ ڀَريُون زَبَرُون؛ ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پسو پَرَڏيهِيُنِ جُون.
عبدالحفيظ ادا پاڻ کي وصعيت ڪرڻ جي ڪهڙي لاچار آهي مائٽاڻو مُقام هڪڙو ئي آهي وک پنڌ تي پوريندا، سڏ ۾ سڏ پيا ڏينداسين
آءُ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سڀني سنڌين کي گذارش ڪندس ته هو پنهنجيون عيد گاهون ۽ قبرستان ڪراچيءَ ۾ ئي ٺاهن ۽ وصيتون ڪن ته جيئن سندن اولاد به ڪراچيءَ کي پنهنجو ڪري سمجهي ۔۔۔ لک قرب
سهڻي صلاح آهي غور طلب، پر جيڪڏهن هڪ عام سنڌي ائين نٿو ڪر سگهي ته پو اسان جي وڏين سياسي اڳواڻن ، اديبن ۽ ڏاهن کي ائين ضرور ڪرڻ گهرجي ڇو ته انهن جي پٺيان سندن جا پوئلڳ، پرستار، توڙي چاهيندڙ هوندا آهن جيڪي کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ لا ميڙاڪا ضرور ڪندا آهن۔ جنهن جي ڪري ڪراچي ۾ سنڌين جا اهڙا ميڙاڪا هميشه ٿيندا رهندا۔