سنڌ ۾ لاڳو ڪيل بلدياتي آرڊيننس سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج، اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل طلب اسلام آباد(آن لائن) سنڌ ۾ مهينو اڳ لاڳو ڪيل پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، عدالت درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي 8 نومبر تي طلب ڪري ورتو آهي، بيئريسٽر ضمير گهمرو سنڌ ۾ لاڳو ڪيل بلدياتي آرڊيننس 2012ع کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، هن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012 ع کي جاري ڪرڻ جو اختيار نٿي رکي، اهو آرڊيننس منظور ڪري حڪومت آئين جي لتاڙ ڪئي آهي، انهي ڪري بلدياتي آرڊيننس 2012ع کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي 8 نومبر تي طلب ڪري ورتو، ضمير حسين گهمرو درخواست آئين جي آرٽيڪل 184 تحت داخل ڪئي آهي.
ادا جرنلين ۾ هٿ پئجي چُڪا آهن هاڻي هي ڪوڙا وڏيرا ڪوڙي مفاهمت ڪندڙ ڪيسيتائين بچندا دور ساڳيو ناهي دور بدلجي چڪو آهي اميد جي ڪرن نه پر روشني نظر اچي پئي پران سان گڏوگڏ اسان کي انهن چورن کي ووٽ ناهي ڏيڻو ۔ وسلام
ان کي چئبو آهي قلم جو وار، جيڪو تلوار کان به تکو ٿيندو آهي۔ شل سنڌي سڀ اهڙا سڄاڻ ٿين جو پنهنجي هر زيادتي جو قلم وسيلي وار ڪن ۽ قانوني ويڙهه وڙهن۔