جاويد حسين
سينيئر رڪن
سنڌ ۾ لاڳو ڪيل بلدياتي آرڊيننس سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج، اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل طلب
اسلام آباد(آن لائن) سنڌ ۾ مهينو اڳ لاڳو ڪيل پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، عدالت درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي 8 نومبر تي طلب ڪري ورتو آهي، بيئريسٽر ضمير گهمرو سنڌ ۾ لاڳو ڪيل بلدياتي آرڊيننس 2012ع کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، هن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012 ع کي جاري ڪرڻ جو اختيار نٿي رکي، اهو آرڊيننس منظور ڪري حڪومت آئين جي لتاڙ ڪئي آهي، انهي ڪري بلدياتي آرڊيننس 2012ع کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي 8 نومبر تي طلب ڪري ورتو، ضمير حسين گهمرو درخواست آئين جي آرٽيڪل 184 تحت داخل ڪئي آهي.