ابو جهاد جو قتل ۽ نوان انڪشاف

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2012۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ”مون کيس هڪ ئي وقت سڄو برسٽ هڻي ڇڏيو.“ اهي لفظ آهن نحم ليوَ (Nahum Lev) نالي اسرائيلي جاسوس ايجنسي موساد جي هڪ عملدار جا جنهن 1988ع ۾ ابو جهاد کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو. آگسٽ 2000ع ۾ هڪ ڪار حادثي ۾ موت جو کاڄ بڻجڻ واري انهيءَ موساد ايجنٽ اهڙو اعتراف هڪ صحافيءَ کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ ڪيو هو جيڪو اڃان تائين مڪمل طور پڌرو ناهي ٿيو. اسرائيل 24 سالن کانپوءِ پنهنجي ايجنسيءَ سان لاڳاپيل عملدار جو اهو انٽرويو شايع ڪرڻ جي اجازت’يِڊِيئوٿ آرونوٿ‘ نالي هڪ اسرائيلي اخبار کي ڏني آهي جيڪا جلد ان انٽرويو جو متن شايع ڪندي. اهو انٽرويو 12 سال پراڻو آهي. اهو انٽرويو رونَن برگمَن نالي هڪ اسرائيلي ’انويسٽيگيٽِو‘ صحافي پاران ورتو ويو هو، جيڪو اڄ يِڊِيئوٿ آرونوٿ سان لاڳاپيل سينيئر تجزيه ڪار آهي.
    [​IMG]ابو جهاد جو اصل نالو خليل الوزير هو. ياسر عرفات سان گڏجي فلسطين لبريشن آرگنائزيشن (پي ايل او) جو بنياد وجهڻ وارو خليل الوزير ’فتح‘ نالي فلسطين جي سيڪيولر قومپرست پارٽي جو باني به هو. کيس فتح جي گوريلا ونگ ’العاصفة‘ جو سربراهه پڻ قرار ڏنو وڃي ٿو. اسرائيل ۽ مغرب جي نظر ۾ سندس قتل سندس انهيءَ ’عهدي‘ سان لاڳاپيل سرگرمين جي ڪري روا رکي سگهجي ٿو. ابو جهاد کي 1988ع ۾ تيونس جي راڄڌاني تيونس جي هڪ گهر ۾ گوليون هڻي جڏهن قتل ڪيو ويو هو ته سندس گهرواري به اتي موجود هئي. سندس ٻه محافظ ۽ گهر جو مالهي به انهيءَ حملي ۾ مارجي ويا هئا. وارثن جو چوڻ آهي ته کين اهو يقين هو ته سندن عزيز جي قتل پٺيان اسرائيل آهي. هاڻي کين پنهنجي انهي موقف لاءِ ثبوت به ملي ويو آهي.
    اسرائيلي روزنامي يڊيئوٿ آرونوٿ طرفان في الحال نحم ليو جي انٽرويو مان فقط ڪجهه قول شايع ڪيا ويا آهن. جن مان هڪ ۾ ليو چوي ٿو ته ”کيس ابو جهاد بابت اسرائيلي انٽيليجنس (اداري موساد) پاران ڏنل فائل پڙهڻ کانپوءِ کيس قتل ڪرڻ ۾ ذري به هٻڪ محسوس نه ٿي.“ نحم ليو پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته ان فائل موجب ابو جهاد معصوم ماڻهن خلاف ڀيانڪ ڪارروائين ۾ ملوث هو. نهم ليو ان اڪيلو اسرائيلي عملدار نه هو جنهن ابو جهاد تي حملو ڪيو. ان حملي ۾ اسرائيل جو هڪ سڄو ڪمانڊو جٿو شامل هو، جڏهن ته ان کي مانيٽر موساد پئي ڪيو. انٽرويو مان حملي جي احوال کانسواءِ حملي جي پس پرده ذميوارن بابت به ڳچ ڄاڻ ڏنل آهي. ابو جهاد جي هڪ وارث پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته، ”اسانکي (ابو جهاد جي) قتل جا سمورا ڀيانڪ تفصيل اڳ ئي ڄاتل هئا. اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ڪيو، ان شخص جو نالو ڄاڻڻ اسانجي لاءِ هاڻي ڪا وڏي ڳالهه ناهي رهي.“
    ابو جهاد بابت چيو وڃي ٿو ته هن فلسطين تي اسرائيلي قبضي خلاف پهرين بغاوت ’انتفاضة‘ جي سربراهن مان به هڪ هو، جيڪا 1987ع جي آخري مهينن ۾ شروع ٿي. جڏهن ابو جهاد کي قتل ڪيو ويو ان وقت اسرائيل جو وزيراعظم اسحاق شامير (Yitzhak Shamir) هو ۽ يهود براڪ (Ehud Barak) جيڪو هاڻي اسرائيل جو دفاع وارو وزير آهي، ان وقت اسرائيل جو ڊپٽي چيف آف اسٽاف هو.
    ابو جهاد جي قتل بابت انڪشاف وارو هيءُ انٽرويو ان وقت منظرعام تي اچي رهيو آهي جڏهن فرانس سان لاڳاپيل جاچ ڪندڙ عملدار فلسطيني شهر راملا ۾ پي ايل او جي سربراهه ياسر عرفات جي موت جي ڪارڻن جي جاچ ڪندا. عرفات جي بيواهه جي دعويٰ آهي ته سندس ور کي قتل ڪيو ويو هو. عرفات جڏهن ابدي ننڊ ستو هو ته سندس موت تي ڪيترائي سوال اٿاريا ويا هئا. تازو لڳ ڀڳ هڪ مهينو اڳ اهو اعتراف ڪيو ويو آهي ته سندس استعمال هيٺ جيڪي شيون هيون تن تي پولونيم 210 (polonium-210) نالي هڪ تمام گهڻي شدت رکندڙ radioactive مواد جا جزا ڏٺا ويا هئا. اهي جزا سندس ڏندن واري برش، سندس ڪپڙن ۽ سندس ’ڪوفية‘ (مشهور عرب رومال جيڪو عرفات کي سدائين مٿي تي ٻڌل هوندي هو) تي مليا. ‎Radioactive مواد اهڙو ڪيميائي مواد هجي ٿو جيڪو زهر کان به خطرناڪ آهي. عرفات جي بيواهه سوها عرفات باضابطه طور ان معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي قانوني درخواست داخل ڪندي پنهنجي مرحوم مڙس جي قبر ڪشائي ڪري مڙهه جي جاچ ڪرڻ جي به اپيل ڪئي آهي جيڪا فلسطيني اختياري جي صدر محمود عباس منظور به ڪئي آهي. ياسر عرفات 2004ع ۾ دماغ جي شريان ڦاٽڻ ڪري ڪوما ۾ هليو ويو هو. هن فرانس جي راڄڌاني پيرس ۾ واقع هڪ فرانسيسي فوجي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو هو. سندس عمر ان وقت 75 سال هئي. سندس شين تي لڳل هڪ داغ مان ڄاڻايل خطرناڪ ڪيميائي مواد جا جيڪي جزا مليا سي ڪنهن عام نموني جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي سئو ڀيرا وڌيڪ مقدار ۾ هئا.
    Courtesy: CNN & Israel Times
    ڪاوش تان کنيل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو