هو الشافيمغز بادام، ڌاڻا ، سونف ، ڪارا مرچ ، برهمي ٻوٽي۔هر هڪ 10 گرام ، 50 گرام کنڊاهي سڀ شيون ڪٽي سفوف تيار ڪري رکجيرات جو روزانو هڪ چمچو مانيء کان پوء استعمال ڪرڻ گهرجي۔دماغ کي طاقت لاء ، ويسر ختم ڪرڻ لاء ، هاضمي کي درست ڪرڻ لاء مجرب آهي۔
محترم حڪيم عبدالقادر صاحب، لک قرب جو اهڙو قيمتي نسخو ونڊ ڪيو اٿوَ، پر هن ۾ هڪ اهڙي شئي آهي جنهنجي تفصيل جيڪڏهن ملي وڃي ته واه واه ۔۔۔ ”برهمي ٻوٽي“ بابت ڪجهه ٻڌائيندا ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
سائين ماشآء الله تمام بهترين نسخو آهي اڄ ڪلهه ڪمپيوٽر گهڻي استعمال ڪرڻ ڪري دماغ اڪثر ڪمزور ، ياد داشت جي ڳالهه ئي ڇڏي ڏيو جنهن دوست کان پڇجي ٿو ته اهائي شڪايت ڪري ٿو ته يار ياداشت ڪمزرو ٿي وئي آهي ۔ بهرحال اميد آهي ته دوست ان فري جي نسخي مان استفاده حاصل ڪندا ۔ دوستن کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته حڪيم عبدالقادر صاحب جن منهنجا محسن قرب وارا آهن پاڻ مهراڻ طبيه ڪاليج مورو جا وائيس پرنسپال آهن ۽ مورو ۾ سندن شفا خانو پڻ آهي جيڪڏهن دوستن کي ڪنهن به علاج متعلق سائين جن کان ڪو مشورو پڇڻو هجي ته هر ڇنڇر تي صبح جو 10 بجي کان هڪ بجي تائين فري ۾ مشورو پڇي سگهن ٿا۔
فقير سائين تمام سٺو توهان شروعات ڪيو نتيجوته يقينا سٺو هوندو ڇوته بادام وغيره ته سڀني کي خبر آهي ته دماغ جي طاقت لاء آهن ليڪن تجربي کان پوء اوهان جي تصديق جي مهر به لڳي ويندي ته سڀني دوستن کي يقين ٿي ويندو ۽ سڀ ان نسخي مان فائدو حاصل ڪندا۔
ادا اوهان سڀ ڀلي کائو پر يار هڪڙي همراه کي نه کارئجو ڳوليو پاڻ ۔ سائين مجرب نسخو الله اوهان جي حڪمت ۾ اضافو ڪري ۔ وسلام
سائين ان سلسلي ۾ حڪيم صاحب جو ڪو رابطه نمبر اگر ممڪن هجي ته ٻڌائيندا ته جيئن ٻاهريان دوست به ڪو مشورو پڇي سگهن
ادا ممتاز احمد قريشي صاحب اگر توهان سامان وٺي ڪنهن حڪيم صاحب کي ڏيندا ته اهو توهان کي نسخه تيار ڪري ڏيندو، ايترو مشڪل به نه آهي اگر اوهان پاڻ ئي ٿوري همت ڪندا ته ڪم تيار ٿي ويندو۔ ٺهيل ٺڪيل به اهڙي قسم جا نسخه مارڪيٽ ۾ موجود آهن ليڪن اهي ڪافي مهانگا به آهن ۽ جيڪو ڪجهه انهن ۾ لکيل آهي اهو سڀ ڪجهه انهن ۾ موجود به نه هوندو آهي فقط شين جا نالا لکيل هوندا آهن ۔ هن ۾ ته توهان پاڻ پنهنجي هٿ سان سڀ شيون شامل ڪندا ته توهان کي خالص هجڻ تي به يقين ٿي ويندو۔