• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عشق جنين جي بندگي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
عشق جنين جي بندگي
جنهن ڄاتو عشق جو راز
تنهن کي آهي عشق تي ناز
سر ڪٽائي سرهو ٿيا
اهو عشق جو اهي آغاز
عشق جنين جي بندگي
عشق تنين جو روزو نماز
جن پسيو عشق جو جلوو
سي ئي آهن قلندر شهباز
ڏاڏل عشق جو ڏيھ ڏورانهون
سَوَلي ناهي عشق جي پرواز
 
quote="ڏاڏل شينو, post: 112963, member: 1364"]
عشق جنين جي بندگي
جنهن ڄاتو عشق جو راز
تنهن کي آهي عشق تي ناز
سر ڪٽائي سرهو ٿيا
اهو عشق جو اهي آغاز
عشق جنين جي بندگي
عشق تنين جو روزو نماز
جن پسيو عشق جو جلوو
سي ئي آهن قلندر شهباز
ڏاڏل عشق جو ڏيھ ڏورانهون
سَوَلي ناهي عشق جي پرواز
[/quote]
واقعي به پرواز سَوَلي ته ڪانهي ، کنڀڙاٽيون هڻڻ جون ڪوششون ته جاري هجن ، من پرين کي پسي پئون ۔
 
جنهن ڄاتو عشق جو راز
تنهن کي آهي عشق تي ناز
سهڻيون سرجيل سٽون ۔۔۔۔ مونکلي لطيف جون سٽون ٿيون ياد اچن​
عشق نه آهي راند ته ڪي ڪنس ڳڀرو،
جِيءُ جُسي ۽ جان جي ڀڃي جو هيڪاند،
سسي نيزي پاند، اُڇل ته اڌُ ٿئي .
 
سائين رضوان صاهب ، سائين عتيق الرحمان صاحب و سائين وساڻ صاحب پسند ڪرڻ جون مهربانيون۔
وسلام
 
Back
Top