مست
سينيئر رڪن
اسلام عليڪم ۔۔۔ دوستو!
توهان کي خبر آهي ته تازو اسلام آباد جي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ ڌماڪن کان پوءِ وزيرِ داخلا رحمان ملڪ پاڪستان جي تمام يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان هڪ ميٽنگ ڪئي هُئي، اُنهي ميٽنگ ۾ پاڪستان جي اندر موجود سيڪيورٽي صورتِ حال ۽ يونيورسٽين تي مُمڪنه حملن جي خلاف بچاءُ جو سيٽ اَپ ۽ اُپاءُ وٺڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اُنهي ميٽنگس جي نتيجي ۾ هاڻي سنڌ يونيورسٽي، لمس يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۽ اُنهن جي ڪالونين ڏانهن اچڻ وڃڻ لاءِ سيڪيورٽي سببن جي ڪري صرف هڪ رستو رکيو ويو آهي، ۽ اُنهن تي به سخت سيڪيورٽي ڪئي وئي آهي، اُنهيءَ کان علاوه موٽرسائيڪلن جي لاءِ ڪو ننڍو رستو به نه ڇڏيو ويو آهي، غريب عوام جنهن جي لاءِ موٽر سائيڪل عوامي سواري سڏبي آهي، اڳئي پيٽرول جي مهانگائي جي ڪري سندن چيلهه چٻي ٿي وئي آهي، رهندو رستو ڊگهو ڪري اُنهن لاءِ ڏچو پيدا ڪيوويو آهي، اُن جو مثال آهي ته سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ کان جيڪو رستو ( عبدالله هارون روڊ ) ادبي بورڊ کان ٿيندو ڦاٽڪ ڏانهن وڃي ٿو اُن کي بند ڪيو ويو آهي، اُن جي سبب ڪالونيءَ جي عوام کي فار اِيسٽ جي اڳيان واري ڪالونيءَ جي روڊ (خان محمد پنهور روڊ ) کان ڦاٽڪ ڏانهن اچڻو وڃڻو پوي ٿو، جيڪو تمام ڊگهو رُوٽ ٿي پيو آهي، ٿوري ٿوري دير کان پوءِ ڪو نه ڪو موٽر سائيڪل سوار پيٽرول جي ڪمي جي ڪري گاڏيءَ کي ليٽائيندو نظر اچي ٿو۔ خبر نه آهي هي حالتِ زار ڪيستائين رهندي۔۔؟ asul matt