امريڪي ڪوارٽر هارس (گهوڙو

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    امريڪي ڪوارٽر هارس (گهوڙو)
    بلال مصطفي ميمڻ ، اسان جي ننڍڙي شهزادي جي ڊائري مان مٿين جانوار تي انگريزي زبان ۾ لکيل مضمون جو ترجمو، بلال مصطفي جي فرمائش تي اوهان پيارن ٻارن ۽ محترم ميمبرن جي لاء:_

    گهوڙي (HORSE) جي باري ۾ اوهان سڀ چڳي طرح ڄاڻو ٿا ته هو سواري کان علاوه به تمام وڏي ڪم وارو جانوار آهي۔ ان جون بي شمار قسمون آهن۔ گهوڙي جا لاء قديم يوناني لفظ هپوز(Hipos) استعمال ٿيندو هو۔لفظ هيوپو پٽيمس(Hipo Potamus) ٻن يوناني الفاظن جو مرڪب آهي جنهن جو مطلب دريائي گهوڙو آهي۔

    گهوڙون ۾ سڀني کان سٺو گهوڙو امريڪن ڪواٽر هارس سمجهو ويندو آهي۔ ان جي افزائش نسل ارڙهين صدي جي آخر ۾ ورجنيا اسٽيٽ آمريڪا ۾ ٿئي۔هن جو شمار دنيا جي تيز ترين گهوڙن ۾ ٿيندو آهي،پنهجي ڍڪ جي پهرين ويهن سيڪنڊن ۾ هي گهوڙو 1/4 ميل جو فاصلو طئي ڪندو آهي۔
    گهوڙن ۽ ٽٽو گهوڙن (Ponies) جون تقريبن ٻه سوء کان وڌيڪ نسلون آهن۔ ٽٽو گهوڙو قد ۾ سڀ کان ننڍو گهوڙو هوندو آهي۔ ننڊي نسل جي گهوڙن ۾ فلابيلا (Falabella) جوقد صرف 75 سينٽي ميٽر هوندو آهي۔ فلابيلا گهوڙا سواري جي لاء گهڻا ننڍا هوندا آهن۔ جڏهن ته شٽ لينڊ ٽٽو (Shetland Ponies) قد ۾ ڪجه وڏا هوندا آهن انهڪري نوجوان گهوڙي سوارن جا پسنديد گهوڙا هوند آهن۔

    گهوڙن جي دنيا جا ديو (Giant) گهوڙا ان نسلون جو گروه ۾ آهن جنهن کي اسان وزني گهوڙا(Heave Horse) چوندا آهيون۔ ان نسل جي ديوقامت گهوڙا شائر(Shire) چورائيندا آهن۔ شائر گهوڙن جو قد تمام گهڻو وڏو هوندو آهي ۽ وزن هڪ ٽن تائين هوندو آهي۔ شائر گهوڙي جي پيرن جي چوگرد جهالر هوندي آهي۔ جڏهن ته ٻين گهوڙن ۾ اها جهالر نه هوندي آهي۔ ڪوارٽر هارس (Quarter Horse) به پنهنجي طاقت ؤ قدقامت جي وجه سان گهوڙن جي اهم نسل ۾ شمار ڪيو ويندو آهي،هنن گهوڙن جو انسانن سان هميشه گهرو تعلق رهيو آهي،انهن کي ڦرتي ۽ تيز رفتاري جي ڪري مال برداري جي لاء به استعمال ڪيو ويندو آهي۔

    گهوڙا گهڻي ڀاڳي گاه کائيندا آهن ۔ سخت غذا چٻائڻ ۾ انهن کي مشڪلات پيش ايندي آهي۔ جيئن جيئن گهوڙي جي عمر وڌندي ويندي آهي انهن جي ڏندن ۾ به ٽوٽ ڦوٽ شروع ٿئي ويندي آهي۔ ماهرين انهن جي ڏندن جي ٽوٽ ڦوٽ جي ذريعي انهن جي عمر جو تعين ڪندا آهن۔ انسانن وانگر گهوڙن جي ڏندن جو چيڪ آپ جي به ضرورت پيش ايندي آهي ۽ سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا انهن کي ڏندن جي ماهر ڏي وٺي وڃڻ ضروري آهي۔
    جنگل ۾ عمومن گهوڙا هڪ ڌڻ جي صورت ۾ رهندا آهن۔انهن جي رهنمائي اهو گهوڙو ڪندو آهي جيڪوانهن مان وڌيڪ طاقتور ؤ وڏي جسامت وارو هوندو آهي۔ گهوڙن جي هڪ خوبي اها به آهي ته هو بيٺل حالت ۾ به ننڍ ڪري سگهندا آهن۔ ڌڻ ۾ موجود گهوڙن کي جڏهن ننڍ ايندي آهي ته سمهي پوندا آهن پر انهن مان هڪ گهوڙو حفاظت جي مقصد سان جاڳندو رهندو آهي۔

    گهوڙا به پنهنجي جذبات ؤ احساسات جو آظهار مختلف انداز سان ڪندا آهن۔ مثلان جيڪڏهن گهوڙو خوش هوندو آهي ته پنهنجو پڇ ۽ منهن مٿي کڻندو آهي۔ ناراض هوندو ته پنهنجو منهن کولي ڪاوڙ جو اظهار ڪندو۔ ڊيڳل هوندو آهي ته هن جي چهري ۽ اکين مان ان جو اندازٿئي ويندو آهي۔
    گهوڙو صرف سواري جي ڪم نه ايندو آهي پر ان کي مختلف ڪرتب سکاري ٽرينڊ ڪيو ويندو آهي،ان کان علاوء گهوڙي ڊوڙ لاء تمام گهڻي اهميت رکندو آهي۔
    گهوڙي جي پڇ جا وارموسيقي جي آلات ۾ به آستعمال ٿيندا آهن مثلان، وائلن سيلو(Violan cello) ۾ گهوڙي جي پڇ جا وار استعمال ڪيا ويندا آهن۔۔گهوڙن جي عمر عام طور تي ويهن کان ٽيهن سالن جي وچم ۾ هوندي آهي ۔ سٺي نسل جي گهوڙي ڪوراٽر هارس جي ڊيمانڊ سڄي دنيا ۾ گهڻي آهي ۽ ورجينا اهو واحد اسٽيٽ آمريڪا جي آهي جٿي هن گهوڙي جي آفزائش نسل تي تمام گهڻي توجه ڏني ويندي آهي۔ هن گهوڙي جي سائز عام طور تي 1.43 ميٽر ۽ وزن 500 کان 600 ڪلو گرام هوندو آهي۔ محترم ميمبرس اميد ٿا ڪيون ته بلال مصطفي جي هن ليک مان اوهان کي گهوڙن ؤ انهن جي نسل جي باري ۾ مفيد معلومات حاصل ٿئي هوندي۔ اسان جي ان شهزادي جي لاء خصوصي دعائن جي التجاء آهي۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ُواهه واهه سائين اوهان جا قرب جو اهڙي معلومات اسان تائين پهچائي اميد ٿا ڪيون ته اوهان جي شهزادي محترم جي ڊائري جا چونڊ ورق اسان سان ونڊ ڪندا رهندا، شل ڌڻي ٻاجهارو وڏي ڄمار ۽ ساڃهه عطا ڪندس ته شل جوانيون ماڻي ، سڇ ته هن موضوع کي پڙهڻ کانپو پنهنجي ڳوٺ کان شهر تائين ٽانگا گهوڙي سواري ياد اچي وئي اڄ ڪلهه چنگچين اها جا والاري آهي جيڪا ڪنهن عذاب کان گهٽ ڪونهي، مهانگائي سبب ًماڻهو پاڻ کي پالن يا گهوڙا پالن ان ڪري اڄ اُهي گهوڙي سوار ئي نٿا لڀن، منهنجا عزيز جيڪب آباد ۾ آهن انهن وٽ ٽي چار گهوڙا هوندا هئا، جڏهن به گهمڻ ويندا هئا سين سڄي جيڪب آباد جو سير ڪندا هئا سين، پر افسوس جو هاڻ اهڙو ڪجهه به ڪونهي اُتي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    سائين هن ننڍڙي بابلڙي کي منهنجي طرفان پيار ۽ ڍير دعائون ڏجو، هن جي لکڻي مان پتو پوي ٿو ته هي معصومڙو ڏاڍو نفيس ۽ نفاست پسند آهي ، الله سائين سندس عمر دراز عطا ڪريس سندس علم ۾ واڌ ويجه ڪريس۔ آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺي معلومات لڳي

    گهوڙن جو جڏهن به ذڪر نڪرندو آهي ته مونکي حسن درس ياد ايندو آهي ۽ وري لطيف جو هيٺيون بيت به ياد اچي ويندو آهي۔

    گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    هميشه جيان پيارو ونڊ ، اسانجي طرفان ننڍڙي کي پيار ۽ دعائون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين مون جي هن ننڍڙي ڀائٽي کي منهنجي طرفان پيار ۽ ڍير دعائون ڏجو ، الله سائين سندس عمر دراز عطا ڪري سندس علم ۾ واڌ ڪري ۔ آمين تمام بهترين مضمون لکيو اٿس
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا رضوان جمالي صاحب اسلام عليڪم۔توهان جون تمام گهڻيون مهربانيون پنهنجي ڀائيٽي کي دل جي گهرائين سان دعا ڏيڻ تي۔الله پاڪ هميشه اوهان کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي۔
     
  8. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    تمام سٺي ۽ ڪارائتي معلومات لڳي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو