Abdul Wahid Soomro
سينيئر رڪن
عيد جي ٽئين ڏينھن قصرِ ناز ڀٽ شاھ تي قبله سائين ناز لطيفي صاحب جن ھڪ طرحي مشاعري جو اھتمام ڪرايو جنھن جي صدارت جناب شبير حاطف صاحب جن ڪرڻ فرمائي۔ ان مشاعري جا مھمانِ خاص ۽ صا حب طرح جناب امداد حسيني صاحب جن ھئا۔ سنڌ جي وڏي تعداد ۾ شعراء ڪرامن ان مشاعري ۾ شرڪت ڪئي۔ ان مشاعري ۾ مون ناچيز کي به پنھنجي خيالن ونڊڻ جو موقعو ڏنو ويو۔
ان مشاعري جي طرح ھئي
اُھو ئي آئون آھيان ۽ اُھو ئي انتظار آھي
عمر گذري سڄي روئندي نه من ۾ ڪا بھار آھي،
جڏھن کان تون جدا ٿيو آ نه دل کي ڪو قرار آھي۔
اڪيليون ھجر ۾ ڪيئي گذاريم شبنمي راتيون،
ڪندين يادون دلِ نادان ڪيڏي سوڳوار آھي۔
طرح:
نه ايندي تو آ پڪ مونکي ڳڻيندي سال ويا گذري،
اُھو ئي آئون آھيان ۽ اُھو ئي انتظار آھي۔
وساريان ڪيئن مان دل تان وسارڻ آ کٽن ڏاڍو،
لڳي آ جيء ۾ ٍجھٍوري جياپو اشڪبا ر آھي۔
وڃي بادِ صبا ھن کان حقيقت پيار جي پڇجان،
چمن ۾ بلبلِ بيتاب جو ڪو غم غسار آھي۔
وکيريا زلف آھن ڪنھن فضا ۾ اڄ وري يارو،
سڄي محفل سڳند سرھاڻ سان مشڪبار آھي۔
نه ڪر تون حوصله مجروح الله ۾ آسرو آھي،
وفائون، چاھتون منھنجون انھن تي اعتبار آھي۔