• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت تي تصوير اپلوڊنگ لاءِ پريشان سنڌي ڀائرن لاءِ!

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
دوستو هونئن ته هن فورم تي پنهنجي ليک، تحرير يا جواب ۾ تصوير لڳائڻ لاءِ کوڙ ليک موجود آهن جيئن پياري دوست محمد سليمان وساڻ جي هي ليک۔
بنيادي طرح ٻه طريقا آهن۔ جڏنهن به ڪو ليک موڪلڻ يا جوان ڏيڻ لاءِ سنڌ سلامت ايڊيٽر کولبو ته ڪجهه هن طرح جو ڏيک سامهون ايندو۔

68377_512969898715289_312464593_n.jpg


پهريون طريقو اهو ته اوهان هيٺ موجود ٽئب فائيل اپلوڊ ڪريو تي ڪلڪ ڪري تصوير اپلوڊ ڪريو جيڪا مٿي ڏنل تصوير ۾ ٿيندي ڏيکاريل آهي۔ ٻيو طريقو اهو ته هيٺ ڏنل تصوير ۾ گول ۾ ڏنل نشان تي ڪلڪ ڪريو۔
69775_512983805380565_1266353947_n.jpg


۽ پوءِ هيٺ ڏنل ڏيک جيان کلندڙ ونڊوز ۾ تصوير جو لنڪ شامل ڪريو۔ ۽ تصوير اوهان جي تحرير جو حصو ٿي ويندي۔

545509_512969852048627_109090469_n.jpg


پر ٻئي طريقي لاءِ اڪثر دوستن کي اها شڪايت آهي ته کين معروف اميج اپلوڊنگ سائيٽس جهڙوڪر ٽني پڪچر، اميج شيڪس وغيره ۾ تصوير اپلوڊ ڪرڻ ۽ وري هتي لنڪ ڏيڻ ۾ پريشاني ٿئي ٿي۔ يا وري انهن سائيٽس پاران ڪڏهن ڪڏهن اهي تصويرون گم ڪرڻ سبب سڄا سڄا ليک ضايع ٿيو وڃن۔ مون اڄ انهي جو هڪ آسان حل آندو آهي۔ جنهن سان اوهان جي تصويرن جي غائب ٿيڻ جو به ڪو ڊپ نه رهندو۔ ۽ تصوير اپلوڊنگ مهل ڪا به پريشاني نه ٿيندي۔ ايستائين جو اوهان کي ڪيپچا ورڊس به نه لکڻا پوندا۔ بلڪه بس ڪرڻو صرف اهو آهي ته فيس بوڪ ۾ هڪ البم ٺاهيو جنهن کي صرف پنهنجي ڏسڻ لاءِ پرائيويسي سيٽ ڪريو۔

جيئن هي مون ٺاهيو آهي۔


222529_512971435381802_1231098920_n.jpg


هتي اوهان کي جڏنهن به تصوير اپلوڊ ڪرڻي هجي ته رڳو ايڊ فوٽوز ڪري تصوير ايد ڪريو۔ جنهن جي اپلوڊنگ تمام جلدي ۽ آسان آهي۔ اها تصوير يا البم هوئن ته ڪو به نه ڏسي سگهندو پر جيڪڏنهن اوهان هيٺين طريقي سان لنڪ کڻي اچي مٿي ٻچايل طريقي سان سنڌ سلامت ايڊيٽر ۾ لڳائيندا ته تصوير اچي ويندي۔

تصوير جي لنڪ لاءِ فائر فاڪس ۾ هي طريقو آهي ته ڪنهن به تصوير تي ساڄي پاسي ڪلڪ (رائيٽ ڪلڪ) ڪري view image info تي ڪلڪ ڪريو ۽ هيٺ کلندڙ ونڊوز مان لنڪ حاصل ڪريو

196123_512974032048209_265126788_n.jpg




۽ گوگل ڪروم يوزرس لاءِ هي طريقو آهي رائيٽ ڪلڪ ۽ پوءِ ڪاپي اميج يو آر ايل

11-png.430
 
Back
Top