• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آڪٽوبر جو مهينو پاڪستان لاءِ خوني ثابت ٿيو۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
بي بي سي جي هڪ رپورٽ جي مطابق هن سال هونئن ته پاڪستان ۾ ڪيترا ئي خود ڪش حملا ٿيا ۽ ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيا۔۔ مگر آڪٽوبر 2009 جو مهينو پاڪستان جي ماڻهن لاءِ خوني ثابت ٿيو آهي، هن مهيني ۾ ارڙهن خودڪُش حملا ٿيا آهن، جن ۾ 300 کان وڌيڪ بي گُناهه ماڻهو ماريا ويا آهن۔
اِنهن ۾ وڏي ۾وڏو ڌماڪو پشاور جي قصه خواني بازار جي پيپل مارڪيٽ ۾ واقع مينا بازار ۾ 27 آڪٽوبر اربع جي ڏينهن ٿيو، جنهن ۾ هيل تائين 106 کان وڌيڪ بي گُناهه ماڻهو ماريا ويا ۽ 200 کان مٿي ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا۔۔
آڪٽوبر ۾ 23 ۽ 15 تاريخ تي هڪ کان وڌيڪ جڳهن تي هڪ ئي وقت ۾ حملا ڪيا ويا۔۔۔ asul matt
 
Back
Top