تعليم

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ ايس ايم درس طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2012۔

  1. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    385
    ورتل پسنديدگيون:
    874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    SSA Thatta USAID Pakistan Reading Project
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    تـعـلـيـم
    تعارفIntroduction :
    تعليم ھڪ عمل به آھي ۽ نتيجو به ڇا ڪاڻ ته تعليمي عمل کان گذرڻ کانپوءِ شاگرد (تعليم يافته) فرد ڪوٺائجي ٿو. اسان جڏھن ڪنھن فرد کان پڇون ٿا ته توھان جي تعليم ڪيتري آھي؟ ته ان وقت تعليم ھڪ نتيجي طور ظاھر ٿئي ٿي. ظاھر آھي ته ڪنھن نتيجي تائين پھچڻ يا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنھن عمل مان گذرڻو پوي ٿو ۽ اھو عمل در اصل تعليمي عمل آھي.
    تعليمي عمل کي وڏي پيماني تي به استعمال ڪيو وڃي ٿو. ۽ ننڍي پيماني تي به وڏي پيماني تي تعليمي عمل جي شروعات جنم کان ٿئي ٿي ۽ مرڻ گھڙي تائين جاري رھي ٿي. جنھن ۾ رسمي Formal ۽ غير رسمي Informal تعليم ٻئي شامل آھن. مطلب ته اھو عمل سموري زندگي جاري رھي ٿو. ننڍي پيماني تي تعليم جو مقصد اھا تعليم آھي جيڪا باقاعده طور تي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي وڃي ٿي. جنھن جي نتيجي ۾ سندون Certificates ۽ ڊگريون Degrees ملن ٿيون. ان کي رسمي تعليم Formal Education ڪوٺيو وڃي ٿو.
    معنيٰ Meaning :
    تعليم لفظ جي لغوي معنيٰ ڏٺي وڃي ته معلوم ٿيندو ته اھو لفظ عربي ٻوليءَ جو آھي ۽ انجو ڌاتو Root (علم) آھي. جنھن جي معنيٰ آھي سيکارڻ اطلاع ڏيڻ يا ٻڌائڻ. تعليم جي معنيٰ رھنمائي يا رستو ڏيکارڻ آھي. تعليم جو انگريزي ترجمون Education آھي. لفظ ايڊيوڪيشن وري لاطيني ٻوليءَ جي لفظ ايڊيوڪيٽم Educatum مان نڪتو آھي جنھن جي معنيٰ آھي تربيت جو عمل.
    راس Ross مطابق : Education دراصل لفظن E + Duco جي ملڻ سان ٺھي ٿو.
    Duco = I lead ۽ E = Out of
    لاطيني ٻوليءَ ۾ Educare = To Lead out, to bring out تنھن ڪري Education جي معنيٰ ٿيندي (ٻار جي فطري صلاحيتن کي ظاھر ڪري انھن کان ڪم وٺڻ).
    وصف Definition :
    ھڪ حديث مطابق: علم الله جي معرفت جو ذريعو آھي ۽ وري ٻئي حديث مطابق جيڪو علم جي ڳالھه ڪري ٿو اھو الله جي تعريف ڪري ٿو. جيڪو علم حاصل ڪري ٿو. اھو الله جي عبادت ڪري ٿو ۽ جيڪو علم سيکاري ٿو ڄڻ اھو خيرات ڪري ٿو.
    حضرت علي رضه مطابق: علم اسان جي لاءِ ۽ مال دولت جاھلن لاءِ
    ارسطو Aristotle مطابق: ھڪ صحت مند جسم ۾ صحت مند ذھن تخليق لاءِ جيڪو ھڪ ضروري عمل آھي ان کي تعليم سڏجي ٿو.
    سقراط Socrates مطابق: علم در اصل حقيقت جي تلاش آھي.
    افلاطون Plato مطابق: تعليم ان عمل جو نالو آھي جيڪو معاشري کي متوازن تنظيم عطا ڪري ٿو.
    روسو Rouseau مطابق: ٻار جي فطري صلاحيتن جي مڪمل ۽ متوازن نشو و نما جو نالو تعليم آھي.
    جان ڊيوي John Dewy مطابق: تعليم تجربن جي مسلسل ۽ نئين سر تعمير جو عمل آھي. اھا فرد ۾ انھن مڙني صلاحيتن جي نشو نما آھي جيڪا کيس پنھنجي ماحول تي ضابطي رکڻ ۽ زندگي جي ممڪنات Possibilities جي پورائي ڪرڻ جي لائق بنائي ٿي.
    پستالازي Pestalozzi مطابق: صحيح انسانيت پيدا ڪرڻ لاءِ انسان جي سڀني اندرين (داخلي) قوتن جي نشوونما ئي تعليم جو عام مقصد آھي.
    وائيٽ ھيڊ A. N. White Head مطابق: معلومات کي استعمال آڻڻ جو فن ئي تعليم آھي.
    امام غزالي رح مطابق: تعليم انساني معاشري جي بالغ رڪنن جي جدوجھد آھي جنھن جي ذريعي ايندڙ نسلن جي نشونما ۽ تشڪيل زندگي جي اصل مقصد جي مطابق ٿئي.
    سرسيد احمد خان مطابق: انسان ۾ جيڪو ڪجھه آھي ان کي ٻاھر ڪڍڻ دراصل انسان کي تعليم ڏيڻ آھي.
    شاھ ولي الله مطابق: تعليم ھڪ بامقصد عمل آھي ان کان فرد ۽ معاشري جي اصلاح جو ڪم وٺي سگھجي ٿو.
    علامه امداد علي امام علي قاضي مطابق: تعليم آزمائش ۽ امتحان کان سواءِ نتيجا نه ٿي ڏئي سگھي جيئن ته زندگي خود ھڪ تعليمي عمل آھي جيڪا آزمائش ۽ تجربن کان آزاد نه آھي.
    ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي مطابق: علم اھو آھي جيڪو انسان جي شخصيت نکاري.
    آمريڪا جي تعليمي ڪميشن مطابق: تعليم ان عمل جو نالو آھي جيڪو ھر فرد کي ان قسم جي ڄاڻ، مقصد، دلچسپيون، عادتون ۽ قوتون عطا ڪري ٿو ڪري سگھي ۽ ان ھنڌ کان ڪم وٺندي پنھنجو پاڻ ۾ ۽ معاشري کي پاڪ صاف مقصدن ڏانھن وٺي وڃي.
    تعليم جي وصف مختلف فلسفين ۽ تعليمي ماھر جي حوالي سان پيش ڪرڻ کان پوءِ ھيٺ انھن جي روشني ۾ ھڪ گڏيل عام فھم وصف بيان ڪجي ٿي.
    تعليم ھڪ اھڙو عمل آھي جنھن جي مدد سان فرد جي ڪردار ۽ ذھني عملن کي معاشري طور تي پسنديده بنائڻ ۽ گھربل راھن، مقصدن Goals حاصل ڪرڻ لاءِ شعوري ڪوشش ڪئي ويندي آھي ان سان ھر پل ڄاڻ، تجربن ۽ خيالن ۾ واڌارو ٿيندو رھي ٿو. گڏوگڏ اصلاح ۽ تبديلي (مثبت) ٿيندي رھي ٿي.
    مطلب تعليم ھڪ واڌ ويجھه وارو عمل آھي جيڪو منظم ۽ مرتب قاعدن ۽ ضابطن جي اثر ھيٺ جاري رھي ٿو. ان مقصد جو تعين ڪنھن معاشري جا سماجي ۽ مذھبي قدر Values ڪندا آھن. ان عمل سان فرد جي ڪردار ۽ ذھني سوچ ۾ اھڙيون تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. جن کي معاشرو پسند ڪندو آھي. ان جي ابتڙ اڻ وڻندڙ ڪردار ۽ غير صحت مند ذھني عملن کي تبديل ڪرڻ يا ڪنھن حد تائين گھٽ ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ويندي آھي. ظاھر آھي ته انھن ڪوششن جي ذريعي گھربل معيار کي ڪاميابي سان حاصل ڪرڻ ۽ انساني ڪردار ۽ گھربل سطح تائين ان صورت ۾ آڻي سگھجي ٿو. جڏھن بنيادي طور انساني ڪردار ۽ ذھني عملن جي تربيت حاصل ڪرڻ سان فرد ۾ سمجھه ۽ عقل پيدا ٿئي. تعليمي عمل ڪنھن استاد يا معلم Teacher ۽ تعليمي ميدان ۾ ڪم ايندڙ اوزارن Devices جي ذريعي مڪمن ٿئي ٿو. اھڙي طرح ھڪ قوم جي معيار کي انساني ڪردار ۽ مختلف قسمن جي ذھني عملن جي پيچيدگين کان واقف ھئڻ گھرجي. کيس انھن ۾ پسنديده تبديليون آڻڻ لاءِ ضروري مھارت ۽ سمجھه ھئڻ گھرجي ھونئن ته استاد پنھنجي عقل ۽ تجربي جي آڌار تي ذھني عملن ۽ ڪردار بابت ڪي نظريا قائم ڪري ٿو. جن مان تدريسي ميدان ۾ لاڀ حاصل ڪندو آھي. پر انھن نظرين جي مدد سان مشاھدن ۽ تجربن جي روشني ۾ فرد ۾ لڪل خوبين خاصيتن ۽ رڪاوٽن جي ڄاڻ به حاصل ڪري سگھي ٿو. انھن طريقن جي نتيجي ۾ جامع، گھرو، ڀروسي جھڙو عمل ڪرڻ جوڳو علم حاصل ٿئي ٿو. ڇا ڪاڻ ته نفسيات ئي ھڪ اھڙو علم آھي جيڪو انساني ڪردار ۽ سندس ذھني عملن جو باقاعده طور اڀياس مھيا ڪري ٿو. ان ڪري اھا ھڪ حقيقت آھي ته تعليمي عمل جي ڪاميابيءَ جو دارو مدار گھڻي حد تائين نفسيات مان حاصل ٿيندڙ نظرين ۽ انھن جي ڏاھپ سان استعمال ڪرڻ تي آھي. اھڙي ريت نفسيات ۽ تعليم جي وچ ۾ گھرو لاڳاپو قائم ٿي وڃي ٿو.
    تعليم جا اصول Principles of Education :
    تعليم ڏيڻ ھڪ قسم جو فن آھي جنھن جا ڪيترائي اصول بيان ڪيا ويا آھن. ھتي انھن اصولن مان ڪي وڌيڪ اھميت وارا بلڪل ئي مختصر نموني پيش ڪجن ٿا.
    1. ذاتي کان صفاتيءَ ڏانھن وڃڻ From Concrete to Abstract :
    ان اصول مطابق ذاتي شيون يا تصويرون ڏيکارڻ کان پوءِ صفتن جي بيان يا خيالن ڏانھن ھلڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته خيارل پھرين حواسن جي ذريعي معلوم ڪيل شين ۽ تجربن مان ڦٽن ٿا.
    2. خيالن کان لفظن ڏانھن وڃڻ From Thought to Words :
    شين ڏسڻ سان ٻار ۾ خيال پيدا ٿين ٿا جن جي اظھار ڪرڻ ۽ نتيجي ڪڍڻ لاءِ لفظن جي ضرورت پوي ٿي. ان ڪري استاد کي گھرجي ته ٻارن کي نئوان اکر ۽ اصلاح ٻڌائي.
    3. ڄاتل کان اڻ ڄاتل تائين From Know to Unknown :
    نوان خيال ۽ نوان لفظ آساني سان ياد پون ٿا. ان ڪري ٻارن جي نئين پراڻي واقفيت جي وچ ۾ لاڳاپو پيدا ڪري نئون علم صاف ۽ واضع طور انھن جي ذھنن ۾ وياري.
    4. مثالن کان قاعدي ڏانھن ھلڻ From Example to Rule :
    عام طور تي استاد ٻارن کي قاعدو ٻڌائي ڇڏيندا آھن ۽ اھي انھن کي طوطي وانگر ياد ڪري ايندا آھن. ظاھر آھي ته اھي ان قاعدي کي ٿورن ڏينھن ۾ وساري ويھندا آھن. ان ڪري مثالن جي مدد سان قاعدا سمجھائڻ ڪري کين ذھن نشين ٿي ويندا آھن.

    5. خاص کان عام ڏانھن وڃڻ From Particular to General :
    ڪنھن خاص شين جي ڄاڻ ڏئي ٻين عام شين جو تصور واضع ڪري سگھجي ٿو.
    6. استعمال / مشق کان اصول ڏانھن وڃڻ From Practice Principle :
    عملي مشق ذريعي اصول کي ٻار جي ذھن ۾ ويھاري سگھجي ٿو.
    7. سولي کان ڏکئي ڏانھن وڃڻ From Easy to Difficult :
    پھرين آسان ۽ جلد سمجھه ۾ ايندڙ ڳالھه ٻڌائي پوءِ ان جي مدد سان ڏکين يا مشڪل ڳالھين کي سمجھڻ ۾ مدد ڏئي سگھجي ٿي.
    تعليم جا جزا:
    تعليم جو عمل بنيادي طور تي ھيٺين چئن جزن تي ٻڌل آھي:
    1. فرد / سکيا وٺندڙ / علم پرائيندڙ
    2. تعليم / تدريسي عمل، جنھن ۾ فرد / سکيا وٺندڙ / شاگرد / علم پرائيندڙ شرڪت ڪندو آھي.
    3. تعليمي مقصد / مضموني مواد Subject Matter جنھن جي ذريعي فرد ۾ اھڙيون لياقتون ۽ لاڙا پيدا ڪيا وڃن ٿا جيڪي فرد ۾ ان کان ڳ ۾ موجود نه ھوندا آھن.
    4. معلوم / استاد جيڪو مضموني مواد تي عبور رکڻ ۽ تدريسي طريقن ۾ مھارتون رکڻ جي آڌار تي تعليمي عمل / سکيا جي عمل کي اثرائتو بنائي ٿو ۽ فرد / علم پرائيندڙ / شاگرد کي ان لائق بنائيندو آھي ته جيئن تعليمي مقصد حاصل ڪري سگھجن.
    تعليم جا اھي چار ئي جزا ھڪ ٻئي تي اثر انداز ٿيندا رھندا آھن. انھن جو پاڻ ۾ گڏيل تعلق ۽ عمل کي ملائي تعليم Education ڪوٺيو وڃي ٿو. ٻين انساني سرگرمين وانگر تعليمي عمل ۾ ھڪ با مقصد گڏيل عملن واري صورتحال آھي. جنھن ۾ تعليمي مقصد ھڪ اھڙو معيار آھي جنھن جو بنياد باقي ٻين تعليمي جزن يعني فردن تعليمي / تدريسي عمل ۽ معلم جي ميلاپ ۽ گڏيل عملن کي پرکيو ويندو آھي.
    ٻين لفظن ۾ استاد، شاگرد ۽ تدريسي عمل ٽنھي جزن جي موزون ميلاپ جي پرک تعليمي مقصد ڪن ٿا. شاگردن ۾ تعليمي مقصدن جي روشنيءَ ۾ گھربل لياقتون ۽ لاڙا پيدا ٿي وڃن ٿا ته تعليمي عمل کي ڪامياب سمجھيو ويندو آھي. ان جي ابتڙ جيڪڏھن شاگردن ۾ گھربل لياقتون ۽ لاڙا پيدا نه ٿي سگھن ته تعليمي عمل ڪامياب ثابت نه ٿي سگھندو.
    تعليم جا مقصد Aims of Education :
    تعليم جي ماھرن تعليم جا ڪيترائي مقصد بيان ڪيا آھن ۽ جدا جدا وقتن تي تعليمي ماھرن تعليم جا جيڪي مقصد پيس ڪيا سي ھيٺ ڏجن ٿا:
    1. فرد کي ھمساز (جسماني ، معاشرتي، ذھني ۽ جذباتي) ترقي ڏيارڻ.
    2. فرد کي مھذب ۽ تربيت يافته بنائڻ
    3. فرد ۾ عملي قابليتن کي اجاگر ڪرڻ.
    4. فرد جي چال چلت ۽ رھڻي ڪھڻي ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ.
    5. فرد جي انفرادي ترقي تي توجھه ڏيڻ.
    6. فرد جي ظاھري توڙي باطني حواسن کي درست ۽ طاقتور ڪرڻ ۽ پورو انسان بنائڻ.
    7. فرد کي روزگار لائق بنائڻ.
    8. فرد جي انفراديت کي برقرار رکندي ان ۾ اجتماعيت واري جذبي کي فروغ ڏيڻ.
    تعليمي مقصد حاصل ڪرڻ وقت ان ڳالھه جو خيال رکڻ گھرجي ته اھي مقصد ڪرداري نوعيت جا ھجن. يعني اھي مقصد شاگردن جي واضع ڪردار جي صورت ۾ بيان ڪيا ويا ھجن. ته جيئن تدريسي عمل جو جائزو صحيح نموني وٺي سگھجي. ڪرداري مقصدن جا ٻه بنيادي مقصد ھيٺ ڏجن ٿا.
    1. ڪرادري مقصد بلڪل واضع ھجن. يعني مقصدن ۾ اھا ڳالھه موجود ھجي ته شاگرد تدريسيعمل جي نتيجي ۾ ڪھڙا ڪھڙا ڪم سر انجام ڏئي سگھندا آھن. اھي ڪرداري مقصد ڳجھا نه ھجن. پر فرد (شاگرد) ۾ گھربل ڪردار کي پختي Concrete انداز ۾ بيان ڪندا ھجن ۽ مشاھدي ۽ پيمائش جوڳي انداز ۾ بيان ڪندا ھجن.
    2. ڪرداري مقصد جو تعين تدريسي عمل کان اڳ ۾ ڪيو وڃي. استاد پھريائين انھن مقصدن کي چٽي نموني مقرر ڪري وٺي. ان کان پوءِ انھن مقصدن کي شاگردن جي ڪردارن ۾ پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف ذريعن ۽ وسيلن جي چونڊ ڪري.
    آمريڪا جي تعليمي نفسيات جي ھڪ ماھر بلوم Bloom تعليمي مقصد بيان ڪندي ڪردار کي ھيٺين ٽن شعبن ۾ ورھايو ويو آھي:
    1. ذھني شعبو Cognitive Domain : جنھن ۾ علم ادارڪ Perception فڪر Thinking ۽ مسئلي جو حل شامل آھي.
    2. حسي شعبوAffective Domain : جنھن ۾ رويا Attitudes ۽ قدر Values ۽ محرڪMotives شامل آھن.
    3. نفسي تعرڪ وارو شعبوPsychomotor Domain : جنھن ۾ جسماني ۽ ٻيون طبعي مھارتون شامل آھن.
    اسڪولن ۾ گھڻو ڪري ڪارڪردگيءَ جي پيمائش ذھني شعبي جي حوالي سان ڪئي ويندي آھي ان ڪري ھيٺ فقط بلوم Bloom جي پيش ڪيل ذھني شعبن جي سطحن Levels کي بيان ڪيو وڃي ٿو.
    1. ذھني شعبو Cognitive Domain : ان جو ڇھه سطحون آھن.
    2. ڄاڻ Knowledge : ڄان اھو درجو آھي جنھن ۾ معلومات حاصل ڪئي وڃي ٿي. ان ۾ وڏي ۾ وڏو عمل دخل ياد Memory کي ھوندو آھي. اھو ذھني تعليم جو سڀ کان گھٽ درجو آھي.
    3. فھم Comprehension : ان درجي ۾ ڪنھن شيءِ متعلق معلومات (عام) جا تفصيل شامل آھن. ان ۾ ترجمون يعني ھڪ ٻولي مان بي ٻوليءَ ۾ اظھار ڪرڻ، سمجھائڻ يعني ان شيءِ جي معنيٰ معلوم ڪرڻ ۽ ڪنھن شيءِ بابت اڳ ڪٿي Prognosis شامل آھي. اھو ڄاڻ کان مٿاھون درجو آھي. پر سجھه Insight جو گھٽ ۾ گھٽ درجو آھي. استعمال ڇنڊ ڇاڻ (ڇيڊ) ترڪيب ۽ جائزي ۾ ڏاڪي به ڏاڪي سجھه جو درجو مٿاھون ٿيندو ويندو آھي.
    4. استعمال Application : ان ۾ حاصل ٿيل مجرد ڄاڻ Abstract Knowledge ۽ فھم کي پختي Concrete طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. يعني معلومات جي مدد سان نيئن معلومات حاصل ڪرڻ ۽ روزاني زندگيءَ مان مثال ڏيڻ شامل آھي. يعني شعبي جي ھيءَ سطح فھم کان مٿاھين آھي.
    5. ڇنڊ ڇاڻ / ڇيڊ Analysis : ڇيڊ ذريعي ڪنھن شيءِ کي ٽڪرن ۾ ورھايو ويندو آھي يعني ان شيءِ جي جزن کي الڳ الڳ ڏٺو ويندو آھي. ۽ انھن جزن جو ھڪ ٻئي سان گڏيل تعلق به ڏڍو ويندو آھي.
    6. ترڪيب Synthesis: ان سطح تي ڇنڊ ڇاڻ / ڇيڊ کان پوءِ انھن ٽڪرن جزن کي ھڪ ٻئي سان ملائي مڪمل ۽ نئون سانچو تيار ڪيو وڃي ٿو.
    ڪاٿو / تخمينو Evaluation : اھا سڀ کان مٿاھين درجي جي ذھني لياقت آھي ان جي مدد سان ڪنھن شيءِ متلق اھو فيصلو ڪيو ويندو آھي. ته ان جو قدر ڪھڙو آھي ۽ ان جي قيمت ڪھڙي آھي. ان ۾ شاگرد جي سکيا Learning جو جائزو ورتو وڃي ٿو ته اھو ان کي ڪيتري حد تائين دليلن Reasoning سان استعمال ۾ آڻي سگھي ٿو. تعليمي مقصدن کي ڪرداري لحاظ کان بيان ڪرڻ سان شاگردن ۾ گھربل علم، روين ۽ مھارتن جو واضع تعين ٿي ويندو آھي. شاگردن کي اڳ ۾ ئي معلوم تي ويندو آھي ته انھن کان ڪھڙيون توقعات وابسته ڪيون پيون وڃن. ان ڪري انھن ۾ توجھه ۽ دلچسپي قائم رھي ٿي. استادن کي به معلوم ٿي ويندو آھي ته ھو شاگردن ۾ ڪھڙيون ڪھڙيون لياقتون ۽ لاڙا پيدا ڪرڻ گھري ٿو. ان ڪري کيس موزون تدريسي طريقن Teaching Methods جي چونڊ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ تخميني Evaluation ۾ به آساني ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته ڪنھن مضمون جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪورس جي تدريسي مقصدن کي سامھون رکندي آزمائش Test تيارب ڪئي وڃي ٿي. آزمائشون تيار ڪرڻ وقت استادن کي گھرجي ته سوال صرف ڄاڻ ۽ فھم کي جانچڻ لاءِ تيار نه ڪجن، پر گڏو گڏ استعمال ڇنڊ ڇاڻ / ڇيڊ، ترڪيب ۽ تخميني جھڙين ذھني سطحن کي جانچڻ لاءِ ترتيب ڏئي. جيئن شاگردن جي فڪري صلاحيتن ۾ واڌارو اچي در اصل اھو ئي تعليم جو اصل بنيادي مقصد آھي.

    ساٿيو!
    ھي مضمون عبدالغفار گوھر دائود پوٽو جي ڪتاب نفسيات ۽ تعليم ۾ پڙھيو جيڪو سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپيل آھي. سوچيو ڪمپوز ڪري توھان تائين سنڌسلامت جي ذريعي پھچائجي
    (ايس ايم درس درساڻو ڇنو)
     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سائين تعليم بابت پيارو ليک جنهن ۾ نبين ، بزرگن ۽ اڪابرن جا سهڻا قول دعا آهي ته شال الله پاڪ اسان سنڌ واسين ۽ ساري عالم جي انسانن کي صحيح تعليم پرائڻ ۽ سهڻا عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين يا رب العالمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    385
    ورتل پسنديدگيون:
    874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    SSA Thatta USAID Pakistan Reading Project
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    مهرباني سائين
    بس مون صرف ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت جي ساٿين تائين پهچايو۔ اصل محنت عبدالغفار گوهر دائود پوٽو جي آهي۔ مهرباني لک ٿورا۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,814
    ورتل پسنديدگيون:
    27,201
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    علم يعني تعليم بابت اوهان جو هي ليک سچ ته قيمتي ليکن مان هڪ آهي۔ اهو علم ئي آهي جيڪو انسان کي حيوان مان انسان بڻائي ٿو، اهو علم آهي جنهن کي انسان جي ٽين اک سڏيو ويو آهي، اهو علم ئي آهي جيڪو جهالت مان ڪڍي روشني طرف آڻي ٿو۔

    تعليم ئي هن وقت هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن ذريعي سنڌي قوم جي بهتري اچي سگهي ٿي۔ اوهان جون ڳالهيون وڻيون، ڪاش اسان جي رهبرن ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي اها سمجهه اچي ۽ هو تعليم جي حاصلات ۽ سهولتن لاء به ڪي بک هڙتالون ڪن، مظاهرا ڪن۔

    سائنسي ۽ فني تعليم هن وقت اسان جي ضرورت آهي، هن وقت اسان کي سائنس ۾ پي ايڇ ڊي کپن پر اسان وٽ ادبي ميدان ۾ اڻ کُٽ پي ايڇ ڊي هولڊر آهن، اهي به ضروري آهن پر دنيا سان چٽا ڀيٽي لاء اسان کي سائنسي مضمونن ۾ ترقي ڪرڻي پوندي۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. علي رضا جوکيو

    علي رضا جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    51
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    working ngoگڏاپ
    ماڳ:
    گڌاپ ڪراڇي سنڌ gaddap
    تمام بهترين پڙهي ڏاڍدي خوشي سان گڏ تمام گهڻي ڄاڻ ملي اميد تۡه اهڙا قيمتي خزانه ونڊ ڪندا رهندا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    283
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    تمام بهترين ليک آهي ادا توهان جي وڏي مهرباني جو ان کي ڪمپوز ڪري اوهان پيش ڪيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    385
    ورتل پسنديدگيون:
    874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    SSA Thatta USAID Pakistan Reading Project
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    مهرباني
    اصل محنت ۽ داد جو حقدار هن مضمون جو ليکڪ آهي۔ انشا اللۡه پاڻ پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪندا رهنداسين۔ اهڙيون سٺيون شيون دوستن سان ونڊ ڪجن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,873
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    پياري دوست ايس ايم درس جو هي هڪ انتهائي ڪارائتو ليک آهي ۔۔۔۔ جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ ۔۔۔ هن مضمون کي پڙهڻ شروع ڪيو ته پڙهندو ئي رهيس ۽ توڙ پڄڻ سان ايئن لڳو ڄڻ ڪنهن علمي ۽ تعليمي درياهه مان شنان ڪري نڪتو هجان ۔۔۔

    سهڻا دوست لک قرب اهڙي ڪارائتي ليک ونڊ ڪرڻ جا ۔۔۔ تمام سهڻي انداز سان ڪمپوز ڪرڻ تي ٿورائتا ۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    385
    ورتل پسنديدگيون:
    874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    SSA Thatta USAID Pakistan Reading Project
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    مهرباني سائين نثار صاحب۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. alihassanshar

    alihassanshar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 مارچ 2013
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    شاھپورچاڪر
    ADA MUHNJO 12TH ME
    C GRADE AA, AEN
    AAON
    SINDH UNIVERSITY ME
    STUDY KARAN CHAHYAN
    THO.
    TAWHAN MUKHY IHO
    BUDHAYO TA AAON
    KEHRO SHUBO KHANA
    JEKO MUHNJE LAIK B
    HUJY AEN AGTY HALI
    FAIDO B THY?
    TAWHAN J JAWAB
    JO BEHAD INTZAR RAHANDO
    DOSTO...
    03453753996
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو