• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صحت جو خيال ... روشن تارا مان ورتل هڪ نظم

نثارابڙو

نائب منتظم
431592_10151232424968948_2087335571_n.jpg


ٻاراڻي ادب ” روشن تارا“ مان ورتل هڪ نظم

صحت جو خيال
شمشير الحيدري
ٻــــــارو رکو صحت جو خيال،
صحت بنـــــــا جيئڻ جنجال،

صبح اٿڻ سان ڏندڻ ڪريو،
وهنـــجي ڌوتل ڪپڙا پهريو،
وار سنــــواري ٿيــــو نهال..!

نيـــــرن کائــي وڃو اسڪول،
خوب پــــڙهڻ ۾ ٿيو مشغول،
پاس ٿي ڏيکاريو هر سال .. !

منجهنـــد جــــــو آرام ڪريو،
گهر جي ڪم جو ڌيان ڌريو،
شام جـــو کيڏو بيٽ ۽ بال ..!

سج لهــي ته پڙهڻ تي ويهو،
“هوم ورڪ” سڀ پورو ڪريو،
ڪـــريو پورو هـــــر سوال ...!​
 
روشن تارا گيت اصل ۾ سنڌ گريجوئيٽش جي اسڪولن جي سسٽم روشن تارا اسڪولس لاء لکيل سائين شمشير جي سکيا ۽ نصيحت ڀرين ٻولن تي مشتمل ڪتاب آهي۔ اسان وٽ وڏا اديب ٻارن لاء لکڻ پسند ناهن ڪندا، پر منهنجي نظر ۾ سائين شمشير وڏن اديبن ۽ شاعرن کان به وڏو هو، جيڪو ٻارن لاء به سهڻا گيت لکندو رهيو۔
 
Back
Top