اڄوڪو ڏينهن 5 نومبر تاريخ جي دري مان

'نومبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 5 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    5 نومبر1895ع ڪراچي جي پهرين ميئر قاضي خدا بخش جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5 نومبر 1899ع سگهڙ پريل لاڙڪ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5 نومبر 1905ع اردو جي ليکڪ، انجمن ترقي پسند مصنفين جي باني ۽ مارڪسٽ ليڊر سجاد ظهير جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5 نومبر 1919ع شاعر ارجن سڪايل (سڌوجا / الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5 نومبر 1919ع شاعر ڪريم بخش گهايل (نئون ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5 نومبر 1921ع شاعر مرليڌر سکواڻي (سنڌ / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5 نومبر 1925ع نامياري وڪيل ۽ تعليمدان احسان علي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5 نومبر 1932ع شاعر افضل مصرپوري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5 نومبر 1933ع ناليواري اديب ۽ ليکڪ غلام رباني آگري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5 نومبر 1953ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ليکڪ اياز ڀاڳت جو جنم ڏينهن آهي.
    5 نومبر 1961ع ليکڪ فتاح صالح ڪاڪيپوٽو جو جنم ڏينهن آهي
    5 نومبر 1964ع اداڪاره زيبا بختيار جو جنم ڏينهن آهي.
    5 نومبر 1970ع ليکڪ نياز تنيو جو جنم ڏينهن آهي
    5 نومبر 1988ع ڪرڪيٽر ورات ڪوهلي جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    5 نومبر 1920ع شاعر ڀوڄراج چانڊومل موٽواڻي جي ديهانت ٿي.
    5 نومبر 1929ع ناليواري عالم ۽ اسڪالر مولانا تاج محمد امروٽي جي وفات ٿي.
    5 نومبر 1961ع لاڙڪاڻي جي سياسي ۽ صحافتي شخصيت ڪامريڊ علي محمد عباسي جو انتقال ٿيو.
    5 نومبر 1971ع مذهبي اسڪالر مولانا مير محمد جتوئي انتقال ڪري ويو۔
    5 نومبر 1983ع شاعر ولي بخش راڄڙ جي وفات ٿي.
    5 نومبر 2009ع شاعرآصف مٺياڻوي دل جي دوري سبب لاڏاڻوڪري ويو
    5 نومبر 2011ع سنڌي ڊرامن جي مشهور اداڪاره قمر النساء هَڪڙو جو ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب انتقال ٿي ويو
    5 نومبر 2012ع اسٽيج جي مزاحيه اداڪار ۽ گلوڪار سڪندر صنم جي وفات ٿي.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏5 نومبر 2014
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 5 نومبر 1996ع تي صدر فاروق احمد لغاري آئين جي 17هين ترميم جو استعمال ڪندي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو۔​
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Moazzam baloch

    Moazzam baloch
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2012
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    اج
    اج تاريخ کي اسين ياد ڪنداسين تا صبحاڻي اسانکي ياد ڪندي. تمام وڏي جاکوڙ سليمان وساڻ صاحب جن جي“
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو