ٿلهي ٿيڻ لاءِ نسخي جي ڳولا

'ڪهاڻيون' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ٿلهي ٿيڻ لاءِ نسخي جي ڳولا
    ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
    مان ارڙهن سالن جو لَئي جي چهبڪ جيان سنهڙو سيپڪڙو ماڻهو آهيان، تنهنڪري ٿلهي ٿيڻ جا خيالي پلاءَ پچائي... کائي... پوءِ هي گيت ڳائيندو آهيان: سنهڙا ماڻهو سهڻا، جي لڪڻ جيان لچڪن، پير تن جا پتڪڙا، جي جتيءَ ۾ جرڪن. جڏهن ڏٺم ته ٿلهي ٿيڻ جا خيالي پلاءَ پچائي... کائڻ جي باوجود متارو ڪونه ٿو ٿيان، تڏهن سوچيم ته شهر جي سڻڀن ستابن ماڻهن کان سندن ٿلهي ٿيڻ جو راز پڇان، سو ڊوڙندي وڃي شهر جي ڊاڪٽر جي در جي گھنٽي وڄايم: ٽون... ٽر... ٽون. ڪجھ دير کان پوءِ در مجھان هڪ سٻر پيٽ ظاهر ٿيو ۽ هيترڙي ننڍڙي منڍي.
    ”سائين سلام عليڪم.“ تڪڙ ۾ سلوٽ واري انداز ۾ هٿ نراڙ تائين مٿي ڪري، حسرت وچان سندس سٻر پيٽ ڏسندي، ان تي هٿ رکيم. ڊاڪٽر اها اڇل کاڌي ڄڻ اوچتو سندس پير ڪنهن نانگ تي پئجي ويو هجي. منهنجا تارا حيرت کان ڦاٽي ويا ۽ ڊاڪٽر جون اکيون ڪاوڙ کان ڳاڙهيون جهڙو اڱر.
    ”سائين... سائين، توهان ڏسو ٿا، هي منهنجو پنهنجي ٻانهن جهڙو بدن سائين... سائين توهان ٿلها ڪيئن ٿيا آهيو؟“ مون پنهنجي حيرت هڪ ڳيت سان ڳڙڪائي ڊاڪٽر کان پڇيو.
    ”بدتميز، لچ، لوفر، ڀڄي وڃ منهنجي نظرن سامهون، چڪ هڻي ڪيانءِ نه پورو.“ ڊاڪٽر ڪاوڙ وچان ڏند ڪرٽيندي چيو.
    ”اڙي مان ڄاڻان ٿو ته موسو ڪاسائي توکي روز ٻه سير ڇيلي جو گوشت موڪلي پاڻ بيمار رڍون وڪڻندو آهي. تون پاڻي جي سُئي هڻڻ جا چار رپيا ۽ مٺائي جي رنگين مڪسچر جا ٽي رپيا وٺندو آهين. مون کي خبر آهي ته تنهنجو پيٽ حرام جي ڪمائي جو قبرستان آهي. مان هي ٿو وڃان.“ ۽ جيڪڏهن ٽپو ڏئي کڙيءَ تي زور نه ڏيان ها ته سندس لپاٽ گھٽ ۾ گھٽ ڪلواڙا ضرور ڦيري ڇڏي ها.
    ڊڪندي ڊڪندي ڪپڙي جي وڏي واپاريءَ سيٺ گرمکداس جي هٽ تي چڙهي ويس. سوا ست منٽ کن سهڪندو رهيس ۽ پوءِ عجب وچان تارا ڦاڙي ڏسندڙ سيٺ جي چٻري جهڙين اکين ڏانهن آڱر وڌايندي چيم، ”تارا ته نه ڦوٽار، ماڻهو آهيان، گڏهه گھوڙي جو پڇ ڪونه آهيان، تو کان ٿلهي ٿيڻ جو راز پڇڻ آيو آهيان. ٻيو مڙئي خير آهي، ڀولو پهلوان جا پٽ.“
    ڀَــوَ ۾ سيٺ اکيون بند ڪري جهڙوئي منڍي پوئتي ڪئي، تهڙو ٺڪاءَ ٿي وئي سندس لوٽ سيمينٽ جي ڀت سان (جنهن کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو). کار وچان ٻئي هٿ فرش تي رکي اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين. مان ٽپ ڏئي وڃي در جي ڀرسان بيٺس. ٻئي هٿ چيلهه تي رکي، ڪنڌ چِٻو ۽ اکيون ٽيڏيون ڪري سيٺ کي ڏٺم. ”سيٺ! ڄاڻان ٿو ته تنهنجي پيٽ ۾ اهي رپيا پوريل آهن جيڪي غريبن هڏ هڻي، خون سڪائي، پيٽ کي پٿر ڏئي گڏ ڪيا ۽ تون ٽين رپئين وال وارو ڪپڙو پنجين وڪڻي هٿ ڪيا. جيڪڏهن منهنجو وس پڄي ته پڪڙ کڻي پٽيان تنهنجو گوشت، لعنت آهي تنهنجي ٿولهه تي، ٿلها!“ ۽ جيڪڏهن ائين چوڻ سان ٽپو نه ڏيان ها، ته هن جيڪو سوتلي جو ڍيرو مون طرف ڦٽو ڪيو هو، ضرور منهنجي ڪنهن نه ڪنهن مضبوط پاسري کي سڌو ڪري ڇڏي ها.
    نسخو ته نسخي جي ماڳ، رهندو موچڙا ٿي مليا. منجھي پيس ته آخر ڪنهن جي گھر وڃان. نيٺ هڻي ماري سيٺ نصير ڏي وڃڻ جي سوچيم. هن شخص جي پهرين خاصيت اها آهي ته سندس پيٽ سان گڏ رانون، ٻانهون ۽ منڍي پڻ ٿلهي آهي ۽ ٻي اها ته سندس آواز تمام سنهو آهي، صفا ٻلي جي وات ۾ ڦاٿل ڪوئي واريون چيٽون. کُلي پڌر ۾ کٽ تي ويهي چرس وڪڻندو آهي، پر پاڻ نه ڇڪيندو. هن جا چمچا ٻارنهن آهن ۽ ڇريون ٽي.
    ”وڏيرا صاحب! سلاماليڪم.“
    ”ماليڪم سلام، ماليڪم سلام. ڏي خبر، پيءُ لاءِ چرس وٺڻ آيو آهين ڇا؟“ ٿلهي وڏيري پنهنجي سڪيلڌي سنهي آواز ۾ پڇيو. مون کي اصل چوچڙي وچڙي وئي.
    ”چرس!؟ چرس ڇڪي تنهنجو پيءُ، تنهنجو ڏاڏو، تنهنجو تڙ ڏاڏو، ٿلها ڀوڪ بصر، مان ته تو کان ٿلهي ٿيڻ جو نسخو پڇڻ آيو هيس.“ اوچتو کنڀڙاٽي ۾ عقاب وارو چنبو کتل پاتم. وڏيري جي چمچي پڪڙيو هو. منهنجون وايون بتال ٿي ويون. ٻه ٽي ٺينگ ڏنم، پر اڇل سان گڏ وڃي وڏيري آڏو ڪريس. وڏيري ڄنگھ ورائي منهنجن ڪلهن تي رکي ڇڏي.
    ”وڏيرا! او هو، وڏيرا، اڙي هيءَ ڇپ ته لاهه، اڙي مري ويس، اي لي ڙي! ابا ڙي!“ وٺي جو رڙيون ڪيم ته وڏيري سمجھيو ته شايد ڇورو ٿو مري، تڪڙ ۾ ڄنگھ کڻي مٿي ڪيائين. مان ٺينگ ڏئي وڃي پري بيٺس.
    ”هينٺ ٿي، مان تو کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو، تون ديهان، هارين جي رت جي ڪمائي شراب ۽ رنڊين تي وڃائيندو آهين. خدا ڪندو تنهنجو پيٽ ڦاٽندو ۽ شهر جا ڪتا شراب پيندا.“ زور مان جو ڀڳس، ته وڃي مُلي جي در تي بيٺس.
    هي ملان اسان جي شهر جو متارو ماڻهو آهي، سڄو ڏينهن ڪمري ۾ اندر ويٺو هوندو آهي. تعويذ به اتي ئي لکندو ته ٽوڻا ڦيڻا به اتي. ٻڌو هيم ته ستاويهن سالن جي اڻ پرڻيل عورت جڏهن جنن جي سبب رڙيون ڪوڪون ڪري رهي هئي ته تڏهن هن ئي سندس جن ڀڄائي دنيا مان غائب ڪري ڇڏيو. پر جن به دنيا ۾ ساڳي عورت ڳولي لڌي، پندرهين ويهين ڏينهن وٺ پڪڙ ڪندو رهيو، هن جي تعويذن ۾ اهو اثر هو جو بي اولاد عورت کي اولاد ٿيو، جيڪو ننڍي لاءِ ئي پينگهي ۾ اونڌو سمهندو هو. در کي ڌڪو ڏئي اندر گھڙي ويس، ملان سامهون ويٺل عورت جي منهن ۾ وات سان هوا جون ڦوڪون هڻي رهيو هو. مون کي ڏسي ڇرڪ ڀري پوئتي ٿي ويو.
    عورت ويچاري هيسيل، هٿ ٻڌي، اکيون بند ڪيون ويٺي هئي. مون کي ڏاڍي باهه وٺي وئي. رڙيون ڪري ملان کي چيم، ”ملان! تون حرام جون ٽڪيون ۽ مفت جا حلوا کائي ٿلهو ٿيو آهين. ٽوڻن ڦيڻن مان خوب پيسو ڪمايو اٿئي. جيڪر منهنجو وس پڄي ته تو کي جيئري ڪتي جي پيت ۾ وجھي ڇڏيان.“ عورت رومڙ پائي مون طرف ڊوڙي، مان سٽ ڏئي ٻاهر نڪري آيس.
    سوچيم: ”هي عورتون پاڻ ئي حرامزاديون آهن، نه ته ملن جو ڪهڙو وس، ۽ پوءِ گھٽي ۾ ڊڪندو، گھٽيءَ مٿان گھٽي لتاڙيندو ويس ۽ پوءِ هڪڙي گھٽيءَ مان مڙندي... ايندڙ واٽهڙو سان ٽڪر ٿي ويو! هو ۽ مان ٻئي هيٺ. تڪڙ ۾ اٿي ڏٺم. اڙي کٻڙ موالي، صفا مان جهڙو سنهڙو همراهه، نشي ۾ ڌت.
    ڪِرندي ئي مون کي ڏٺائين، ”اڙي قاسو جا پٽ، نه ويندين. مون کي ڏيڍ رپيو ڏي، منهنجو نشو ٽوڙي ڇڏيئه.“ آءٌ ٿو وٺي ڀڄان. اڳيان مان، پويان کٻڙ، وڪڙ مٿان وڪڙ، آخر گوهي ڪري کٻڙ کان ڀڄي وڃي شهر نڪتس... ۽ اوچتو بيهجي ويس. منهنجا تارا حيرت مان ڦاٽي ويا، ننڍڙي گاڏي ۾ ويٺل منڊي فقيرياڻي! اٺ مهينا اڳ ان فقيرياڻي کي ڏٺو هيم، صفا سنهڙي جهڙو مان، پر هينئر ته هوءَ ڏاڍي ٿلهي ٿي لڳي، ڄڻڪ سڄي جسم تي ڏينڀن ڏنگيو هجيس، ۽ ساڳيو ئي پوڙهو فقير رسي سان گاڏڙي کي گهليو ٿي ويو.
    واهه، واهه، منهنجا ته مزا ٿي ويا. هوءَ به سچي، مان به سچو، هاڻي ان کان نسخو پڇڻو آهي. ڪراڙي فقير کي ڪيئن پاسيرو ڪيان جو ڇوريءَ کان نسخو پڇان؟ پوءِ منهنجي کوپڙيءِ ۾ هڪ ڳالهه سُجھي آئي، ڊڪ ڀريم گھر ڏانهن.
    ”امڙ، مٺڙي امڙ، مون کي ڏهين جو نوٽ ڏي، صرف چار آنا کپائيندس، باقي پيسا موٽي ملندءِ.“ امڙ کي ٻانهن ۾ چمبڙي چيم، ”وارو ڪر، نه ته منهنجو ٻيڙو ٻڏو.“
    امڙ تڪڙ ۽ بدحواسيءَ ۾ ڀڳل چاڏي مان اٽي ۾ پوريل ڏهين جو نوٽ ڪڍي ڏنو. مان اهو ٿو وڃان.
    سج لهي چڪو هو. منجھند لاڪون ڊڪ ڊوڙ ڪئي هيم. مون فقير جو سندس جھوپڙي تي اڳ جھلڻ مناسب سمجھيو ۽ وڃي اتي بيٺس. فقير جي جھوپڙي ڳاڙهي بازار جي هڪ گھٽيءَ اوريان هئي. خوف پئي ٿيو ته ڪٿي هن طرف ”ڀُل“ ۾ آيل ڪو ”شريف“ ماڻهو ڏسي نه وٺي، ۽ ڪري نه شهر ۾ شهرت، اڙي قاسو جو پٽ چڪلي ۾. ٿوريءَ دير ۾ فقير گاڏي گهليندو اچي جھوپڙيءَ جي در تي بيٺو. مون وڌي وڃي سندس هٿ ۾ ڏهين جو نوٽ ڏنو ۽ چيم، ”فقير چار آنا کڻ خيرات جا، باقي پيسا موٽائي ڏي.“ فقير ۽ ڇوڪري ٻنهي ڇرڪ ڀريو. فقير نوٽ کي مٺ ۾ ڀڪوڙي مون کي دوڏا ڦاڙي گھورڻ لڳو. سندس منهن مان حسرت ۽ حوس صاف جھلڪي رهي هئي. ڇوڪريءَ جي ٻوٿ تي وائڙپ ۽ قَرب پکڙجي ويو. فقير نوٽ اٿل پٿل ڪندو، تڪڙو تڪڙو اڳتي گهٽي ۾ مڙي ويو. سوچيم ته ان کان اڳ جو فقير پيسا مٽائي موٽي اچي، ڇوڪريءَ کان نسخو پڇي وٺان. گوڏن ڀر وڃي ڇوڪري جي اکين ۾ ڏٺم. سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا. مان ڪجھ دير لاءِ وائڙو ٿي ويس. تڪڙ ۾ چيم، ”تنهنجو گوشت لاهي کائي ڪونه ويندس. تنهنجي ٿولهه توکي نبيهه هجي. مون کي رڳو اهو ٻڌاءِ ته تون اٺن مهينن ۾ ايتري ٿلهي ڪيئن ٿي وئي آهين؟“
    ڇوڪري ٻئي ٻانهون اکين تي رکي اچي سڏڪن ۾ پئي. منهنجا حوصلا خطا ٿي ويا. ٻئي هٿ گاڏڙي جي ڪنڊن تي رکي چيم، ”مون کي سمجھ ۾ ڪو نه ٿو اچي ته تون روئين ڇو پئي؟ فقير اجھو ڪي اجھو پيسا مٽائي آيو. مون کي پنهنجي متاري ٿيڻ جي مام پروڙي ٻڌاءِ، ڏسين ٿي ته مان ڪنگلي جا ڪهڙا حال آهن.“
    ڇوڪريءَ ڏانور جيڏا تارا ڦاڙي مون کي گھوريو ۽ پوءِ سڏڪا ڀريندي چيائين، ”ڇا چيئه، پيسا... مَٽائي ايندو؟ فقير ته ... ويو وڏيري وٽ چرس ڇڪڻ، رات اتي رهندو. هو ته ... هو ته توکي منهنجو گراهڪ سمجھي هليو ويو. مان ... مان ٿلهي ناهيان، مون کي ستن مهينن جو پيٽ آهي.“
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو