780 اٽيچمينٽ ڏسو اداڪاره قمرالنساءِ هڪڙو : ورسيءَ جي مناسبت سان اداڪاره قمرالنساءَ هڪڙو 14 اپريل 1963ع تي مديجي ڀرسان ڳوٺ هڪڙا ۾ قادر بخش هڪڙو جي گهر ۾ پيدا ٿي جيڪو بچاءَ بند تي آهي. هُن ميٽرڪ ۽ انٽر ڪراچي مان ڪئي، جڏهن ته گريجوئيشن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. شوبز ۾ اچڻ کان اڳ اداڪاره قمرالنساءَ هڪڙو 5 سال پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهائيندي رهي ان دوران هڪ ڏينهن ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق جي معرفت ٻارڙن جي تقريري مقابلي ۾ حصو ورتو هو. پوءِ 1987ع ۾ پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان تي ڪمپئرنگ ڪرڻ کان فني سفر جي شروعات ڪيائين. ان کانپوءِ ريڊيو تان هن انائونسر، صداڪاري ۽ خبرون به پڙهيون ۽ 1991ع ۾ ريڊيو پاڪستان تان هن کي مڃتا طور بهترين صداڪاري جو ايوارڊ ڏنو ويو. قمرالنساءِ هڪڙو کي پهريون دفعو ريڊيو جو فني معاوضو 145 روپيا مليا هئا۔ اداڪاره قمرالنساءَ هڪڙو هڪ ڏينهن پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تي پنهنجي ڌي کي گهمائڻ وئي اتي سندس ملاقات پروڊيوسر محمد بخش سميجو سان ٿي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن کي پي ٽي وي پاران ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ آئي اهڙي طرح هن پهريون ڊرامو 1987ع ۾ آئينو کان اداڪاري جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ پي ٽي وي جي روش، هٿين گل ميندي، سون ورنيون دليون، گهرڀاتي، نوري ڄام تماچي، ڪوئيٽا سينٽر تان تڪون، ۽ پي ٽي وي جو آخري ڊرامو دادلو ۽ ٻيا ڪيترائي ڊراما شامل آهن جڏهن ته پي ٽي وي علائقائي ايوارڊ ”گهٽن“ ڊرامي تي بهترين اداڪاري تي ڏنو ويو جڏهن ته ڪي ٽي اين تان پهريون ڊرامو گونج ۽ آخري ڊرامو ڪائنات ڪيو. ان دوران هوء بيمار ٿي پئي ۽ سندس مرضجي سڃاڻپ ڪينسر طور ٿي. ڪينسر جي موذي مرض سان اڍائي سال جهيڙيندي رهي، علاج مهانگو هئڻ ڪري هوءَ پنهنجو مڪمل علاج نه ڪرائي سگهي، 5 آپريشن مان صرف 2 آپريشن ڪرائي سگهي هئي. وڌيڪ پئسا نه هئڻ ڪري گهر ۾ لاچار ۽ بي وسي واري زندگي گذاريندي 5 نومبر 2011ع تي سندس ساهه جو سڳو ڪراچي ۾ سندس گهر ۾ ٽٽي پيو. ____
قمرالنساءِ ھڪڙو : سدائين مرڪندڙ اداڪاره سيد يار محمد شاهه شوبز ۾ جيترا به فنڪار ۽ فنڪارائون منهنجي واسطي ۾ يا منهنجي ساروڻين ۾ ساٿ رهيا، تن جو ذڪر ڪندو رهيو آهيان، پوءِ جنهن جون جيتريون يادگيريون اچن ٿيون، اهي پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، پر اها ڳالهه حقيقت آهي ته هر فنڪار جي باري ۾ جڏهن کان هو فنڪار ڪو نالو ڪمائي ٿو يا ڪو يادگار ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ شهرت ماڻي عوامي فنڪار ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ئي ان جي باري ۾ اخبارن، رسالن ۽ ٽيليويزن تي سندس انٽرويو ايندا رهندا آهن، جن ۾ سندن ڄمڻ کان مرڻ تائين جو سفر شامل هوندو آهي، ۽ مون اڳ به اعتراف ڪيو آهي ته مونکي سن ۽ ڊرامن جا نالا پوري طرح ياد نه ايندا آهن، ان ڪري ڪيترن دوستن جي ساروڻين ۾ انصاف نه ڪري سگهندو آهيان، پر هر ڪنهن جو پاڻ تي حق سمجهي سندن مون سان وابستگي ۾ گهاريل گهڙن جو ذڪر ضرور ڪندو آهيان، جتي ڪراچي ٽيليويزن جي سنڌي پروڊيوسرن کي پنهنجي فن جي گهر جا وڏا ۽ بزرگ سمجهندو آهيان، ته اتي مڙني فنڪارن کي ان گهر جو ڀاتي به سمجهندو آهيان، گهر ڀاتين سان رسڻ ۽ پرچڻ ٿيندو ئي رهندو آهي. انهن فنڪارن ۾ قمرالنساءِ هڪڙو به شامل رهي آهي، جنهن سان ڪڏهن به ڪنهن فنڪار جو رسڻ يا جهيڙو جهٽو مونکي ياد نه آهي. مرحومه پنهنجي اڌ جواني گهاري پوءِ ڪراچي ٽيليويزن جي اداڪاره بنجي سامهون آئي، ان کان اڳي هوءَ ريڊيو، صداڪاري ۽ هڪ سرڪاري نوڪريءَ سان پنهنجو ڪٽنب پاليندي هئي. هڪ نياڻي، والده ۽ هڪ ڀاءُ کي ماءُ پيءُ بنجي، پورهيا ڪري پاليندي رهي ۽ هر طرح سان سندن خدمت ڪيائين. نياڻيءَ جي شادي ڪرايائين ۽ ڀاءُ کي نوڪري ڏياريائين. سندس ڀاءُڪيترن سنڌي ڊرامن ۾ ننڍا وڏا ڪردار به ادا ڪيا. منهنجي ساڻس ملاقات مرحوم محمد بخش سميجي صاحب جي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ دوران ٿي. پاڻ مونکي پهرئين ملاقات ۾ تمام گهڻي عزت ڏنائين ۽ جنهن پنهنجائپ جو رشتو جوڙيائين، اهو مرڻ تائين قائم رکيائين. مونکي ياد ناهي ته ساڻس ڪيترن ڊرامن ۾ گڏ ڪم ڪيو، جن ۾ اردو ۽ سنڌي ڊراما شامل آهن. ڪڏهن هوءَ منهنجي گهر واري، ڪڏهن خاندان واري ٿيندي رهندي هئي. ساڻس سميجو صاحب جي اردو ڊرامي ”انتها“ ۽ مزاحيه سنڌي ڊرامي ”دادلو گهوٽ“ ۾ ڪيل ڪردار هميشه ياد رهندا. هوءَ هر قسم جا ڪردار وڏي اعتماد ۽ سنجيدگيءَ سان ڪندي هئي، چاهي اهي سنجيده هجن يا مزاحيه. ”انتها“ دوران اسان جي دوستي ايڏي گهري ٿي جو هڪ ٻئي جا ڏک سور به هڪٻئي سان ونڊيندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ به هن کي پيٽ ۾ السر جي بيماري هئڻ ڪري ڪيترا دفعا اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پيو هو، سندس دوستن ۾ اسان جو پيارو دوست ذوالفقار عباسي جيڪو هن وقت ايس ڊي ايم آهي ۽ ان وقت هو مختيار ڪار هو ۽ وڏو فنڪار نواز پڻ هو. گهڻا فنڪار سندس بيٺڪ تي روزانه ڪچهري لاءِ ايندا رهندا هئا، جن ۾ مون کان علاوه گلاب چانڊيو، منظور مراد، پير معظم، مير محمد لاکو، سميجو صاحب ۽ شفيع محمد شاهه شامل هوندا هئاسين. ذوالفقار عباسي سهڻي شخصيت، سهڻي ڪردار ۽ سهڻي آواز جو مالڪ هو. ان کان علاوه خوبصورت شاعر به، انهن سڀني دوستن جي خدمت مرحومه قمر النساءِ هڪ دوست ۽ هڪ بزرگ جي حيثيت ۾ ڀرپور انداز ۾ ڪندي هئي ۽ اسان به کيس عورت نه بلڪه مرد سمجهي هجتون ڪندا هئاسين. مرحومه انيڪ سنڌي اردو ڊرامن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا. مون سان گڏ اردو ڊرامن ۾ ڪاظم پاشا جي گهڻن سيريلن ۾ گڏ ڪم ڪيائين، ۽ پنهنجي سٺي اخلاق ۽ اداڪاريءَ جي ذريعي اردو پروڊيوسرن وٽ به پنهنجو سٺو مقام قائم ڪيائين. جيتوڻيڪ کيس عزت سان بڪنگ ڏيڻ وارن ۾ پروڊيوسر هارون رند، بيدل مسرور، سميع بلوچ، بادل جمالي ۽ ٻيا به شامل هئا، پر هوءَ هميشه سميجي صاحب سان ئي ڏک سور ونڊيندي هئي، مرحوم به سندس هر ڏک سک ۾ کيس ڪم ايندو رهندو هو. ڪردارن جي حوالي سان ڪڏهن به ڪنهن کي به ڪو شڪايت جو موقعو نه ڏنائين. سٺن ڪردارن لاءِ پي ٽي وي ايوارڊن ۾ سندس نامزدگي به ٿي پر بهترين اداڪاره جو ايوارڊ نه ماڻي سگهي، ڇو ته اسان وٽ اهوئي تصور آهي ته بهترين اداڪاره ۽ بهترين اداڪار ڊرامن جا هيرو ۽ هيروئن ئي هوندا آهن. قمرالنساءِ هَڪڙو اسان جي ناٽڪ رنگ ۾ شهزادي، روشن عطا، قيصر نقوي، ممتاز ڪنول، سڪينه سمون کان پوءِ هڪ ڪامياب سنڌي اداڪاره طور پاڻ کي مڃرائڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿي، ۽ سندس ڪيل سنڌي ۽ اردو يادگار ڪردار اڄ به ڏسندڙن کي ياد آهن ۽ هميشه ياد رهندا. سميجي صاحب جي نامور سيريل ”ڪونج“ ۾ مون سان گڏ آئوٽ ڊور ۾ سعيد آباد ۾ سائين پير مظهر الحق راشدي، جنهن کي سنڌي شوبز جو ”گاڊ فادر“ به چئجي، ان جي بنگلي تي رهڻ دوران هن پنهنجي ڪردار سان اتي موجود سڀني ميزبانن، ڏسندڙن ۽ ڊرامي جي ٽيم سان اهڙو اخلاقي ورتاءُ ڪيو، جو سڀ کيس عزت سان ميڊم ميڊم چوندا هئا، ۽ سائين مرحوم پير مظهر الحق ۽ سندس فرزند مرحوم امداد شاهه راشدي کيس پنهنجي ٻچن ۾ به وٺي ويندا هئا، ۽ هوءَ سنڌ جي ثقافت جا سڀ سر سمجهندي هئي، ان ڪري تحفن جو ڏيڻ وٺڻ به سندس خوبين ۾ شامل هوندو هو. هن ڪڏهن به ڪنهن فنڪار جي دل تي اهو اثر نه ڇڏيو ته هوءَ ڪنهن کي گهٽ ۽ ڪنهن کي وڌ عزت ٿي ڏئي. هوءَ سڀني کي عزت ۽ پيار دل سان ڏيندي هئي. مون سندس صلاحيتن کان فائدو وٺندي جڏهن به کيس پنهنجي ڪنهن پراجيڪٽ ۾ موقعو ڏنو هوندو، ته هن منهنجي سٺي ساٿيءَ ۽ ٻانهن ٻيليءَ هئڻ جو ثبوت ڏنو هوندو. هن مونکي هميشه هڪ سٺي دوست ۽ باعزت فنڪار جي حوالي سان ساٿ ڏنو، جيڪو سدائين ياد رهندو. جيئن ته سنڌي فنڪار سڀئي ڏات وارا فنڪار آهن، ڪنهن به اسڪول ۽ اڪيڊميءَ مان تربيت يا سند حاصل ڪيل نه اٿن، پر پوءِ به دنيا ڏسي رهي آهي ته هر سنڌي فنڪار جنهن کي، جڏهن به سندس معيار مطابق موقعو مليو هوندو، ته هن پنهنجي ڪردار کي نيچرل انداز ۾ نڀايو هوندو. اهڙي طرح قمرالنساءِ به چاهي شهري ڪردار ڪري يا ٻهراڙيءَ جا ڪردار ڪري پر هوءَ هر ڪردار ۾ منڊيءَ تي ٽڪ برابر هوندي هئي. هن کي اچانڪ پنهنجي شديد بيماريءَ جي ڪري ايڏو لاچار ۽ بي وس ٿيڻو پيو جو بيماريءَ دوران ڪجهه فنڪارن سندس لاءِ ثقافت کاتي کان امداد جا مطالبا ڪيا هئا، پر هن ڪڏهن به ڪنهن کي به پنهنجي خطرناڪ بيماري ۽ پسمانده معاشي زندگيءَ جو ڏک نه ڏسيو. هميشه مسڪرائيندڙ چهرو سڀني جو وڻندڙ چهرو اچانڪ اسان مان هميشه لاءِ هليو ويو، پر هن جون يادگيريون، هن جا يادگار ڪردار هميشه سنڌي شوبز جي تاريخ ۾ ياد رهندا.جيتوڻيڪ ثقافت کاتي ۽ ڪراچي ٽيليويزن جي بااختيار فردن اڳيان اسان هميشه ههڙن فنڪارن جا ڏهاڙا ملهائڻ ۽ سندن پونئيرن کي سنڀالڻ جون صلاحون ڏيندا رهندا آهيون، پر هميشه جيان انهن ادارن ۽ انهن جي سرواڻن تي اسان سنڌي اداڪارن ۽ اداڪارائن جي باري ۾ شايد اهو تاثر پڪو ٿي ويو آهي ته سنڌي اداڪار سنڌي ثقافت جو حصو ئي نه آهن، حالانڪه اڳوڻي سيڪريٽري شمس جعفراڻي جي دور ۾ شفيع محمد شاهه ۽ ٻين کي ڪجهه مالي سهائتا ڪئي وئي هئي پر هاڻ سنڌي اداڪارن سان ڪابه همدردي يا ڪو به ڏهاڙو ملهائڻ انهن جي بجيٽ ۽ پروگرام ۾ ئي شامل نه آهي. پر اردو وارا پنهنجن بيمارن اداڪارن ۽ مري ويلن جي پوئيرن جي تمام گهڻي خدمت ڪندا آهن. سنڌي ثقافت جو کاتو اڄڪلهه ڪيترن نامور ليکڪن جي ورسين بابت وڏا وڏا اشتهار ڏئي، سنڌي ثقافت کي پروموٽ ڪرڻ جي نالي ۾ ئي خدمت ڪرڻ جي هلت هلي رهيو آهي، شايد ميڊم سسئي پليجو ۽ سندس سيڪريٽري عقيلي صاحب جن ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جو اهوئي طريقو بهتر سمجهيو آهي، جڏهن ته سنڌ جي ثقافت اجرڪ، ٽوپي ۽ رلي جو اصل ڪاريگر ۽ اصلي هنرمند پنهنجي موت پاڻ مري رهيا آهن ۽ هي نقلي اجرڪ ۽ نقلي ٽوپي ۽ پرنٽ واري رلي کي پروموٽ ڪندي سنڌ جي ثقافت جي اوسر لاءِ رکيل تمام گهڻو ناڻو ليکڪن جي نالي ۾ ئي خرچ ڪري رهيا آهن. بحرحال جو وڙ جڙئي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.