مُنهنجي ليرون ليرون لوئِي وو (سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي 5 پنجين پيشڪش(

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏29 آڪٽوبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو، ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ پيارا سنڌي سڄڻو ۔۔۔۔جيئي سنڌ
    دوستو ” جمن دربدر“ هڪ اهڙو شاعر، جنهن کي سنڌي قومي شاعري ۽ سنڌي مزاحمتي شاعري جو باني ڪوٺيو ويندو آهي، سنڌ سلامت تان پهريون ڀيرو سندس شاعري سندس زباني توهان جي خدمت ۾ پيش پيو ڪريان ۔ دوستو سنڌ سلامت تان سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي هي 5 پنجين پيشڪش آهي۔لطيف سائين جي سڀ کان وڏي سُورمِي مارئي جي ديس ٿر جو هي قومي شاعر پنهنجي شاعري جو مٺڙن ٻولن ۽ پنهنجي انداز بيان ۾ ڪيترو نه سدا ملوڪ ۽ سُلڇڻو آهي ان جو اندازو توهان پنهنجي هردي ۾ سنڌ مٺيءَ جو درد رکندي خوب لڳائي سگهو ٿا۔ مٺا سنڌي ساڻيهو، سنڌ سلامت جو هي وڊيو ڪلپ به مرحوم نورمحمد نُور سمون جي ملهايل ورسي جيڪا 24 آڪٽوبر 2009 تي سنڌ لاڙ جي محبتي مِٽيءَ واري سرزمين پنگريو ضلع بدين ۾ منعقد ٿي مان نج پج صرف ۽ صرف سنڌ سلامت لاءِ توهان سنڌي سڄڻن لاءِ حاصل ڪيو ويو۔ سنڌ سلامت جي هي پنجين سوکڙي محترم سليم سنڌي سمون ،سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ پنگريو ضلع بدين جي ٿورن ۽ تعاون کان سواءِ حاصل ڪرڻ ناممڪن هُئي۔ هن وڊيو ڪلپ جو ڪئمرا مين : هوسڙي شهر ضلع حيدرآباد کان آيل محترم عبدالغفور سمون آهي، جڏهن ته سنڌ سلامت جو ميمبر محترم محمد جمن شيخ هن وڊيو جو وڊيو ايڊيٽر آهي۔ ۽ هن ڪلپ جي مڪمل ڪرڻ واري ڊائريڪشن مون ناچيز جي آهي۔
    هتان آئون هڪ دفعو ٻيهر ساري دنيا جي سنڌين کي پرزور اپيل ڪندس ته جيڪڏهن انهن وٽ بلڪل اهڙي قسم جا ، ڪي مضمون ، ڪا شاعري، ڪو ليڪچر يا سندن ذاتي وڊيو موجود آهي جيڪو توهان سمجهو ٿا، ته اهو وڊيو محبت سان ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪري سگهو ٿا ته براءِ مهرباني سنڌ سلامت کي ڊونيٽ ڪريو، ته جيئن اسان ان وڊيو جي ايڊيٽنگ ڪري توهان جي ٿورن سان سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ساري دنيا جي مٺڙن سنڌين سان شيئر ڪري سگهون۔

    پيش آهي سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنجين پيشڪس سنڌ جي قومي شاعر محترم جمن دربدر جي خوبصورت شاعري” مُنهنجي ليرون ليرون لوئي وو“ سندس پنهنجي زباني ​




    نوٽ : توهان جي راين ۽ ڪامينٽس جو شدت سان منتظر رهندس۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو