مفاد پرست محبتونايس سرمداڌ ڪلاڪ کان هو گوڏن ڀريو جهڪيو سندس پيرن ۾ ويٺو روئي رهيو هو. هوريان هوريان سندس نڙيءَ مان آواز پئي نڪتو جنهن ۾ رڳو شرمندگي ۽ ندامت جو احساس هو. ۽ هوءَ پيار سان سندس مٿي تي هٿ ڦيريندي پئي رهي. ”مون کان ايڏي وڏي غلطي ڪئين ٿي وئي؟ مون جهڙو بيوقوف ۽ چريو ماڻهو دنيا ۾ نه هوندو، منهنجي اکين تي انڌ جي پٽي چڙهي وئي هئي جو مان ڏسي نه سگهيس ۽ اهڙو ظلم ڪري ويٺس، منهنجو گناهه معاف ڪرڻ جهڙو ناهي، مان سزا جي لائق آهيان.... مون کي توهان سزا ڏيو.... مون کي شهر جي چوڪ تي ٽنگيو وڃي... يا توهان جيڪا سزا پنهنجي مرضي سان ڏيو مون کي قبول آهي.....؟ ڌرتي آسمان هڪ ٿي وڃي ها پر مون کي ائين نه ڪرڻو هو.... توهان جي بي عزتي نه ڪرڻي هئي..... توهان کي گهر مان نه ڪڍڻو هو... هڪ ننڍڙو خسيس پيالو ئي ته ٽٽو هيو، ڪو آسمان ته نه ڪريو هيو.... پر مان ان وقت انڌو ٿي ويو هيم. مون کان توهان جو نيڪيون ۽ ڀلايون وسري ويون هيون.... مون کي ياد نه رهيو هو ته توهان مون کي ماءُ وانگي پالي وڏو ڪيو آهي، ڀلي جنم مون کي منهنجي ماءُ ڏنو هجي پر پالي نپائي وڏو ته توهان ڪيو آ نه...؟ منهنجي لٽي ڪپڙي کان ويندي بوٽ تائين، اسڪول کان ويندي ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ تائين منهنجو خيال ته توهان رکيو آهي نه.....؟ منهنجي ماءُ ته نالي ماءُ هئي.... توهان ته مون کي پنهنجي اولاد کان وڌيڪ چاهيو ۽ پيار ڪيو آهي.... منهنجو ئي ڇا؟ توهان ته ادا نثار ۽ ڪوثر جو به ائين خيال ڪيو آهي ڄڻ اهي توهان جي پنهنجي سڳي اولاد هجي... هاڻي ڀلي اسان وڏا ٿي ويا هجون پر توهان جا احسان سڄي عمر ڪو نه لاهي سگهنداسين..... اڄ جڏهن توهان تڪليف ۾ آهيون، گهر ۾ اڪيلا آهيون توهان جي جسم ۾ طاقت ناهي رهي ته اسان جو ۽ خاص ڪري منهنجو فرض آهي ته هڪ پٽ وانگي توهان جو خيال ڪيان ۽ پنهنجي جنَت کٽان! پر مان ڇا ڪيو ؟ پنهنجي جنَت کي صرف هڪڙي خسيس ۽ معمولي پيالي ڀڄڻ تي گهر مان نڪر ي وڃڻ جو چيو...... نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو..... صد افسوس آهي مون تي.... پنهنجي جنَت کي پنهنجي هٿن سان وڃائي ڇڏيو.... مان وڏو گناهنگهار آهيان.... مون کي خدا به معاف نه ڪندو، جستائين توهان معاف نه ڪندا ۽ مون سان منهنجي گهر هلندا..... اسان کي توهان جي ضرورت ناهي پر توهان کي ته هن ڪراڙئپ ۾ اسان جي ضرورت آهي نه....؟ مان توهان کي اڪيلو ڇڏي نٿو سگهان، بس توهان پنهنجو سامان کڻو ۽ مون سان هلو، منهنجي گهر کي وري جنَت بڻايو ۽ منهنجي ماءُ ٿي رهو.“ هُن سندس وارن مان آڱريون ڪڍيون ۽ پيار سان سندس چهري کي پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جهليو ”مان ڪٿي به هجان، تنهنجي ماءُ آهيان، تنهنجي جنَت آهيان. وقت گذرڻ سان گڏ مون ۾ هاڻي ساڳي طاقت ناهي رهي، ان ڏينهن به مٿي کي چڪر اچڻ ڪري چانهه جو پيالو ڪري پيو ۽ پوءِ...... تون هجين، نثار هجي يا ڪوثر، توهان ٽئي منهنجا آهيو، مان توهان کي ڪنهن به ڳالهه جي ڪري بدعا ڏئي نٿي سگهان. توهان جي ماءُ پيءُ جا مون تي هزارين ٿورا آهن، مان انهن جا احسان سڄي عمر نٿي لاهي سگهان، کڻي توهان جي ڪيتري به خدمت ڪيان، پر هاڻي مان گهڻو ڪم ڪري نٿي سگهان. جسم ۾ طاقت ناهي ۽ عمر به وڌي وئي آهي، مون کي ڇڏ ته هن ڪمري جي ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي خدا کي ياد ڪري زندگي جا ڏينهن پورا ڪيان.“ ”مان توهان کي پنهنجي گهر جي ڪم لئه ڪو نه ٿو وٺي هلان، توهان اهو نه سوچيو ته توهان کي هن عمر ۾ اڃا مان ڪم ڪرائيندس، ايترو بي شرم سمجهيو اٿو ڇا؟ مان توهان جي خدمت ڪرڻ ٿو چاهيان پنهنجي جنَت ٺاهين ٿو گهران، بس هاڻي گهڻو نه ڳالهايو اٿو هلو، مان پنهنجي ڀرسان واري اما جي خالي ڪمري ۾ توهان جي رهڻ جو بندوبست ڪيو آ، سڄي ڪمري جي صفائي ڪرائي ڇڏي آهي. هاڻي تياري ڪيو جيڪو ضروري سامان اٿو کڻو ته هلون گاڏي ٻاهر تيار بيٺي آهي.“ چوڏهين جو چنڊ پنهنجي پوري آب تاب سان آڪاش سان گڏ ڌرتي کي به روشن ڪري رهيو هو. ناهيد وقار جي سيني تي سَر رکي سندس دل جي ڌڙڪن سان سندس ڳالهيون ٻڌي رهي هئي. ”ماسي حوا جي وڃڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي ته سچا نوڪر ملڻ ڪيڏا نه مشڪل آهن، هڪ مهيني ۾ 2 نوڪرياڻيون مٽائي چڪا آهيون، نڀاڳيون رڳو ڪم چور، ۽ کائڻ لئه ائين ڄڻ ايٿوپيا مان آيون هجن. ٻارن جي سنڀال ائين ڪن جو کلندڙ ٻار کي روئاڙي ڇڏين، ٻار انهن جي حوالي ڪري ماڻهو سکَ جو ساهه ئي نه کڻي، سڄو ساهه پوئتي ٻارن ۾ هوندو ته ماڻهو ڪهڙي پارٽي يا ڊنر انجوائي ڪندو؟ ماسي حوا هئي ته ڪو فڪر نه هوندو هو، پر ان ڏينهن هن کي نوڪري مان ڪڍي ڪيڏو پڇتايوسي، پر هاڻي ماسي آئي آهي هاڻي ڪو فڪر ناهي، تون ۽ مان هاڻي ڪاڏي به آزاد گهمي سگهون ٿا، ماسي حوا ٻئي ٻنهين ٻارن سان منهن ڏيندي، نه پگهار جو ڀؤ، نه ڪو ڇڏڻ جو ڊپ، نه ناز نه نخرا، ويچاري رهندو ائين سمجهندي ته اسان هُن جي مٿان احسان ٿا ڪيون. هاهاها!“ ”مان ئي ته توهان کي ماسي حوا کي موٽائي اچڻ جي صلاح ڏني هوئي!“ ”ها سائين! توهان جي صلاح هئي، توهان جي صلاحيتن ۽ خوبين کان مون ڪڏهن انڪار ڪيو آهي؟“ وقار ناهيد کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي. ”بس هاڻي بس! گهڻومکڻ نه هڻو، سمهو هاڻي، سڀائي مجيد صاحب جي پارٽي ۾ به هلڻو آهي.“ ”چڱو سائين ! جئين توهان جي مرضي.“ وقار ٽيبل ليمپ آف ڪندي مايوسي مان چيو. ڀرسان واري ڪمري ۾ ماسي حوا وقار صاحب جي ٻن ٻارن کي سمهارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.