تازه ترين ۽ فعال موضوعن تي اچڻ کان پوءِ سنڌ سلامت جي رڪنن کي اهو ته پتو پئجي ٿو وڃي ته فورم تي نوان موضوع يا جواب ڪهڙا آيا آهن ۔۔۔ پر اڪثر دوست اهو به معلوم ڪرڻ چاهيندا آهن ته سنڌ سلامت تي مجموعي طور ڇا ٿي رهيو آهي۔۔۔ جهڙوڪ۔۔ ڪهڙو رڪن ڪهڙي موضوع ۾ جواب ڏئي پيو۔۔۔ ڪهڙو رڪن ڪهڙي تحرير کي پسند پيو ڪري۔۔۔ ڪهڙو رڪن پنهنجي پروفائيل ۾ تبديليون آڻي رهيو آهي۔۔ ڪهڙي رڪن پنهنجي پروفائيل اسٽيٽس اپڊيٽ پئي ڪيو۔۔۔ مطلب ته سنڌ سلامت تي مجموعي سرگرمي ڇا پئي ٿئي۔۔ ؟ اهو سڀ ڪجهه معلوم ڪرڻ اڳ ئي فورم تي موجود هو۔۔۔ جيڪو هو رڪن مينو منجهان موجوده سرگرمي۔۔۔ پر اڪثر دوست مون سميت ان سرگرمي کي واضح نه هجڻ ڪري ڏسندا ئي ڪونه هيا۔۔۔ ان ڪري دل ۾ خيال آيو ته هن دلچسپ ۽ وڻندڙ فيچر کي لڪايل ڇو رکجي۔۔۔ ان ڪري موجوده سرگرمي بٽڻ کي فورم ٽيب تي رکڻ کانسواءِ مرڪزي صفحي تي پڻ سجائي ويو آهي۔۔ ۽ اهو به سڀ کان وڌيڪ ڪلڪ ٿيندڙ بٽڻ فعال موضوع سان لڳو لڳ ۔۔۔ موجوده سرگرمي صفحي تي اچي توهان سنڌ سلامت جي سرگرمين کي ڏسڻ سان گڏو گڏ کاٻي پاسي سنڌ سلامت جي انهن موضوعن کي به ڏسي سگهندو جن کي فيس بوڪ تي شيئر يا بوڪ مارڪ ڪيو ويو هجي۔۔۔ اهو به تعداد سان گڏ۔۔۔ يقينن دوستن کي سنڌ سلامت جي هن دلچسپ فيچر کي وائکو ڪرڻ پڻ پسند ايندو۔۔۔
سنڌ سلامت جي رڪن ٽيب ۾ موجود “موجوده سرگرمي” آپشن اڃان به موجود آهي... پر هاڻي سنڌ سلامت جي مرڪزي صفحي تي فورم ٽيب تي “سرگرمي” نالي الڳ صفحي جو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ منفرد نظاري سان هڪ وقت مقرر مطابق سنڌ سلامت تي هلندڙ لائيو سرگرمين ۽ انهن جي پري ويو کي پڻ نمايان ڪيو ويو آهي .. ته جئين رڪن سنڌ سلامت جي سرگرمي کي بهتر انداز سان ڏسي سگهن...