قديم احساس جديد روايتون....!

'مختلف موضوع' فورم ۾ غازي حسين طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2012۔

  1. غازي حسين

    غازي حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 نومبر 2012
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    214
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    مخدوم بلاول وليج ڪراچي
    قديم احساس جديد روايتون....!
    آفاق احمد ”آفاق“
    محبت جي عظمت کان انڪاري ڪوبه ناهي. محبت جي ان دلڪش احساس هڪ عرصي کان خود منهنجي وجود تي به حڪمراني ڪئي آهي، پر ڳالهه ڪجي ٿي محبت جي ان رنگ جي جيڪو جديديت اسان کي بخشيو آهي. موبائل فون ڇا آهي؟ هڪ اهڙو جديد اوزار جنهن جي وسيلي ڪنهن علائقي يا جاءِ جي ماڻهن سان ڪم ڪار واسطي رابطي ۾ اچي سگهجي. موبائل فون جي ايجاد پٺيان مقصد به وقت جي بچت ۽ ماڻهن جي سهولت هوندو. هي برقي اوزار محبت، دوستي يا ان جهڙي ڪنهن ٻئي انساني فطرت سان لاڳاپيل احساس جي پرچارڪ ڪرڻ لاءِ ته ايجاد نه ڪيو ويو هو. اسان فطرت کي مصنوعيت جو حصو بڻائڻ لاءِ ڇو بضد آهيون؟ گهڻو اڳ عيدون اينديون هيون. گهڻو پرتي ڪنهن ڏورانهين علائقي ڏانهن ڪو عيد ڪارڊ ايندو هو، جنهن تي لکيل هوندو هو ”اوهان ۽ اوهان جي گهروارن کي مبارڪ“ ان هڪ معمولي ۽ سليس جملي ۾ ڪيتري نه محبت، چاشني ۽ پنهنجائپ هوندي هئي! هاڻ عيد جي اچڻ کان اڳ ئي بار لاهڻ جي غرض کان "Eid Wishes" وارو مئسيج فارورڊ ڪري ڇڏبو آهي. ڏسو ڪيڏي نه سهولت آهي. جديديت جو هي احسان اسان کان ڪيئن وسرندو ته ڪجهه سيڪنڊن جي وقفي سان اسين اهي ۽ ان جهڙا ٻيا پيغام دنيا جي ڪهڙن به ماڻهن ڏي هڪ ئي وقت موڪلي سگهون ٿا. ڪير عيد ڪارڊ وٺي، ڪير انهن تي اهي فرسوده جملا لکي، ڪير پوسٽ جا پئسا ڀري؟ ساڳيو پيغام هڪ ٻن منٽن ۾ جيڪڏهن سڀني کي خوش ڪري سگهي ٿو ته اهڙي فضول تڪليف ڇو ڪجي؟ آئون سوچيندو آهيان تيز رفتار دور جي ان تيز رفتاريءَ ۾ اسين ڪٿي پنهنجو پاڻ پنهنجون ترجيحون، پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت وڃائي ته نه رهيا آهيون؟ جيڪڏهن ها ته پوءِ اسين اڻڄاڻ ڇو آهيون؟ اسان کي احساس ڇو ناهي؟ منهنجي الماري ۾ موجود عيد ڪارڊ، خط ۽ سڪل وڻن جا سڪل پن جيڪو احساس بخشيندا آهن، جيڪا خوشبو ارپيندا آهن، ماضيءَ جا جيڪي لمحا ياد ڏياريندا آهن، ڇا اڄوڪي نسل کي سستي ايس ايم ايس پئڪيج ذريعي موڪليل سستا موبائل مئسيج اهو احساس ڏياريندا هوندا؟ مان سمجهان ٿو ڪڏهن به نه! پارس ۽ پٿر ۾ ڪجهه ته فرق آهي!
    رشتا ۽ رشتن جو احساس اڄ پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو آهي. هڪ وقت هو ماڻهو سالن جا سال گڏ رهندا هئا. مرڻ جيئڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ کائڻ پيئڻ سندن گڏ هو. تڏهن وڃي هڪ ٻئي کي پرکيندا هئا ۽ پوءِ دوستي ڪندا هئا ۽ اڄ دوستيءَ جا پئمانا ڪهڙا آهن؟ ڪنهن به اڻڄاڻ نمبر تان دوستيءَ لاءِ مئسيج ايندو هاڻ هي طريقو بچيو آهي رشتا ٺاهڻ جو؟ جنهن ماڻهو جي فطرت، عادت، خصلت ۽ لهجي کان اوهين واقف ناهيو ان کي سڌي دوستيءَ جي آڇ ڪرڻ احساسن جو موت نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اهو ئي سبب آهي جو اڄ جون دوستيون جٽادار ثابت نه ٿيون ٿين. هي عارضي رشتا پنهنجي عمر جلد ئي پوري ڪري بي موت مري ويندا آهن ۽ پوءِ اسين نڪرندا آهيون ڪنهن نئين دوست جي تلاش ۾ ۽ اسان کي انتظار هوندو آهي ڪنهن اڻڄاڻ نمبر تان آيل نئين مئسيج جو.
    اڻ ڄاڻائي جو اهو عذاب اسين آخر ڪيستائين سهنداسين؟ اسان جي برداشت جو پئمانو نيٺ ته لبريز ٿيندو ته پوءِ نتيجو ڇا نڪرندو؟ اسين ڇو نٿا سوچيون ڇو اٻوجهن جيان ايڪويهين صديءَ ۾ به هٿ تي هٿ رکي ويٺا آهيون؟ ان سوال جو جواب ڪنهن وٽ به ناهي. اسان جو ضمير اسان جو احساس ڪٿي دفن ٿي ويو آهي. سڄي سڄي رات موبائل تي ڳالهائيندي اسان هڪ لمحي لاءِ پوئتي پنهنجي گهر طرف ڇو نه ڏسندا آهيون؟ اهو گهر جنهن ۾ اسان جي ماءُ آهي، اسان جون ڀينرون آهن
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڻ ڄاڻائي جو اهو عذاب اسين آخر ڪيستائين سهنداسين؟ اسان جي برداشت جو پئمانو نيٺ ته لبريز ٿيندو ته پوءِ نتيجو ڇا نڪرندو؟ اسين ڇو نٿا سوچيون ڇو اٻوجهن جيان ايڪويهين صديءَ ۾ به هٿ تي هٿ رکي ويٺا آهيون؟

    هر جديد ايجاد اچڻ سان جتي پنهنجا مثبت ڪم ڏيکاريندي آهي اتي ان جا منفي پهلو به هوندا آهن، پر انسان مثبت گهٽ پر منفي پاسن طرف رجحان وڌائي ڇڏيندو آهي، پوء به محبتون مُيون ناهن، دنيا ۾ اڃان به ڪي رشتا آهن، ڇو ته جڏهن احساس، رشتا ۽ محبتون مري ويون ته اهو ڏينهن شايد هن ڪائنات جو آخري ڏينهن هجياچو ته محبتن جي ڳولا ڪرڻ بدران پاڻ محبتون ورهايون، ڇو ته محبت ورهائڻ سان ئي وڌندي آهي، محبت خريدي سگهبي آ ڇا؟

    ڀاءُ غازي اوهان کي سهڻي سنڌي فورم تي ڀليڪار

    اميد ته هي ساٿ سلامت رهندو، اوهان کي عرض ته تعارف واري سيڪشن ۾ اچي پنهنجو تفصيلي تعارف دوستن سان ونڊ ڪيو، جيئن سڀني دوستن سان اوهان جي ڄاڻ سڃاڻ ٿي سگهي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين محترم غازي حسين صاحب اسلام عليڪم،سڀ کان پهرين سنڌسلامت فورم تي اوهان جي آمد تي ڀليڪار چوان ٿو،ڌڻي در دعاگو آهيان ته الله پاڪ اوهان کي پنهجي حفظ و امان ۾ رکي اوهان کي اها قوت عطا فرمائي جنهن سان حق جي پرچار ٿئي، ايمان جي سلامتي ۽ سنڌ ڌرتي سان پيار جي نسبت مضبوط ٿئي،اوهان جي لفظن ۾ اهو درد سمايل آهي جيڪو هن وقت هر غيرتمند جي دل ۾ دکي رهيو آهي ،پر جيئن ته هن ڌرتي سان وڏي ويساه گهاتي ٿي چڪي آهي ان جي ڪري اسان جي پاڙن کي وڏي چالاڪي سان ڪپڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي پر شايد اهي پوري طرح ڪامياب نه وڃي سگهيا آهن،
    بس ايترو آهي ته اسان جو پاڻ هاڻي محسوس ڪرڻ لڳو آهي ته اسان بيوس بنايا ويا آهيون،
    ايتري سوچ به ڪافي آهي اگر جي هاڻي به اسان سهيڙيون ۽ سنڀاليون ته مان سمجهان ٿو ته مايوسي کان بهتر اميد جي هڪ ڪرڻ به ڪافي آهي جيڪا ڪا دونهي دکائي سگهي ٿي،
    اوهان جي خيالن ۾ ڪيئي راز لڪل آهن اميد ته هن فورم تي پنهجي ڌرتي تي ٿيندڙ وار کي وائکو ڪندي پنهجي ساٿ جو ثبوت ڏيندا
    هن سنڌ سلامت جي ادبي ديني اصلاحي صوفي درويشي درسگاه ۾ ڪي سبق شامل ڪندا جنهن سان اسان جهڙا اٻوجه ڪجهه حاصلات رکن ۽ پنهجي زندگي جي رخ کي ڪا راه ڏئي سگهن ،
    جيڪر اسان ۾ تبديلي اچي ويئي يقين ڄاڻو ته جن دوستن سان منهجي عملي زندگي ڳنڍيل آهي آء انهن کي به بدلائي ڇڏيندس ڇو جو مون انهن جي ڪري پاڻ کي بدلايو هو هاڻي انهن کي منهجي ڪري بدلجڻو پوندو،
    هر ڪو محسوس ڪري ٿو پر الائي ڇو اظهار کان ڊڄي ٿو
    شايد ان ڪري ته متان هي دنيا جون لذتون کسجي وڃن
    پر اهي به ته کسجنديون ٿيون وڃن
    اسان کي توهان جي رهنمائي جو انتظار رهندو
    پنهجي قلم کي جنبش ڏيو ۽ اسان جو حوصلو وڌايو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو