غازي حسين
سينيئر رڪن
قديم احساس جديد روايتون....!
آفاق احمد ”آفاق“
محبت جي عظمت کان انڪاري ڪوبه ناهي. محبت جي ان دلڪش احساس هڪ عرصي کان خود منهنجي وجود تي به حڪمراني ڪئي آهي، پر ڳالهه ڪجي ٿي محبت جي ان رنگ جي جيڪو جديديت اسان کي بخشيو آهي. موبائل فون ڇا آهي؟ هڪ اهڙو جديد اوزار جنهن جي وسيلي ڪنهن علائقي يا جاءِ جي ماڻهن سان ڪم ڪار واسطي رابطي ۾ اچي سگهجي. موبائل فون جي ايجاد پٺيان مقصد به وقت جي بچت ۽ ماڻهن جي سهولت هوندو. هي برقي اوزار محبت، دوستي يا ان جهڙي ڪنهن ٻئي انساني فطرت سان لاڳاپيل احساس جي پرچارڪ ڪرڻ لاءِ ته ايجاد نه ڪيو ويو هو. اسان فطرت کي مصنوعيت جو حصو بڻائڻ لاءِ ڇو بضد آهيون؟ گهڻو اڳ عيدون اينديون هيون. گهڻو پرتي ڪنهن ڏورانهين علائقي ڏانهن ڪو عيد ڪارڊ ايندو هو، جنهن تي لکيل هوندو هو ”اوهان ۽ اوهان جي گهروارن کي مبارڪ“ ان هڪ معمولي ۽ سليس جملي ۾ ڪيتري نه محبت، چاشني ۽ پنهنجائپ هوندي هئي! هاڻ عيد جي اچڻ کان اڳ ئي بار لاهڻ جي غرض کان "Eid Wishes" وارو مئسيج فارورڊ ڪري ڇڏبو آهي. ڏسو ڪيڏي نه سهولت آهي. جديديت جو هي احسان اسان کان ڪيئن وسرندو ته ڪجهه سيڪنڊن جي وقفي سان اسين اهي ۽ ان جهڙا ٻيا پيغام دنيا جي ڪهڙن به ماڻهن ڏي هڪ ئي وقت موڪلي سگهون ٿا. ڪير عيد ڪارڊ وٺي، ڪير انهن تي اهي فرسوده جملا لکي، ڪير پوسٽ جا پئسا ڀري؟ ساڳيو پيغام هڪ ٻن منٽن ۾ جيڪڏهن سڀني کي خوش ڪري سگهي ٿو ته اهڙي فضول تڪليف ڇو ڪجي؟ آئون سوچيندو آهيان تيز رفتار دور جي ان تيز رفتاريءَ ۾ اسين ڪٿي پنهنجو پاڻ پنهنجون ترجيحون، پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت وڃائي ته نه رهيا آهيون؟ جيڪڏهن ها ته پوءِ اسين اڻڄاڻ ڇو آهيون؟ اسان کي احساس ڇو ناهي؟ منهنجي الماري ۾ موجود عيد ڪارڊ، خط ۽ سڪل وڻن جا سڪل پن جيڪو احساس بخشيندا آهن، جيڪا خوشبو ارپيندا آهن، ماضيءَ جا جيڪي لمحا ياد ڏياريندا آهن، ڇا اڄوڪي نسل کي سستي ايس ايم ايس پئڪيج ذريعي موڪليل سستا موبائل مئسيج اهو احساس ڏياريندا هوندا؟ مان سمجهان ٿو ڪڏهن به نه! پارس ۽ پٿر ۾ ڪجهه ته فرق آهي!
رشتا ۽ رشتن جو احساس اڄ پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو آهي. هڪ وقت هو ماڻهو سالن جا سال گڏ رهندا هئا. مرڻ جيئڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ کائڻ پيئڻ سندن گڏ هو. تڏهن وڃي هڪ ٻئي کي پرکيندا هئا ۽ پوءِ دوستي ڪندا هئا ۽ اڄ دوستيءَ جا پئمانا ڪهڙا آهن؟ ڪنهن به اڻڄاڻ نمبر تان دوستيءَ لاءِ مئسيج ايندو هاڻ هي طريقو بچيو آهي رشتا ٺاهڻ جو؟ جنهن ماڻهو جي فطرت، عادت، خصلت ۽ لهجي کان اوهين واقف ناهيو ان کي سڌي دوستيءَ جي آڇ ڪرڻ احساسن جو موت نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اهو ئي سبب آهي جو اڄ جون دوستيون جٽادار ثابت نه ٿيون ٿين. هي عارضي رشتا پنهنجي عمر جلد ئي پوري ڪري بي موت مري ويندا آهن ۽ پوءِ اسين نڪرندا آهيون ڪنهن نئين دوست جي تلاش ۾ ۽ اسان کي انتظار هوندو آهي ڪنهن اڻڄاڻ نمبر تان آيل نئين مئسيج جو.
اڻ ڄاڻائي جو اهو عذاب اسين آخر ڪيستائين سهنداسين؟ اسان جي برداشت جو پئمانو نيٺ ته لبريز ٿيندو ته پوءِ نتيجو ڇا نڪرندو؟ اسين ڇو نٿا سوچيون ڇو اٻوجهن جيان ايڪويهين صديءَ ۾ به هٿ تي هٿ رکي ويٺا آهيون؟ ان سوال جو جواب ڪنهن وٽ به ناهي. اسان جو ضمير اسان جو احساس ڪٿي دفن ٿي ويو آهي. سڄي سڄي رات موبائل تي ڳالهائيندي اسان هڪ لمحي لاءِ پوئتي پنهنجي گهر طرف ڇو نه ڏسندا آهيون؟ اهو گهر جنهن ۾ اسان جي ماءُ آهي، اسان جون ڀينرون آهن